ادبشاعري

شاعري  

ڪريم چانڊيو

شاديءَ جي شرنائي آهي، ڄاڻان ٿو

هاڻي هوءَ پرائي آهي، ڄاڻان ٿو

پڙهندي آ ميسج، نه ورندي ڏيندي آ

هيءَ ڀي نيم جدائي آهي، ڄاڻان ٿو

ويندي ويندي ڦاهي ڏيندي ٻانهن جي

انتم هي سنوائي آهي، ڄاڻان ٿو

مون کان پو متبادل، منهنجو ڳولهيندي

مون کي پڪ اهائي آهي، ڄاڻان ٿو

خوشبو جي تاثير ٿڌي آ، جيڏل آ

موٽي پيڪين آئي آهي ڄاڻان ٿو

هڪڙو آئون نه تنها منهنجا ڀائر ڪئين

من من ۾ تنهائي آهي، ڄاڻان ٿو

تنهنجي وئي کان پوءِ ته باقي پاڙي ۾

ڌوڙ اڏي پئي ڇائي آهي، ڄاڻان ٿو

بوتل دُرٍدً گلاس ٻڌائن پيا ڳالهيون

پي ويو رات سوائي آهي، ڄاڻان ٿو

***

”وھم“

ياسمين جاگيراڻي

دل جي اٿاھ گهراين سان

من جي پوري سچائي سان

دماغ جي سموري ڌيان سان ڪيل

محبت!

به ھڪ ڏينھن بي معنيٰ ٿي پوندي آ

صبح جي پهرين ياد!

رات جو روز ورد ڪيل محبوب

هڪ ڏينهن پرايو ٿي ويندو آ

ڇو ته هن جي وڏي دل ۾

روز نئين محبوبه لاءِ

نئين جڳھ پيدا ٿيندي آ،

وڏن وارن واري عورت کي

وڏي گاڏي پسند اچي ويندي آ

هي نئين دنيا آهي

هتي پراڻن جذبن جي ڪا به جڳھ ڪونھي!

ڊسپوزبل ڪراڪري

پورٽيبل فرنيچر

آرٽيفيشل جيولري جي دور ۾

ڪجھ به خانداني ناهي

نه ئي ڏاڏي جي دور جو فرنيچر

نه ئي ڏاڏي ۽ ناني جا خانداني زيور

توهان کي تحفي ۾ ملي سگهن ٿا!

نه ئي توهان جو محبوب

سڄي حياتي توهان جو ٿي سگهي ٿو

توهان کي مجبور ڪيو ويندو ته

پراڻي محبت کي ڊليٽ ڪيو

توهان ڪرب ۾ رهندئو

ڏينهن رات!

ننڊ ۽ جاڳ جي اهڙي حالت ۾

جڏهن توهان کي لڳندو

منهنجي محبت سچ ھئي!

منهنجي زندگي جو آخري سچ!

پر توهان کي اهو يقين ڪرڻ تي

مجبور ڪيو ويندو ته اهو

سڀ وقتي هو!

اهو خواب هو!

وساري ڇڏيو!

اڃا زندگي پئي آ

محبت ڪرڻ لئي!

توھان دل شڪسته ٿي

ڊليٽ ڪندئو سڀ ڪمينٽ ڀي

بلاڪ ڪندئو پراڻي محبت کي

پر اگر توهان جي دماغ ۾

وسارڻ جي طاقت آهي ته

توهان به نئين محبت ڪندئو

ڊجيٽل اسڪريپ،

ڪلائيمينٽ چينج،

سائونڊ پاليوشن

۽ سائيبر ڪچري

سان گڏ واڌارو ڪندئو

جذباتي ڪچري جو

ها پر اگر توهان جي

وسارڻ شڪتي مضبوط نه آهي

ته توهان ان هڪ ئي محبت

جي مليل گلن ۽ گهاون تي زندگي گذاريندئو

۽ انڪار ڪندئو

جذباتي ڪچري وڌائڻ جو.

***

غزل

خيال کتري

حوس جا پڄاري ڪھن نـنگ پنھنجا

ڇنن ٽار مان ٿا ســــدا سـنگ پنھنجا

ھــٿن ســاڻ چيري بـــــدن ڀان ڀوري

رکيا ســوز سوري چپن چنگ پنھنجا

ھڻي تير ڀالا ڪــري ڀونءَ زخمي

وڌائي وِکن کي ھنيا ونگ پنھنجا

ڪري ڪِيس قھري ڪيو منھن کي ڪارو

پسايا دنــيا کــــــــــي اصـــــل ڍنگ پنھنجا

سکيو ڪين ڪنھن کي ڏسڻ ٿا ته چاھين

وڌايو وڃــــــــن ٿا حـــــــدون دنگ پنھنجا

ھـــڻن ٿا ڇـريون ســـــي پيا گڏ جي کائين

گُڪا چـــــــــــور ســــچــلا ٿيا منگ پنھنجا

رھـــــــــيو منصــــفن ۾ ڪرڻ عـــدل ناھي

نه محــفـــوظ ڪي ھت رھيا انگ پنھنجا

ڏيون غير کي ٿا رڳو ڏوھ ڇا لئه

ھڻن نانگ وانگي پيا ڏنگ پنھنجا

شرافت جو ليڪو ٽپيا رئيس کتري

ڪري ڏاڍ مڙسي رڱيا رنگ پنھنجا

***

غزل

جمشيد حسرت رند

عشق ڏنو درد ۽ سزا ڪا ڪجي شاعري

نه ملي زماني مان وفا ڪا ڪجي شاعري

اسان شاعر ڪڏهن هئاسين اي شاعري!

دردن ڏني آ صلاح ڪا ڪجي شاعري.

منزل ٿي پئي نهاري رڳو اسان ڏي

ناهي ملي اڃان راهه ڪا ڪجي شاعري

سڪرات به نه آهي پوءِ به الائي ڇو

منجهيل آ اسان جو ساهه ڪا ڪجي شاعري

لڙڪن مان ڳولهيون ٿا پيا ”جمشيد“

حسرت جي دوا ڪا ڪجي شاعري.

***

وائي

مظهر علي ميربحر

ڏک سور ڏسي مايوس نه ٿي

وک کي اڳتي سور

ھنن ڏکن جو زندگيءَ منجھان

گھٽجي ويندو زور

وک کي اڳتي سور

مدد ڪندين جي مسڪينن جي

ماڻھو سڏبين مور

وک کي اڳتي سور

پنهنجي جان ۽ مال سمورو

سنڌ امڙ تان گھور

وک کي اڳتي سور

ماڻھو، لتاڙي ھليا ويندئي

جي ٿيندين ڪمزور

وک کي اڳتي سور

***