شهزاد گل ڀنگوار جي شاعريءَ تي هڪ نظر ناشاد شوڪت شنباڻي
شاعري امنگن ۽ احساسن جو نالو آھي شاعري اندر جو آواز آھي ۽ جڏهن ان اندر جي آواز کي لفظن جو روپ ڏئي ڪاڳر تي اتاربو آھي ته اهو زندگي جو خوبصورت عڪس بڻجي ويندو آھي. ڦوٽهڙي مند جيان جڏهن وڻن ۾ نوان پن ڦٽي نڪرندا ايئن ئي جڏهن ڏات شاعر جي من تي ڪنهن بانوري بادل جيان ڇانئجي ويندو آھي ته خوبصورت تخليقون شاعر جي زندگي جو حصو بڻجي وينديون آھن.
اهڙو ئي شاعر شهزاد گل به آھي جنهن جي شاعري جي سٽ سٽ ۾ گلاب جي خوشبو اوتيل آھي.
وسارڻ سان نٿو وسرين ڀلارا هيل موٽي آ
جدائي جيءُ ٿي جهوري خدارا هيل موٽي آ
اُتي آھيان اڃا تائين ڇڏي جاٿي ويو آھين
ڏکيا توبن ڪٽيان ڏينهڙا پيارا هيل موٽي آ
شهزاد گل جي شاعري ۾ انتظار جي ڪيفيت اهڙي طرح بيان ڪيل آهي ڄڻ ته هن جا نيڻ ڪنهن جي چاھ ۾ اڃايل مسافر جيان راھ ڏسن ٿا. شهزاد گل جي شاعري ۾ تمام خوبصورت پڪا رنگ آھن جن کي پڙهندي ماڻهو پنهنجي دل جي ڳالھ سمجهي ويهندا آهن. صدين جي درد کي شهزاد گل هن طرح بيان ڪري ٿو:
ڇو اسان کي سڄڻ اڄ ڌڪاريو وڃي
ڏوھ ڪهڙو ڪيم ٿو روئاڙيو وڃي
مان سدا سوچ هِن ۾ ٿو گم سم رهان
ڇــو لٽيو سنڌ کي روز ڌاريو وڃي
پياري شهزاد گل جي شاعري ڪڏهن ڏکڻ جي هير بڻجي من جي وڻن سان گفتگو ڪندي آھي ته ڪڏهن وري خوشبو بڻجي من جي درين کي کڙڪائيندي آھي. سندس هر احساس بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جهڙو لڳندو آھي. شهزاد گل شاعري ۾ هڪ نئون نالو آھي، پر سندس تخليقن ۾ نواڻ نرالپ ۽ انوکيت پڻ آھي. جڏهن ڏات جا ڪڪر شهزاد گل جي من مٿان ڇائنجي ويندا آھن هو اهڙيون خوبصورت تخليقون ڪندو آهي.
درد جي ڪر دوا ٿي خدا جو قسم
ڇو سُڻِي ڪونه ٿو التجا جو قسم
دل ۾ توکي سمائي رکيو ٿم سڄڻ
تنهنجي نازڪ مٺي هر ادا جو قسم
شهزاد گل جي غزل توڙي نظم جو پنهنجو اعليٰ رنگ آھي جنهن ۾ خوبصورت اسلوب نوان نوان استعارا ۽ محاورا سندس لکڻين ۾ نهايت بهترين طريقي سان شامل آھن سندس شاعري ۾ اندازِ بيان من کي وڻندڙ هوندو آهي.
هاءِ ڳوڙهن قطار درديلي
ڪو نه آھي شمار درديلي
تو بنا هي ڏکي آ زندگي
ڄڻ ته گذري ڄمار درديلي.
شهزاد جي شاعري مان ايئن محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ هو اندر اونهائيءَ جا گهاوَ لڪائي ڏات کي سرچاءِ لکي ٿو ته پوءِ هر صدا يا غزل جو روپ ڌاريندي آھي يا ڪنهن نظم جو. سندس لکيل هر صنف پر ڪيف نگاهن جهڙو لڳندو آھي.
جڏهن گيت توتي پرين مان لِکان ٿو
ويٺو پوءِ ڳوڙها ڳلن تان اُگهان ٿو
ڪڏهن يار ايندين تون منهنجي اڱڻ تي
پرين تنهنجا هردم مان پيرا تڪيان ٿو
پياري شهزاد گل جي اندر جو آواز (ڇو ته شاعري اندر جو آواز سڏبو آھي) بلڪل سادن لفظن ۾ بيان ڪيل آھي هر ماڻهو انهن احساسن کي ڄاتل سڃاتل سمجهندا آھن. روح جي تنهائي جڏهن وڌي ويندي آھي ته شهزاد جي قلم جي نوڪ سان اهڙيون تخليقون جنم وٺنديون آھن.
دلربا جي جدا ٿي وڃي ڇا ڪجي
ايئن اچانڪ خفا ٿي وڃي ڇا ڪجي
گل کان خوشبو جدا گل ڪومايل رهي
زندگي تيئن سزا ٿي وڃي ڇا ڪجي.
جڏهن زندگي رُسي ويندي آھي ته هر پهر اٻاڻڪو لڳندو آھي، مگر جڏهن زندگيءَ مان محبوب جي جدائي ٿي وڃي ته اها زندگي وڃايل وجود جيان ڀري پوندي آھي. شهزاد به شايد محبوب جي سڪ ۾ سڪايل آھي ڇو ته سندس هر تخليق ۾ ساجن جي سار هوندي ئي هوندي آھي.
اوهان کي ڏسڻ لاءِ سڪن هي اکيون
سڄڻ راھ تنهنجي ڏسن هي اکيون
وري هاڻ واپس تون ايندين ڪٿان
مٺا واٽ کان ڏس پڇن ٿيون اکيون
پياري شهزاد گل جي هن تخليق مان اهو واضح آھي ته سندس من ۾ انتظار جا ديپ ٻرن ٿا ۽ سندس نيڻن مان ننڊ اُڏامي وئي آھي. بهرحال سندس شاعري تي جيترو لکبو سو گهٽ آهي. ڇو ته هر حساس دل شاعر پنهنجي معصوم دل جي خون سان ڪويتائون سرجيندو آهي…
پيارو شهزاد گل نمن جي ڇانوَ جهڙي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ رهائش پذير آھي.