عالمي ادب جي تاريخ مان انتخاب : قديم ۽ منفرد يوناني شاعره ”سيفو“ : فضل انڍڙ

يونان ھڪ قديم تھذيب ۽ تاريخ رکندڙ ملڪ آھي. توڙي جو موجوده دور ۾ ان جي حالت گھڻي بھتر نه آھي، پر پراڻي زماني ۾ ھن ملڪ جا ماڻھو دنيا تي غالب رھيا. علم، ادب، فلسفي، سائنس ۽ راندين جي ڪري ھي ملڪ منفرد تاريخ رکندڙ آهي. جڏهن به تحقيق، علم، ادب، قانون، سياسي ۽ سماجي علمن جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته انھن سڀني شعبن جي ابتدا جا نشان يوناني تاريخ سان جڙيل نظر ايندا. ھن ملڪ جا ڪيترائي تاريخ ساز مفڪر، سائنسدان، شاعر ۽ بادشاھ مشهور آهن. انھن ۾ ھومر، سقراط، بقراط، افلاطون، ارسطو ۽ سڪندر اعظم گھڻو معروف نالا آهن. ان ئي ڪنبي جي ھڪ منفرد شخصيت سيفو يا سافوSappho  به ھئي. کيس قديم زماني جي اولين شاعره جو درجو ڏنو وڃي ٿو. سندس جنم لزبوس يا ليسبوس جزيري تي ستين صدي قبل مسيح جي آخر ۽ ڇھين صدي قبل مسيح جي ابتدا ۾ ٿيو. زندگي جو گهڻو حصو مٽيلين ۾ گذاريائين، جتي عورتن جي سکيا لاءِ شاعري ۽ موسيقيءَ جيِ اڪيڊمي قائم ڪئي ھئائين. سندس اڪيڊمي ۾ ڪنوارين ڇوڪرين جو ڪافي تعداد ھو. وقت گذرڻ سان جڏھن اھا اڪيڊمي بند ٿي وئي ته ان کي ٻيھر آباد ڪرڻ جي تمنا رکندي حرا ديوي سان اھڙو اظھار ھڪ نظم ۾ ڪيو ھئائين:

مون کي ٻيھر توفيق ڏي،

جيئن نوجوان ڇوڪرين کي اخلاق ۽ شاعري جي تعليم ڏيان،

اھو باغ جنھن ۾ خزان اچي وئي آھي،

اھو ٻيھر فن سان مھڪڻ لڳي.

سيفو لاءِ مشھور ھو ته ھوءَ ڇوڪرين سان غير فطري لڳاءُ رکندي ھئي. سندس شاعري ۾ خوبصورت عورتن سان محبت ۾ گرفتار ھجڻ جا ثبوت ملن ٿا. جڏھن سندس پياري سھيلي جي شادي ٿي وئي ته ان جي ياد ۾ سندس ھيٺيون نظم ان روايت جو عڪس آھي:

اھو شخص مون کي ديوتائن جو ھمسر لڳي ٿو،

جيڪو تنھنجي آمھون سامھون ويٺو آھي،

جيڪو تنھنجو مٺو آواز ۽ کل روبرو ٻڌي رھيو آھي،

جنھن منھنجي من ۾ ھڪ بين وڄائي ڇڏي آهي،

مان توکي ھڪ گھڙيءَ لاءِ به ڏسان ٿي ته منهنجو آواز نٿو نڪري،

منھنجي زبان تي فالج ڪِري پوي ٿو،

منھنجي تن بدن ۾ ھڪ تيز باھ لڳي وڃي ٿي،

منهنجون اکيون انڌيون ٿي پون ٿيون،

منھنجا ڪن وڄڻ لڳن ٿا،

پگھر نڪري اچي ٿو،

مان سڄي ڏڪڻ لڳان ٿي،

۽ ذري گھٽ مرڻ لڳان ٿي.

ڪن ٻين روايتن مان به معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ اھڙو لاڙو موجود ھو. محترمه شبنم گل مطابق، ”سيفو جي ھمعصر شاعره بلائي ڊس جي دور ۾ يونان ۾ جنگين ۽ ٻاھرين حملن معاشري اندر ٺهراءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو. ھر مرد کي يوناني فوج ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ھو، جنھنڪري مرد گھٽ ٿيندا ويا ۽ عورت جو عورت سان محبت جو تصور اڀرڻ لڳو. ان ڪري ھم جنس پرستي کي قانوني درجو ڏيئي برائي جي بدلي معاشري جي قدرن جو حصو بڻايو ويو. ان محبت جي پسمنظر ۾ بلائي ڊس جو ھڪ نظم ڏجي ٿو:

مان بستري کي ساڳي حالت ۾ رکنديس،

جيئن ھوءَ ڇڏي وئي آھي،

ڇو ته سندس جسم جو نقشو بستري تي ٺھيل آھي،

سڀاڻي تائين مان تڙ به نه ڪنديس،

ڪو لباس به نه پائينديس،

وار به نه ٺاھينديس،

مون کي خوف آھي ته متان ھن جي بدن جو لمس ختم نه ٿي وڃي،

مان اڄ کاڌو به نه کائينديس،

نه شام جو چھري تي غازو لڳائينديس،

نه چپن تي سرخي لڳائينديس،

مان در دريون به بند رکنديس،

ان خوف کان ته متان ھن جون يادون ھوا ۾ ملي نه وڃن.

ان دور ۾ يوناني سماج ۾ عورتن جو درجو گھٽ ھو. کين راءِ ڏيڻ ۽ اظھار جو حق به نه ھو، پر ليسبوس ۾ عورتن کي آزادي مليل ھئي. ايتري قدر جو ان دور جي مفڪرن وٽ به عورت جي اھميت نه ھئي. حبيب الله صديقي لکيو آهي ته، ”ارسطو عورتن کي کريل انسان چوندو ھو سندس خيال موجب عورتن ۾ عقلي سوچ جو مادو گھٽ آھي.“ پر پوءِ به ارسطو، سيفو کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ھو سندس حوالا ڏيندو ھو ۽ سيفو کي سونھن جو مجسمو سڏيندو ھو. افلاطون به عورتن جي عظمت جو قائل نه ھو، پر ھڪ حوالي مطابق ”افلاطون چيو ته ڪي چون ٿا تهMuses  مِيُوز (فنون لطيفه جون ديوِيون) نوَ آھن، پر انھن کي سمجھڻ گھرجي ته ڏھين ديوي سيفو آھي.“ سقراط وري کيس فن ۽ شاعري جي اعتبار کان حَسين عورت قرار ڏنو. سندس شاعري جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هوءَ ظاھري جسامت جي لحاظ کان بندري ۽ سندس رنگ سانورو ھو. سندس ھڪ شعر آھي:

اي يروشلم جون ڌيئرو!

مان سانوري آھيان، پر سھڻي آھيان،

جيئن يونان جا خيما،

جيئن سليمان جا پردا.

ان زماني ۾ يوناني شاعري ۾ حسن، عشق، جذبات نگاري ۽ رنگين مزاجي وارا موضوع پسند نه ڪيا ويندا ھئا، پر ان جي ڀيٽ ۾ اخلاقي، ناصحاڻا ۽ سورھيائي وارا مضمون پسند ڪيا ويندا ھئا. ھومر جا اليڊ ۽ اوڊيسي نظمن جا موضوع به سورھيائي وارا آھن. افلاطون پنھنجي تصوراتي رياست ۾ قومي شاعرن کي ته جڳهه ڏني، پر تخيل ۽ جذبات نگاري وارن شاعرن کي ٻاھر ڪڍيو، پر سيفو جي شاعري رنگين مزاج واري موضوعن سان ڀريل آھي. ھوءَ حسن ۽ عشق جي ديوي ”افروڊيٽي“ جي پوڄارڻ ھئي. ان ڪري سندس ڪلام ۾ عشقيه، نغميه ۽ وجداني گيت ھئا. ھوءَ ھڪ مقامي محاوري ايولڪ ۾ شعر چوندي ھئي. سندس دور ديوين ۽ ديوتائن کي پوڄڻ وارو ھو. سيفو ھڪ ديوي زھرہ سان مخاطب ٿي، جيڪا سمنڊ جي جھڳ مان اُگھاڙي پيدا ٿيندي ھئي ۽ عيش پسند، آزاد خيال ۽ رنگين مزاج رکندي ھئي، پر ھر دفعي سمنڊ مان غسل ڪري پنھنجي پاڪ دامني واپس ڪندي ھئي:

تون منھنجو سھارو ٿيءُ،

جيئن تون پھريون به صدين جو سفر ڪري سوني رٿ تي چڙي آئي ھئيئن،

جنھن کي ڪبوتر ڇڪي رھيا ھئا،

اھو سفر پل ۾ پورو ٿيو ھو،

۽ تو مون کي تسلي ڏني ھئي ته سيفو تون ڳوڙھا نه وھاءِ،

تون جنھن کي چاھين ٿي اھا به توکي چاھيندي،

ھن وقت اھا تنھنجي تحفن جو قدر نٿي ڪري،

پر اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن سھڻي تنھنجي قدمن ۾ ھوندي،

۽ تنھنجي لاءِ بيتاب ٿيندي.

سيفو جي ڪلام جا فقط سٺ ٽڪرا ملي سگھيا آھن انھن مان صرف ھڪ نظم مڪمل مليو آھي، باقي ٻه يا ٽي ٽڪرا وڏا آھن. اڪثر نظم ٻن يا ٽن مصرعن تي مشتمل آھن، پر اھي ٽڪرا ان دور جي شاعري جا ترجمان ۽ ڪمال جا آھن. سندس گھڻو ڪلام وقت جي ويرين جي ور چڙھي ويو. ھن پاڻ کي ابدي ڪنواري ڇوڪري چيو آھي. سيفو جي زندگي ۾ فقط ڇوڪرين سان نه، پر مردن سان محبت جا حوالا به ملن ٿا. سندس ھمعصر شاعر الڪائييوس کيس چاھيندو ھو، پر عمر ۾ شايد کانئس ننڍو ھو. ان سان ھڪ نظم ۾ مخاطب ٿي سيفو ھيئن اظھار ڪري ٿي:

اي شاعر!

تون ڇو اظھار ڪري نٿو سگھين؟

اگر دل ۾ چور نه ھجي ته پوءِ ڪھڙو خطرو،

جيڪڏھن ضمير صاف ۽ جيئرو آھي،

ته اکيون جھڪنديون ناھن،

اگر اظھار غير ضروري نه ھجي

ته چپن تي اچي ويندو آھي.

سيفو جي شادي ھڪ واپاري ڪيرڪلاس سان ٿي جنھن مان کيس ھڪ ڌيءَ به ٿي، پر ھو ڪجھ سالن ۾ گذاري ويو. ان کانپوءِ ھڪ نوجوان ملاح فاڊن تي عاشق ٿي. فاڊن کيس ڇڏي ويو ان ڪري ان کي ڳوليندي رھي. ھڪ روايت موجب ھن فاڊن جي عشق ۾ خودڪشي ڪئي ھئي. سيفو جي موت تي الڪائييوس ھي نظم چيو:

بدنصيبي ۾ ھڪ بدنصيب عورت،

جنھن لاءِ ڏکن ۾ ڏک آھن،

گھر ٻار ۽ ڏکن سان ڀريل تقدير،

رسوائي، زندگي جو ناقابل علاج،

زوال اچڻ وارو آھي،

ڊنل دل ۾ ھڪ خواب جاڳي پوي ٿو،

جنون… تباھي…

سمنڊ جون سرد لھرون.

چوٿين صدي قبل مسيح ۾ سيلانين نالي ھڪ سنگتراش سيفو جو مجسمو ٺاھيو. يوناني شاعري جي ماھرن سندس ڪلام ۾ ڪمال جو تغزل بيان ڪيو آھي. سندس ڪلام جي منفرد ڳالھ اھا آھي ته سندس گھڻي شاعري نسائي سونھن سان سرشار آھي. سيفو ھڪ سھري يا ڳيچ ۾ ڪنوار جي حُسن کي ڪمال جو بيان ڪيو آھي:

ھڪ مٺي صوف وانگر،

جيڪو ٽاريءَ جي چوٽ تي شرمائي رھيو آھي،

بلند کان بلند ڏار تي،

جنھن کي ميوو گڏ ڪندڙن وساري ڇڏيو آھي،

نه انھن وساريو نه،

پر اھي ان تائين پھچي نٿا سگھن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments