شاعري

غزل

شاعر خاصخيلي

مُرڪي آ ڪا نار مُهاڻي ڪينجهر تان،

ڀَڙڪو ڏيئي ڪا ڪُونج اڏاڻي ڪينجهر تان.

سار لهي ڪا آئي من جي ساگر تي،

آئي کڻي ڪا يار پراڻي ڪينجهر تان.

سُر ڪاموڏ مان ورنايان پيو شاهه لطيف،

تنهنجون وايون شام سومهڻي ڪينجهر تان.

نينهن جو نازڪ ٻوٽو مون به لڳايو آ،

ها! پر گهُرجي ٿورو پاڻي ڪينجهر تان.

ڏيئي دلاسا دل کي ويٺو سمجهايان،

تون به نه آئين! آس اجهاڻي ڪينجهر تان.

پنهنجو پنهنجو پيار سَلي ٿي هڪ ٻئي سان،

مومل نوري، سسئي سهڻي ڪينجهر تان.

توبن ڪو آرام نه ئي ٿو چين اچي،

نيڻن روئندي رين وهاڻي ڪينجهر تان.

توکي ساري تنهنجو شاعر! رات رُنو،

ياد ڪري ڪا پريم ڪهاڻي ڪينجهر تان.

***

ويرون

آسي امين ٿھيم

زندگي

پيئاڪَ جي

ٽهڪ وانگر لڳي هئي

جڏهن هوءَ ملي هئي،

پر هن جي وڇوڙي

ترت

هيءَ سڌ ڏني ته

زندگي

بي پلاٽ ڪھاڻيءَ سواءِ

ڪجھ ناهي…

جڏهن هن جون ڳالهيون

ڀر ويهي ٻڌندو هئس

ته لڳندو هو

ڄڻ ساگر مان ويرون

اڀرنديون هجن،

ھوءَ ديوي

بنھ ڪانَ هئي

ساک سان

هوءَ ته اھا ڪائنات هئي

جتي ديوتائن جي پرورش لاءِ

جنتون جوڙيون ويون،

مون کي غم جي گهرائين وچان

چوڻ ڏيو

ته ماڻهوءَ جو مستقبل

جهنم تڏهن ٿئي ٿو

جڏهن هن کان پيار کسجي ٿو

جڏهن هو ڪنهن، ڪبوتر کان

محروم ٿئي ٿو.

***

غزل

سليم ڪنڀر

بي مروت سان ڀلجي ڪڏهن پيار نه ڪر

بي لوث جي پيار جو ڪڏهن انڪار نه ڪر

سياڻن سان سياڻپ جو تڪرار ڀلي ڪر

جاهل سان ڪڏهن عقل جو اظهار نه ڪر

قرآن ڪڇ ۾ کڻي، هو ڀلي اڏامندو اچي

ڌارئي جي قسم تي ڪڏهن اعتبار نه ڪر

تون سمجهين ٿو ھي ٻيڙو نه ٻڏندو ڪڏهن ڀي

سمندر جي ماٺار تي، انڌو اعتبار نه ڪر

تو گهر گهاٽ ڏيئي، احسان ڪيا هر آيل تي

ڪم ظرفن تي اهڙا احسان هر بار نه ڪر

توبهن جي اميد تي نه ڪر گناهِه ڪبير بار بار

”خدا معاف ڪندو“ وري اهو تڪرار نه ڪر

دل هٿن ۾ چيري، کڻي آيس، چڪاسي وٺ

منهنجي محبت جي ثبوتن جو انڪار نه ڪر

***

غزل

عابد انجم مھيسر

شرافت جي شڪنجي ۾، پيا ڦاسي اسان پارا،

بردباريءَ مان پيا بنجي، آھن باغي اسان پارا.

نچوڙي نور نيڻن جو، وڃايون وقت پيا واقعي،

حياتي پوءِ به مشڪل آه، پوڙھپن ۾ اکين ڌارا.

ڏولاوا ڏينهن ۾ ڏاڍا، ڏِسون پيا روز روزانا،

سھون پيا سور سڀ ساري، ڏنا پنهنجن ھِنِ سارا.

وڃائي ننڊ نيڻن آه، سجائي رات ڪئين سپنا

شرمنده تعبير نه ٿي سگهيا، اھي خوابن ڀريا کارا.

لڳا بهتان ھِن ڏاڍا، بنا ڪنهن ڳال ڳالھوڙي،

ٿيندا ظاھر وري ھڪ ڏينهن، اهي پاڻ ئي اڇا ڪارا.

بغاوت ۽ بکيڙي جو، وري آه دؤر موٽيو ڏِس،

لکين منظر ڏٺا تو به، ھوندا راھي اي دل وارا.

سانڍي غم جيءِ سان پيارا گذاريون ڏينهن جياپي جا،

جھريل جيئڙي ڀِنِل نيڻن، شب و روز ئي شوڪارا.

انجم! تقدير جو ماريل، آھي ھڪ شخص ويچارو،

لڳا ڌڪ دل تي آھن، ھٿان پنهنجن جي ڪاپارا.

***

غزل

زين کوسو

گهڻي روشنائي انڌو ٿي ڪري،

گهڻي ويجهڙائي سنڌو ٿي ڪري.

چڪيءَ ۾ رڳو پيسجي ٿي عوام،

سياست اسانجي ڌنڌو ٿي ڪري.

فلاحي رياست عوامي ڀلي لئه،

پني جڳ سڄي کان چندو ٿي ڪري.

وڏن کان ٻڌون ٿا ڪني هڪ مڇي،

سڄي جر کي بيحد گندو ٿي ڪري.

***

بيت 

طارق امر

اڇلائيندي ڪانَ، ٿڪجي پيا هِن ڪيترو،

ڪيڏا هن نادانَ، گهائڻ چاهن چنڊ ٿا!

توڙي تکا ڏينهن، پو به نه مڱي ڇانو مون

توڙي وُٺا مينهن، پو به نه ويئس واٽ تي

ڇا لئه ناهي او ميان! توکي هٿ ۾ لَٺُ

هان هيءَ مون کان وٺ، ڪم ايندئي ڪٿ واٽ تي

وڍيو ويو آ وير ۾، نم جو گهاٽو وڻ،

آڳر کان اوڇڻ، کسيو ويو آ ڇانو جو

لاهج پنهنجي لڱن تان، نيئر تون هاڻي

ڇا هي سڀاڻي، پرائيندين پٽ کي؟

ڪي ڪي گهري ماٺ ۽، ڪي ماڻهون طوفان،

ڪي ماڻهون حيوان، ۽ ڪي جهڙا ديوتا.

منهنجي سيني ۾ ويو، ٻڙڪائي گولي

منهنجي ئي ٻولي ڳالهائيندڙ هو ميان!.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments