بلاگ

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ عالمي واقعا ۽ ڪردار مشتاق گبول

مان جڏهن شيخ اياز کي پڙهندو آهيان، تڏهن مون کي “گوئٽي” جا “موليئر” بابت چيل لفظ، هانءَ تي هُري ايندا آهن ته:

“موليئر ايترو عظيم آهي، جو هر ڀيري هڪ نئين انداز ۽ نئين تازگيءَ سان هڪ نئين روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي.”

اياز به اهو شاعر آهي، جنهن کي پڙهندي هر ڀيري هڪ نئين انداز ۽ نئين تازگيءَ سان ۽ هڪ نئين روپ ۾ پڙهندڙ جي اڳيان ظاهر ٿيندو آهي.

هونئن ته شيخ اياز جي سموري شاعري بين الاقوامي واقعن، جنگين، تباهين ۽ عالمي ڪردارن سان ڀري پئي آهي، پر مان هتي اياز جي ڪتاب “ڪپر ٿو ڪُن ڪري” جي شاعريءَ جي حوالي سان لکندس. اياز جي انهيءَ ڪتاب جي شاعريءَ ۾ عالمي ڪردارن ۽ بين الاقوامي واقعن ۽ جنگين تي ڪجهه لکڻ کان اڳ ۾ مان اياز جون سِٽون لکڻ ٿو چاهيان، جيڪي هن پنهنجي “قوميت جي تصور” بابت لکيون هيون:

“پنهنجي قوميت جو تصور، چندن جي پاڙ جهڙو آهي، جنهن جي چوڌاري ڪاريهر ڦڦڪاري رهيا آهن.” انهن سِٽن ڏيڻ جو مقصد هي آهي ته شيخ اياز عالمي ڪردارن ۽ بين الاقوامي واقعن ۽ جنگين بابت جڏهن به لکيو آهي، تڏهن هن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي درد ۽ قوم ۽ ان جي تڪليفن کي وساريو ناهي. هن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جي درد کي عالمي درد سان ملائي پيش ڪيو آهي. مطلب ته هڪ ئي وقت عالمي درد ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي درد کي ڳايو آهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي دشمنن، رجعت پرستن، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي درد کان اکيون ڦيرائيندڙ اديبن ۽ شاعرن تي به چوٽ ڪئي آهي. “ڪانگو” ۾ جڏهن رجعت پرست ليڊر “شومبي” سامراجي ٽِيڪر ۽ هُشي تي “لُممبا” کي ماريو هو، تڏهن ڪراچي جي هڪ اردو شاعر ان واقعي تي شاعري ڪئي هئي ۽ شيخ اياز، ان ڪراچي جي اردو شاعر کي مخاطب ٿي چيو هو ته:

“ڀر ۾ پنهنجي ڀاءُ تي، ڇو نه ڪيئُه ڪهڪاءُ،

ڪُوڙي تنهنجي شاعري، هَيا، تو نه حياءُ،

ڪانگوءَ جو سوداءُ، ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪرين!”

پاڪستان ۾ ان وقت ”يحيٰ خان“ جهڙي ڊڪٽيٽر جي حڪمراني هئي ۽ اردوءَ جا شاعر ۽ اديب (سواءِ ڪجهه شاعرن ۽ اديبن جي) مارشلائي حڪومت جي ظلمن تي لکڻ بجاءِ مراعتون وٺي “ڪانگو” ۽ “لُممبا” تي لکي رهيا هئا. شيخ اياز اُن وقت جيل ۾ هو ۽ انهيءَ مارشلائي دور ۾ پنجاب جا ٻه شاعر “حبيب جالب” ۽ “احمد سليم” به جيل ۾ وڌا ويا هئا. “حبيب جالب” ته شيخ اياز تي اردوءَ ۾ نظم به لکيو هو.

شيخ اياز اهڙين حالتن ۾ “ڪراچي” جي اُن اردو شاعر کي هيئن چيو هو ته:

“ڪنهن ڏورانهين ڏيهه لئه، ٻاجهاري ٻولي،

ڇو جو توکان دُور آ، “شومبي” جي گولي،

لُونءَ لُونءَ تو لولي، پِيڙا ڪنهن پرڏيهه جي.”

اهو چوڻ کانپوءِ اُنهيءَ شاعر تي چوٽ ڪرڻ، طنز ڪرڻ ۽ پنهنجي ڏيهه تي ٿيندڙ ظلمن کان اکيون ڦيرائڻ تي لکڻ کانپوءِ شيخ اياز، “لُممبا” جي درد کي محسوس ڪندي لکيو هو ته:

“آئون لُممبا آهيان ۽ ٻيو منهنجو ڀاءُ،

آهي جنهن جي پيڙ جو، مون ۾ اڄ پڙلاءُ،

گُهوري هُن جو گهاءُ، مون مان رت چِڪي پيو.”

جڏهن “هٽلر” يهودين جو قتلام ڪري رهيو هو ۽ “نازي”، يهودين کي “گئس چئمبرن” ۾ ٻوُساٽي ٻُوساٽي اجتماعي طور تي سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماري رهيا هئا، تڏهن “نازين” جي اُنهن ظلمن کي هڪ ننڍڙي نينگري لِڪي لِڪي، زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش واري صورتحال ۾ رهندي، “ڊائري” لکندي ويندي هئي. اُها ننڍڙي يارنهن ورهين جي؟ ائني فرئنڪ هئي. تنهن کي ڀلا ڪير وساري سگهندو! جنهن جي “ڊائري” دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چُڪي آهي. سنڌيءَ ۾ ولي رام ولڀ ان جو ترجمو ڪيو آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ “ائني فرئنڪ” کي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته:

“هاءِ يهودي ڌيءُ، هيءَ تنهنجي آتم ڪٿا،

ڪيئي ڏٺا ڏيهه ۾، تو جهڙا مون جيءُ،

روز سُڪايا سيءُ، ڳاڙها گل گلاب جا.”

هٽلر جهڙي ظالم، قاتل ۽ سفاڪ بابت اياز جو هيءُ بيت پڙهو:

“هُو جو جرمن ماءُ مان، نڪتو ناهَر ڦر،

اڀري ٿو تاريخ مان، هر هر سو هٽلر،

اڃان ڏاڍ ڏمر، ڏڍ کسي ٿو ڏيهه جو.”

ويٽنام جي آزادي جو جڏهن به ذڪر ٿيندو آهي، تڏهن ظلم ۽ بربريت جا ڪيترائي داستان کُلي پوندا آهن ۽ اکين جي آڏو بمن جو دونهون اُڏندي محسوس پيو ٿئي، جتي ڪٿي انساني زخمن ۽ وڍيل انگن جا ڍير محسوس ڪجن ٿا. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جا ويٽنامي ماڻهن تي ڪيل ظلم ۽ ستم بابت پڙهي هر حساس دل ۽ انسان دوست ماڻهوءَ جو هانءُ ڏڪڻ ٿو لڳي ۽ از خود اکيون لُڙڪن سان ڀرجي وڃن ٿيون. ويٽنام جي آزادي بابت اياز جنگ جو نقشو هن ريت چِٽيو آهي:

“بمن مٿان بم، ڪريا انڌُوڪار،

اُڏاڻا آڪاس ۾، هڏن سوڌا چم،

الا! ڏس آدم، آزادي لئه ڇا سَٺو!”

جنگ جو نقشو اياز لفظن جي ذريعي پنهنجي شاعريءَ ۾ خوب چِٽيو آهي. اياز جا بيت پڙهندي ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ جنگ جون تصويرون پيا ڏسون. جنگ ۾ بمن برسڻ کانپوءِ معصوم ٻارن جي وڍيل انگن بابت هن لکيو آهي ته:

“ڍيرن مٿان ڍير، وڍيل ٻارن انگڙا،

ڪنول وانگر هٿڙا، پُوڄا جهڙا پير،

الا! هي انڌير، جيجل تنهنجي جيءَ سان!”

شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ويٽنام جي آزاديءَ جي ويڙهه کي لک سلام پيش ڪيا آهن. ڇو ته آزاديءَ جي انهيءَ ويڙهه، ٻين ملڪن جي محڪوم عوام ۾ آزاديءَ جي آرزو جاڳائي ڇڏي هئي.

“ڏکڻ، اوڀر، ايشيا، توتي لک سلام،

تنهنجي سج اُڀار کي، سَهمي ڏٺو سام،

آئي منجهه عوام، آزاديءَ جي آرزو.”

پاڪستان ۽ هندستان آزاد ٿيا، ورهاڱو ٿيو ۽ ٻه ملڪ مذهبي بنيادن تي وجود ۾ آيا ۽ انگريز هليا ويا، پر شيخ اياز چواڻي پُٺيان پنهنجا پونيئر ڇڏي ويا.

“ڪُتي ڪِلائيوَ کي، هيءَ نه هئي ڪَر،

ڇڏي ويندو ايترا، پيڙهين لئه پونيئر،

لُوسي، کارڙ، کَر، جي ڀاڳين تي ڀونڪندا.”

“ڪِلائيوَ” کان علاوه شيخ اياز، “چارلس نيپيئر” کي به بخشيو ناهي، جنهن جي نالي سان ڪراچيءَ ۾ “نيپيئر روڊ” آهي. ان سان مخاطب ٿي لکيو اٿس ته:

“اُٿ اي ڪُتا نيپئر، پنهنجا پونيئر ڏس،

گورا توتي جس، ڪارا ڄڻيئه ڪيترا!”

اياز، نيپئر جي پوئلڳن جي سوچ کان واقف هو، اياز کي خبر هئي ته اُهي سنڌ تي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين کي ڏسي پنهنجون اکيون ڦيرائي ڇڏيندا هئا، توڙي جو اُهي نام نهاد ڪميونسٽ سڏجندا هئا ۽ ڪميونسٽ فڪر جا ڪتاب پڙهي ويٺا هئا، مگر انهن کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مظلوميت ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي:

“روز پڙهن “فينن”، “گيويرا” ۽ “ٽراسٽڪي”،

ڳاڙهو پُستڪ پي ويا، مائُو تن جي من،

پوءِ به نه تن جي ڪن، آهُون دانهُون سنڌ جون!”

اياز  جي سنڌ سان محبت هئي، هن جتي دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن تي لکيو، اُتي سنڌ کي به گڏوگڏ ياد ڪيو آهي. هن جي شاعريءَ، سنڌ جي دک درد ۽ زخمن تي مرهم پٽي به آهي ته سنڌ ۽ ان جي مظلوم  ماڻهن جو سگهارو آواز به آهي، جنهن پنهنجي آواز سان پنهنجي دور جي سڀني ڀاري برجن کي لوڏي ڇڏيو هو.

gabolmushtaq786@gmail.com

***