صدر عارف علوي، عمران خان جي سازشي بيانيي کان ڌار ٿي بيٺو آهي
صدر عارف علوي چيو آهي ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت هٽائي وئي ته عمران خان فرسٽريٽ ٿي ويو ۽ اسيمبلي ۾ نه وڃڻ جو فيصلو عمران خان جو ذاتي هو. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته سڀني کي ويهاري ڊائلاگ ڪرايان ۽ منهنجي ڪوششن ۾ ڪاميابي ان ۾ آهي ته خاموشي اختيار ڪريان. سندس موجب ٻه معاملا ئي ٽيبل تي آهن، هڪ معيشت، ٻيو چونڊون، مان بروڪر ناهيان، پر چاهيان ٿو ته ماڻهن کي ويهاري ڳالهيون ڪرايان ۽ ڪوشش آهي ته معيشت تي ڪا انڊر اسٽينڊنگ ٿي وڃي. اسيمبلي ۾ نه وڃڻ جو فيصلو عمران خان جو ذاتي هو، مون کان پڇي ها ته ٻي ڪا صلاح ڏيانس ها. فوج جي حوالي سان صدر عارف علوي چيو ته فوج جو آئين ۾ ڪردار واضح آهي، لفظ نيوٽرل تي نٿو ڳالهائڻ چاهيان، فوج کي نيوٽرل هجڻ گهرجي. جڏهن ته عمران خان پنهنجي ڳالهين جو پاڻ جواب ڏئي. آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري آئيني طريقي موجب ٿيندي، نئين آرمي چيف جو نالو مشاورت کانپوءِ اچي ته وڌيڪ سٺو آهي. سائفر جي حوالي سان صدر چيو ته ان ڳالهه تي قائل ناهيان ته سازش ٿي، مونکي شڪ شبها آهن، تحقيق ٿيڻ گهرجي، اهو خط چيف جسٽس کي موڪليو، ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.