شاعري May 2021
مشتاق گبول
در منجھ ديد وجهندي، در ديد ٿي ويو آ،
مان ديد ٿي وئي هان، گهر ديد ٿي ويو آ،
پٿر جي مُورتي ٿي، سُڌ ٻُڌ ڀُلائي ويٺيس،
احساس ناهي توکي، ڪيڏي نه دير لاتئه،
مون چانھ هئي رکي جا، سا چانھ هارجي وئي،
چُلھ تي ڪَڙهي ڪَڙهي جا، ٽاپي ۾ ٻارجي وئي،
پٿر جي مُورتي ٿي، سُڌ ٻُڌ ڀُلائي ويٺيس،
احساس ناهي توکي، ڪيڏي نه دير لاتئه،
تنهنجي اچڻ جو ساجن، ويو وقت جيئن گُذري،
آيو هٿن ۾ منهنجي، سيني مان ھانءُ نڪري،
پٿر جي مُورتي ٿي، سُڌ ٻُڌ ڀُلائي ويٺيس،
احساس ناهي توکي، ڪيڏي نه دير لاتئه،
سڀني جا موٽِيا ور، هڪڙي اُٻاڻڪي مان،
سڀني ها ٻُوٽِيا در، ٻُوٽي نه ماڻڪي مان،
پٿر جي مُورتي ٿي، سُڌ ٻُڌ ڀُلائي ويٺيس،
احساس ناهي توکي، ڪيڏي نه دير لاتئه.
***
نسيم عباس سومرو
توھان جي اکين ۾، مون جيڪي ڏِٺو هو،
اُھو حُسن ساڳيو، سنڌوءَ تي سجيو هو.
ڏسان هان سنڌوءَ ڏي يا محبوب مُک ڏي،
اهو فيصلو مون، اکين تي ڇڏيو هو.
مڌر تُنهنجو آواز، لهرن جي رُخ تي،
ڪنارن مٿان، سانت توکي ٻُڌو هو.
جڏهن وار چهري تي، وکري ويا ها،
هوائن تڏهن، توکي مُرڪي ڏٺو هو.
جڏهن پير نازڪ، تو واريءَ رکيا ها،
ٿڌيءَ رَيت تن کي چپن سان چميو ھو.
اسان تُنهنجي نيڻن ۾ سانجهي ڪئي هئي،
عجب هي خدائيءَ جو، منظر ڏٺو هو.
جتي لفظ، ساهن ۾ اُلجهي پيا ها،
اکين ئي اکين ۾، ڪو نياپو ڏنو هو.
تڏهن تُنهنجي جوڀن جو انداز ٻيو هو،
سندم چاهتن ۾، نئون ساهُ پيو هو.
تڏهن تُنهنجي هر ڳالھ مون سان جڙيل هئي،
اڃان تُنهنجي خوابن جو، آغاز ٿيو هو.
اڃان روح رشتو، جُڙيو پي اندر ۾،
اڃان جِيءَ جهرونڪو مون آباد ڪِيو هو.
گهڙين جي سفر ۾، صديون گڏ رهياسين،
حقيقت ۾ هڪڙو، پهر زندگي جو.
توھان جي اکين ۾، مون جيڪي ڏِٺو هو،
اُھو حُسن ساڳيو، سنڌوءَ تي سجيو هو.
***
ته آهستي آهستي ايئن ئي ڪنهن ڏينهن مري نه وڃو…
پئبلو نرودا (چلي)
ترجمو: انيتا ڪمل
جيڪڏهن سفر توهان نه ڪندؤ
هستيءَ جو ڪتاب نه پڙهندؤ
نه گيت حياتيءَ جو توهان ٻڌندؤ
نه پاڻ کي سڃاڻي سگهندؤ
ته آهستي آهستي ايئن ئي ڪنهن ڏينهن مري نه وڃو
جيڪڏهن عزتِ نفس پنهنجي ماري ڇڏيندؤ
مدد ٻين کان توهان نه وٺندؤ
ته آهستي آهستي ايئن ئي ڪنهن ڏينهن مري نه وڃو
تراشي پنهنجي انا جي شهه تي
هميشه هڪ راهه تان گذري
نه ڏينهن رات کي بدلائي سگهندؤ
نه رنگ تصوير ۾ ڀريندؤ
نه ڌاريائپ وساري هر ماڻهوءَ سان ملندؤ
ته آهستي آهستي ايئن ئي ڪنهن ڏينهن مري نه وڃو
جيڪڏهن توهان کي توهان جو جنون به ناپسند هوندو
توهان جي جذبات جو ٿڙڻ لڪير جو هڪ فقير هوندو
توهان جي اکين جي روشني جهڪي ٿي نه پوي
توهان جو دل، ٻڏندڙ چنڊ ٿي نه پوي
ته آهستي آهستي ايئن ئي ڪنهن ڏينهن مري نه وڃو
جيڪڏهن اڻٽر مصيبت جي خوف کان
ڪنهن بي سبب خوف جي اثر کان
توهان پنهنجي خوابن جو پيڇو نه ڪندؤ
۽ هڪ ڏينهن پنهنجي زندگيءَ ۾
بدن جي حد کان ٻاهر نه ايندؤ
ته آهستي آهستي ايئن ئي ڪنهن ڏينهن مري نه وڃو
***
غزل
ابڙو ثاقب رشيد هالائي
وَري وڃــجي، ڀلا ٻيو ڇـــا!
مَري وڃــجـــي، ڀلا ٻيو ڇـــا!
سِـڌيَ ساديَ جِي جاء ناھي
کــــــري وڃــجي ڀلا ٻيو ڇـا!
ٻَرِي ٻارڻ نه ٻاريوســــــين،
ٺَري وڃــجــي ڀلا ٻيو ڇــــــا!
نه ٻيڙي آ نه ناکــــــــــــــــو آ،
تري وڃـجـــــــي ڀلا ٻيو ڇــا!
ڄمي ھـــــن دور ۾ ڦاٿـس،
ڳـــري وڃجـــــي ڀلا ٻيو ڇــا!
ڪَڙو دَرَ کي، ٽُپِي گَھر جِي،
دَرِي وڃجي، ڀلا ٻيو ڇـــــــا!
چوي ٿو خود ڊڄو مونکان،
ڏري وڃــجـــــي ڀلا ٻيو ڇـــا!
سَــڄِي اوتــيَ، ڇڏيَ ٿورِي،
ذري، وڃــجـي، ڀلا ٻيو ڇــا!
***
آتم دراوڙ
دوست پاليان ٿِي،
ڪُتو؛ تون، ڪاهي وڃ،
هڪ ئي وقت دوست ۽ ڪتي کي،
گهر جي گِھٽين کان واقفڪار ڪري،
ٻه ٻه دوست اڱڻ هَيرا،
مان، ته نٿي ڪري سگهان،
ڪتو؛ تون ڪاهي وڃ،
دوست پاليان ٿي،
ڇا ٿي پيو جَي
فرج ۾ بجائي رکڻ جي لاءِ،
ڏيڍ پاء کن گوشت نه بچيو،
دوست کي ئي ته کارايم،
ڪتو؛ تون، ڪاهي وڃ.!
***
غزل
مخدوم آسيه قريشي
مري ڀي ڏٺوسين جلي خاڪ ٿياسين رِڻن ۾ رهياسين،
اوهان کان سوا پئي برن ۽ پٽن ۾ اڪيلا رلياسين.
ڌڪا کوڙ کاڌا، نگاهون اڃاريون کڻي ايئنءَ هلياسين،
نه ٿوَ ڄاڻ سائين اوهان جي ڪري ها، صليبن ٽنگياسين.
ٻڌو او! ٻڌو ٿا؟ مرڻ ۾ مزو هو؛ سڙڻ ۾ مزو هو؛
پرينءَ جي ڪري بس ٻريل آڳ سان ايئنءَ ٻَکين پئجي وياسين.
اڙي بس! ڇڏيو يرَ! پڇو نه ته لُٽيو ڪيئن اجهو دل لڳيءَ جو؛
هڻي ڌڪ وڏا، دل- ڪڍيائون اسين چُپ. نَڪو ڪجھ ڪڇياسين.
***
نظم
عبدالغني شر
گهگه اڃاري ڀٽ مٿان اڄ
چيٽي چنڊ جي ڇانو لٿي آ
واهوندي جي واء ٿڌي ۾
جهر مر تارا جرڪن پيا ٿا
پيهي تي هو پوڙھو ننڊ ۾
سک جا ڪيئي خواب ڏسي ٿو
ٿورو پريان ڄارين وچ مان
ٿونا هڻندي اٺ رنڀي ٿو
پن ڇڻ وانگي خواب ڇڻن ٿا
هڪ جواني ساهن ۾
ٿي پيار سمائي
خاموشين جي ڇير وڄائي
اندر ۾ ڳالهائي ويٺي
پنهنجو پيار پڪاري ويٺي
هن جي خماريل نيڻن ۾
سانوڻ جهڙو سرگم آ
اوسيئڙي ۾ ساھ ٿو نڪري
اندر هن جي ڪاڙھو اڪري
هي لوڪ نه تنهنجو منهنجو آ
ھت ڪير ٿو ڪنهن سان ساٿ نڀائي
ھيء منهنجون لوڪ پچارون توسان
اندر جون اپٽارون توسان
مونکي اهڙي ڪل ڪٿي هئي
پيار هي ايڏو اوکو آھي
پل پل تي ڄڻ دوکو آھي.
***
غزل
شاهه زمان ڀنگر
روح جا رستا کـُلـَڻ جي دير آ،
هانوَ جون ڦاڪُون ٿيڻ جي دير آ.
منهنجو سرمايو وفا آهي مگر،
بيوفائي ۾ ڀُرڻ جي دير آ.
ڪيترا چهرا مٽائيندين ڀلا؟
رات جو راڱو رکڻ جي دير آ.
چار جملا ئي چِٿيندا لوڪ کي،
هي سِبِيَل چپڙا کـُلـَڻ جي دير آ.
ڪيترا ڪرندا مُناره پـَٽَ تي،
لفظ جي حرمت ٽٽڻ جي دير آ.
آجيان ٿيندي نئين هر گهاوَ جو،
زخم سيني جا ڇـُٽَڻ جي دير آ.
ڪو پتو ناهي ته ٿيندو ڇا ڀلا؟
بس رڳو ٽانڊو دُکـَڻ جي دير آ.
***
هوش محمد ”هوش“ کوسو
سانيٽ
اڄ امان جي قسم کي ٽوڙي وري
تو مٿان سانيٽ ڪوئي پيو لکان
ھا مگر! مون ايئن ڪڏهن ناهي ڪيو
سوچ تو سان دل آ منهنجي ڪيتري
لوڻ سان ڄڻ زخم ڌوئي پيو لکان
ڇو رسي وئين توکي مون ڇا ھو چيو
ڪين تو سان آ شڪايت جي ذري
حسن جي ملڪا فلڪ جي تون پري
ھر رسم ٽوڙي سگھان ٿو ڪاڻ تو
ھا مگر مون ھي ڪڏهن سوچيو نه ھو
ھي قسم ٽوڙي سگهان ٿو ڪاڻ تو
ھوش منهنجو ٿي خطا جو آ ويو
سنگ دل تون ايئن نه ٿي انصاف ڪر
اچ امان کي چئون امان اي! معاف ڪر.
***
نظم
ڪيلاش ميگھ
ٻڏل سج توسان ٻٽيھ دليون آھن
سڀاڻي تائين سلامن جون سوکڙيون
توکان ورتيوسين، توکي ارپيون آھن
۽ اسان کان کڻي وڃ محروميون
جيئن چنڊ اچي جاڙکن پويان!
مڃان ٿو ته تو سواءِ حياتي ناهي
جهيڻي جهڪي آ، جهٽي ڪاتي ناهي
مگر پيار بنا بن بن بات نه ٿيندي
نم نٿ وانگر اڱڻ ۾ وچ تي بيٺل
اوندهو نڪ اندران نمڻ ٿميندي
پيئو پاند پلٽائي سندءِ ڪمن ڪاهي
جيئن چنڊ اچي جاڙکن پويان!
ستارا به لڳن ٿا نباتاتي لٺ ٻيلا
آبشارن جي ڀرسان واڄٺ بتيلا
ناو ڪٿي اوڏانهن اڪري وئي هلي
۽ هوا اجهو هاڻي هتي آئي گهلي
يار! وڳو تنهنجو ويو آ ڪيڏانهن
ڏسڻ ۾ اڳي ايندو هو هوڏانهن
ڌرتي به نٿي هلي سج بنا هن مدار تي!
مگر اسان جو به نٿو سري بنا هن يار جي!
***
وائي
منتظر سومرو
ورائي ورق يادن جا،
حياتي جو رلائي ٿي،
الائي ڇا تلاشي ٿي؟
اُڊيڙي ننڊ منهنجي کي،
خوابن کي سِبائي ٿي،
الائي ڇا تلاشي ٿي؟
نه واڌو آ نه ڪاٽو آ،
نه ڪا پاڇي بچائي ٿي،
الائي ڇا تلاشي ٿي؟
بکي انگاس تي ناري،
خدا کي ڪجهه ٻڌائي ٿي،
الائي ڇا تلاشي ٿي؟
***

