شاعري
غزل
وسيم سومرو
زخم ئي زخم هئي چاڪ ئي چاڪ هئي
پيار جي ڪا ڪٿا ٿي وئي واڪ هئي
هن جي تصوير ۾ چپ هن جا هئا؟
يا رکيل انب جي ڦاڪ تي ڦاڪ هئي
ريشمي ڪنهن سڻيءَ جي سنهي سُٽ سان
ڇا ته پوتيءَ مٿان تو ڀري آڪ هئي
پاڻ جاڳي ڏٺو صبح جي پاند تي
پنکڙين جي مٿان چمڪندڙ ماڪ هئي
ان جي پيرن ۾ هو پنڌ پٻ جو لکيل
ڇوڪري هوءَ جا پينگهن جي هيراڪ هئي
ننڊ منهنجي هرڻ ڇال ٿي وئي هئي
ياد آئي جڏهن يار جي ڍاڪ هئي
سير ۾ پئي ڇُلي اڄ به سهڻيءَ جيان
ڇيڳري نينهن ۾ دل اڃان ڇاڪ هئي
هڪڙي وڻ ڇانو ۾ ٻئي هئاسين اسين
ڪانگ جي اک پئي نڪتي منجهند ٽاڪ هئي
اي وسيم آ ٺري انتظارن ۾ ٿي
هاڻ هيءَ زندگي ڄڻ کُليل تاڪ هئي
***
غزل
فياض چنڊ ڪليري
رشتن جي رسوائي ماري وجهندي آ،
ميلي جي تنهائي ماري وجهندي آ.
بخمل جهڙا خواب جڏهن ٿا پرزا ٿين،
اکڙين جي لالائي ماري وجهندي آ.
منهنجي چاهت تارازيءَ ۾ توري وئي،
سوچ اها هرجائي ماري وجهندي.
هڪڙو ظالم فرد سنڀالڻ سولو آ،
قوم ٿئي ڪاسائي ماري وجهندي آ.
“چنڊ” خوشين جا گيت لکي هر شاعر ٿو،
وڍيل دل جي وائي ماري وجهندي آ.
***
عاشق هالائي
سامهون ته هُن جو ۽ منهنجو گهر، آهي
مون کي خبر ته هو ڪيترو معتبر، آهي.
ماڻهو سڀ ته هن کي ماڻهو چون ٿا پر
انسانن چيو ته هي پهڻ پٿر، آهي.
هن جو تَر آهي، ڏاڍو ڏاڍ ڏمر آهي
صورت سبحاني پر ظالم ستمگر، آهي.
عجيب چڪر آهي سهڻ وارن جو جگر آهي
خبر نٿي پوي ڪيو ڪهڙو منتر آهي.
جو ڀي سُخنور آهي، خاموش ڄڻ ٿر بر آهي
“عاشق” زماني ۾ شايد هلندو مڪر آهي.
***
غزل
مشتاق گبول
ڏِس نظر سان نظر جي حيراني،
جئن رهي گهر ۾ گهر جي حيراني،
ڪا ته معني ضرور آ رکندي،
تو اڳيان گل مهر جي حيراني،
حيرتن جي جهان ۾ آهيان،
پيار آ عمر ڀر جي حيراني،
ڇو کُٽي ئي نٿي، وڃي وڌندي،
هر قدم تي سفر جي حيراني،
ڪالھ جي ڳالھ تون نه پُڇ مون کان،
ڪلھ ھئي بس قهر جي حيراني،
ڪيستائين ڀلا وڃي رَسندي،
ڪاٿي کُٽندي بشر جي حيراني،
ڪيترا ها مُئا، بچيا مشتاق،
زهر کان پُڇ زهر جي حيراني.
***
غزل
مخدوم آسيه قريشي
مان ٿي توکي چاهيان مٺڙا!
سھڻي، مومل، آهيان مٺڙا!
ويجهو هوندي ايڏي دوري؟
تنهنجي مان ڇو ناهيان مٺڙا؟
اڏري اڏري ٿڪجي پئي هان،
ٿورا مان پَرَ- ساهيان مٺڙا!
ڇا جي مومل؟ ڪهڙو راڻو؟
ڪنهن جا پنڌ پڇايان مٺڙا؟
خط ۾ لکجان! “هيل اچين ٿو،”
جئن مان ڦول ڇٽايان مٺڙا!
***
غزل
محمد علي صارم سرهيو
حسين تو کان ڀلي هجي ڪو،
حسين مون کي نٿو لڳي ڪو.
خدا پناهه ڏي سدا انهيءَ کان،
بُري نظر تو مٿان رکي ڪو.
هِتي ته هر وقت ئي هجي ٿو،
هُتي به طوفان اڄ اٿي ڪو.
عوام خوشحال ٿي وڃي شل،
نظام اهڙو اچي وڃي ڪو.
دُکان پيو ڪيترو اندر ۾،
هوا ته مون کي هڻي ڏسي ڪو.
وڏي اذيت فراق ۾ آ،
نه بس پرينءَ کان جدا ٿئي ڪو.
هِتان هلون هاڻ جلد صارم،
متان نه صدمو وري رسي ڪو.
***
غزل
فرزانه شاهين
اوهان ڏانهن پيارا تڪيندا رهون ٿا،
کڻي دم ڏکارا تڪيندا رهون ٿا.
کٽن ڪونه سارون پچارون اوهان جون،
سڄي رات تارا تڪيندا رهون ٿا.
کڻي سج به مهراڻ جا رنگ ويو ڄڻ،
اماوس اڪيلا ڪنارا ڏسون ٿا.
اڃان سور پنهنجا رهن ساهه ۾ ٿا،
ڪڏهن پيا ورن پنهنجا وارا ڏسون ٿا.
اوهان جون نگاهون ڏسن ڏيهه سارو،
گهڻي کان اوهان ڏي خدارا ڏسون ٿا.
خوشي راس احساس کي ڪيئن ايندي،
گهڻا جيءَ جڳ ۾ ڏکارا ڏسون ٿا.
جتي ڪالهه شاهين، ڪيو پنڌ گڏجي،
ٻه ٽي لڙُڪ ڳاڙي سي چارا ڏسون ٿا.
***
نثري نظم
واپسي
امداد ڪانهيو
مون کي اڄ ڀي ياد آهي
اُهو ڏينهن…
جنهن ڏينهن تي پاڻ
پهريون ڀيرو مليا هئاسين!
تُون ڪُنڊ ۾ ڪوماڻي ڪوماڻي
۽ ويڳاڻي ويٺي هُئين…
۽ تنهنجو مايوس چهرو
جنهن تي اُداسين جا انيڪ پاڇا
ائين جيئن
وِسري ويل ڪو خُواب هُجين
رهجي ويل ڪو باب هُجين
بي ست، بي بُت،
سرد ۽ خاموش هر حرڪت
وِساڻل ۽ هارجي ويل هانءُ تنهنجو
ڄڻ نِهوڙجي ويل ڪو نِينهن…
مون کي اڄ ڀي ياد آهي
اُهو ڏينهن…
ڪاراٽجي ويل تنهنجو چهرو
زرد اکيون ۽ اکين هيٺ
اُهي قبر جهڙا ڪارا داغ
۽ ڪنهن شخص بيوفا جا سانڍيل
پنهنجي بي حس وجود ۾ ڪي اڀاڳ
اُهو تنهنجو خالي پڻو
۽ حسرت ڀريون نِگاهون
تعزيت جي نوحن وانگي
تنهنجي ڏيک ويک تي پڌريون
توکي پائي رهيون هُيون…
حالتون اُهي بس
توکي کائي رهيون هُيون…
تو خود کي ڄاتو ٿي
پُراڻي ڪنهن پُرزي جان
ڊهي ويل ڍيري وانگي
زندگي جي ڦيري ۾
اُن ويل تون…
هار جي آخري حد تي
اُهي قدم پنهنجا
پئي ڪِرندي ڏٺا
هُئا جيڪي ڪڏهن شينهن…
مون کي اڄ ڀي ياد آهي
اُهو ڏينهن…
تنهنجي اهڙي هار
منهنجي هانءُ ۾ هٿ جان لڳي
مون هر ڏس ڇڏي، هر ڏسا ڇڏي
هر وِک ورائي ٻي سڀ آشا ڇڏي
مون هڪ پوپٽ پڪڙي
تُنهنجي مُٺ ۾ ڏنو
مون هر ماٺ مروڙي
ڪا مُرڪ آڇي
۽ ڀئونر جان تو ڏي ڀرجي آيس
پاڻ سان گڏ تو کي پائي
تنهنجي مورت آڏو مون
پنهنجو ڪنڌ نِوايو
پنهنجي ٻُڪ ۾ تنهنجو مُک پڪڙي
مون چنڊ جان توکي چِتايو
۽ جا هُئي خاڪ کنيل صدين جي
سا خاڪ وئي خوشبوءَ بڻجي
ته بس تنهنجي ڀر ۾ بيهي
ڪجهه ٽهڪ توکي ڏيندي
هار جي ڪنڌ تي
پئجي ويل تنهنجا پير
موٽائي ورتا مون چنگ جي چورڻ سان
۽ پنهنجو پاڻ گهورڻ سان…
تو پوپٽ پڪڙي منڊ منڊيو
منڊ منڊي تو جِند جهٽيءَ
۽ ماٺ ماري مُرڪي پئين
مُرڪي تون پئين
ڄڻ ڌرتي هُئي مُرڪي پئي…
ايندي ڏينهن ڪا تازگي
تُنهنجي مُنهن مان ٿي بکي
۽ هو تو به ڄاڻي ورتو
اڃان به ڪا عاشقي
توکي پاڻ آڇي ٿي
ڪي دل لڳيون، ڪا اک کيچل
هلي تنهنجي پاڇي ٿي…
۽ پوءِ ڏينهن پويان گهڻ ڏٺو
تنهنجي خُشڪ چپن تي
گُلابي سُرخي به روز
هاڻ مِهڪڻ لڳي آهي
اُجڙي ويل مزار جهڙيون اکيون
۽ اکين وارا اُهي ڪارا داغ
ڪنهن موقعي پرست ڪاڻ اِهي مجاوريون
اِها زندگي سان ٺڳي آهي
جيون آهي اڃان اڳتي
رُڪجي پوڻ اجائي جهڳي آهي…
بس ائين ڪنهن سِلي جان
سرجڻ لڳي هُئين
وري تون چهڪڻ…
چمڪڻ لڳي هُئين
اڀاڳ ڀاڳ ۾ بدلجندي
تون هاڻ مُرڪڻ ۽ پوءِ…
ڪُرڪڻ به لڳي هُئين.
تڏهن مون سوچيو هو،
“احساسن کي وڏي اهميت آ”
“۽ جذبن کي وڏي طاقت آ”
“مُحبت انسان جيئاريو ڇڏي”
“نفرت ڪائنات ماريو ڇڏي!”
پر تڏهن مون ڏٺو
منهنجي پريت جو پوپٽ
تنهنجي مُٺ ۾ مروڙجي هو ويو…
جڏهن تو خود کي ڄاڻي ورتو
۽ اِهو به سُڃاڻي ورتو
بيوفائين تي ئي نه ڀاڙجي
“دُنيا ڇا هارائيندي!؟
جي خُود کان نه هارائجي…”
مون مُرڪي تنهنجو مُک ڏٺو
تُون جرڪي جرڪي جاڳي پئين
مان ورائي توکي وٺي آيس
تون وِساري مون کي وڌي وئين
تڏهن به مون سوچيو هو،
احساسن کي وڏي اهميت آ
جذبن کي وڏي طاقت آ
مُحبت انسان جيئاريو ڇڏي
نفرت ڪائنات ماريو ڇڏي…
***
نثري نظم
سيما چانڊيو
آئون اڄ!
ڊٺل آکيرن جي وارث پکين
جيتري اداس آهيان!
ڪلھ به مون پاڻ کي ڳولهيو پئي،
تنهنجي ملي وڇڙڻ وڇڙي ملڻ
واري ضد کي ڳولهڻ لاءِ
بنا ٻڌائي نڪري وئي هئس،
جڏهن موٽي هئس ته…
تون رسي پرچڻ پرچي رسڻ واري
منهنجي عادت تي رسي ويل هئين
موٽي اچين ته ٻڌائجان
اڊڙي ويل واعدن کي ٻيهر ٽانڪو هڻون
هاڻ آئون آڌيءَ جو توکي ننڊ مان اٿاري
اکين تي سودو ڪرڻ جو ضد نه ڪنديس
۽ تون روئارڻ روئاري پرچائڻ جون
عادتون مٽائي ڇڏجان
منهنجي کل وڻي ئي ٿي
“پر” پاڻ سان کڻي نه وڃ
تون وائو جو دوست آهين
تو چنهبن ۾ ڪک ميڙيا آهن
منهنجي ڪيفيت جي تشريح ڪر
آئون اڄ!
ڊٺل آکيرن جي وارث پکين
جيتري اداس آهيان!
***