عالمي علم و ادب ۽ سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ تنقيدي روايتن جو مختصر جائزو تحقيق ۽ تحرير: جوکيو جسارت الياس سنڌي

تنقيد لفظ چوڻ ۾ ته سولو آھي، پر پنھنجي اندر ھڪ وڏي معنيٰ ۽ مطلب رکي ٿو. اسان جي روز مرہ جي زندگي ۾ اسان تي تنقيد ٿيندي رھندي آھي، پر ان تنقيد کي اسان سھپ نه ھجڻ ڪري عام طور برداشت ناھيون ڪري سگھندا. حالانڪه ھر تنقيد جي پٺيان مختلف سبب ھوندا آھن. ڪابه تنقيد بي سبب ناھي ھوندي. جيڪڏھن اسان پنھنجي سماج ۾ موجود ريتن، رسمن ۽ سماجي روايتن تي نظر وجھنداسين ته اسان کي ان ڏس ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ گھڻو مواد ملندو. ھي تحرير منھنجي ھڪ تفصيلي ريسرچ پيپر جي تت جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آھي. ڪجھ اصلاح پسند ماڻھو ھر تنقيد کي مثبت سمجھي پنھنجي اندر بھتري آڻيندا رھندا آھن جڏھن ته ڪجھ شرپسند ماڻھو عام ڳالھ کي به تنقيدي ڍنگ ۾ کڻي اسان جي معاشري ۾ جيئڻ جا جتن ڪندڙ غريبن کي سک جو ساھ کڻڻ به ناھن ڏيندا.

مشھور آمريڪي ادبي نقاد ريني وليڪ (1903ع-1995ع)، ادبي تنقيد جي باري ۾ تمام سٺي شرح لکي جنھن ۾ ھن “علمي، ادبي تنقيد” جي وصف کي تمام سٺي نموني لکيو ته ڪتاب کي پڙھڻ جو مطلب توھان ان جي ذائقي کي چکيو ٿا ۽ ان چکيل ذائقي کي لکي بيان ڪرڻ ۽ ان ذائقي جي معيار بابت فيصلو ڪري لکڻ ته توھان کي ڪيترو پسند آيو يا وڻيو… کي علمي ادبي تنقيد چوندا آھن.

تنقيد، دراصل ھڪ مڪمل درسي شعبو آھي جيڪو دنيا جي اندر عملي طور گھڻو رائج ان ڪري به ڏٺو ويو آھي جو تنقيد جي ڍال استعمال ڪندي مختلف ماڻھن کي معاشري ۾ انتقامي ڪارروائي ڪندي به عمومي طور ڏٺو ويو آھي، پر اڄ به ان کي عالمي ادارن ۾ درسي شعبي طور پڙھائڻ جا سٺا رواج موجود آھن. اھو الميو چئون يا سُستي جو اسان جا ڊگري ھولڊرز جيڪي چار يا پنج سال ادب يا ڪھڙي به شعبي مان پڙھي پاس ٿي ايندا آھن اھي ان تنقيدي اصولن، ان جي اخلاقي زمرن يا تنقيدي فن کي ٻين عام ماڻھن تائين علمي جاڳرتا طور ناھن پھچائيندا. اھوئي سبب آھي ته تنقيد جون مختلف بگڙيل شڪليون اسان جي سماج ۾ عام جام ملنديون. سياسي ميدان ۾ ته تنقيد ايتري قدر سخت ٿيندي آھي جو ماڻھو ھٿين به پئجي ويندا آھن جيڪو عالمي سياسي تاريخ ۾ اسان جي اڳيان آھي ته ڪيترن ئي ملڪن جي چونڊيل نمائندن جي قانون ساز  اسيمبلين ۾ کين ھڪٻئي مٿان جسماني حملا ڪندي به ڏٺو ويو آھي. جيڪو رواج سياسي طور به نقصانڪار آھي ته گڏوگڏ اخلاقي طور پڻ ان جا ناڪاري اثر سموري معاشري مٿان سڌيءَ ريت پون ٿا، جنھن ۾ اسان جي ٻولين جو ادب ۽ انھن جا اديب به اچي وڃن ٿا، جيڪي پڻ ان جارحاڻي رواج کي ادب ۾ آڻڻ گھرن ٿا، جيڪا علمي ادبي تنقيد جي خلاف ھڪ وڏي روايت آھي، جنھن سان نه صرف علم ۽ ادب، پر سموري سماج جي فڪري ۽ شعوري تعمير کي وڏو نقصان ملندو.

اڄ جتي دنيا ترقي جون منزلون طئي ڪري جديد ۽ تيز ترين انٽرنيٽ سروس کي ممڪن ڪري ڪمپيوٽرائزڊ ۽ گلوبل وليج ٿي چڪي آھي، اتي عالمي ۽ علائقائي ادب ۾ به نوان رجحان ۽ لاڙا جنم وٺي چڪا آھن. ادب کي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ سان گڏ ھڪ ٻوليءَ جي ادب جي مختلف ٻولين ۾ ترجمي جي ڪري تحقيق جا نوان رستا پڻ نڪري چڪا آھن. اھو گوگل جي ڪري به ممڪن ٿيو آھي. مثال طور: سنڌي ادب ۾ لاطيني ٻوليءَ جا لاڙا انگريزي ادب مان جذب ٿيا ڇو ته انگريزي ادب مٿان لاطيني ادب جو وڏو اثر رھيو آھي. 14 ھين صدي عيسوي کان 17 ھين صدي عيسوي وارو وقت ان جي عروج جو زمانو ھو. انگريزي ادب مان اھي لاڙا وري اسان جي سنڌي علم ۽ ادب ۾ متعارف ٿيا. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چواڻي ته: “سنڌ ۾ انگريز آيا ته جديد تعليم، سائنسي ۽ صنعتي علم و ادب ۽ فلسفي جا ڪافي دڳ کليا” ڇاڪاڻ ته ھي اھي ڌاريا ھئا جن سنڌي ٻوليءَ کي هٿي ڏياري. مثال سنڌي جي رسم الخط ٺهرائي ۽ اھڙي ريت سنڌي ٻولي ۾ انيڪ ڪتاب ڇپجڻ لڳا. انگريزن سندن ادب کي ترجمو ڪرايو ۽ ايئن سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ مختلف صنفون جھڙوڪ: نثري مضمون، افسانه، ڊرامه ۽ سوانح حيات وغيرہ وغيرہ آيون. عالمي ادب مان جڏھن ڪو مخصوص لاڙو يا صنف ڪنھن علائقائي ادب ۾ جذب ٿي متعارف ٿيندو آھي ته ان تي شروع ۾ وڏي تنقيد ٿيندي آھي ڇو ته اھو ان ٻوليءَ جي پڙھندڙن وٽ نئون ھوندو آھي ۽ جڏھن به ڪا نئين شيءِ ڪٿي ايندي آھي ته ان کي شروع ۾ قبول ناھي ڪيو ويندو. اھڙي تنقيد سان ٻولي جا ذخيرا به وڌندا آھن ته گڏوگڏ ٻولي جو ادب به وڌيڪ سگھارو ٿيندو آھي. بلڪل اھڙي ريت سنڌي ادب مان انگريزي يا ڪنھن ٻي ٻوليءَ ۾ ڪا صنف جيڪڏھن متعارف ڪرائي وڃي ته ان تي انگريزي اديب يا ته ڇتي تنقيد ڪندا يا وري تسليم ئي نه ڪندا. مثال طور: سنڌي ٻوليءَ جا بيت (شاھ سائين جي بيتن واري صنف) جيڪڏھن انگريزي شاعري ۾ متعارف ڪرائي وڃي ته ھوند واھ جي تنقيد ٿئي. ان سڄي ڳالھ لکڻ جو مقصد تنقيد جي اھميت تي روشني وجھڻ آھي. تنقيد جيڪا ادب جي لاءِ موثر ھئي، جنھن ۾ جائزو وٺڻ کان وٺي پيش ڪيل مواد جي تحقيقي اصولن تحت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان گڏوگڏ نطرياتي طور اڳ ٿيل تحقيق سان ڀيٽڻ شامل ھو، اھا تنقيد اڄ عالمي علم و ادب ۾ ته پروان وٺي پئي جنھن ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي کان وٺي ھارورڊ ۽ ڪئمبريج يونيورسٽين جھڙن اعليٰ تعليمي ادارن کان علاوہ دنيا جي ڪافي تعليمي ادارن ۾ تنقيد ھڪ فڪري تعمير جو ذريعو بڻجي چڪي آھي. اھڙا معياري ادارا پنھنجي علمي ۽ ادبي تحقيقن کي تڏھن مڃيندا آھن جڏھن ان تي ڇپجڻ کان اڳ تنقيدي نظر وجھندڙ دنيا جا ماھر شامل ھجن، پر وڏي افسوس سان اھو تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان جو علم ۽ ادب ان تنقيدي جائزي کان بنھه خالي يا بيمار ٿو ڏسجي. اھوئي سبب آھي جو سنڌي علم ۽ ادب ۾ به تنقيد جي سلسلي کي جيڪڏھن ڏسبو ته اها نه ھجڻ برابر آھي. ان جا انيڪ سبب ٿي سگھن ٿا، جن مان ھڪ سبب ٿيندڙ تنقيد تي ليکڪ جو يا ان جي چاھيندڙن جو جارحاڻو رويو اختيار ڪرڻ به آھي.

تنقيد جي اندروني عضون جي تشريح جي ڏس ۾ لکيل ڪئناڊا جي مشھور نظرياتي تنقيد نگار نارٿروپ فرائئي (1912ع-1991ع) جو ڪتاب “ايناٽامي آف ڪرٽسزم” پڙھڻ جھڙو آھي، جنھن ۾ ھن پنھنجن چئن مختلف مضمونن کي جمع ڪري شايع ڪيو ۽ تنقيد نگاري جي دنيا ۾ سٺو اضافو ڪيو. جيتوڻيڪ ھن وٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ته نه ھئي، پر تنقيدي فن جي ڪري ھن ٽورنٽو يونيورسٽي کان علاوہ ھارورڊ يونيورسٽي ۾ به پروفيسر ٿي پڙھايو. جيڪڏھن ڪو اديب پنھنجي شعبي ۾ ڪھاڻيڪار، شاعر يا افسانه نگار آھي ته کيس گھٽ مقبوليت ملي ٿي، پر ساڳيو ماڻھو جيڪڏھن تنقيد جي شعبي کي چونڊي نقاد بڻجي ٿو ته کيس وڏي شھرت ملي ٿي، جنھن جو مثال مشھور نظم “دي ويسٽ لينڊ” جو خالق آمريڪي انگريز اديب ٽي. ايس. ايلٽ (1888ع-1965ع) ھو هن مشھوري تڏھن ماڻي جڏھن ھو نقاد بڻيو، پر جڏھن شاعر ھو ته ايترو مقبول نه ٿيو. اھوئي سبب آھي جو اسان وٽ ڪجھ ليکڪ ھرو ڀرو جي تنقيد ڪرڻ به پسند ڪندا آھن جيڪو انھن شايد ھڪ سُستي شھرت حاصل ڪرڻ جو ذريعو سوچيو ھجي، پر ان لاءِ تنقيد جو فن مڪمل سکڻ کپي. اديب يا شاعر جي تخليقي معيار جو نقاد جي جائزي وٺڻ جي انداز مٿان وڏو اثر پوندو آھي. اھوئي سبب آھي جو اديب جي ادبي محرڪن جو سڌو سنئون تعلق سندن سوچ ۽ فڪر مٿان منحصر آھي. جامي چانڊيو پنھنجي مضمون “ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج” ۾ لکي ٿو ته: “جيڪڏهن محرڪ خصيص، روايتي ۽ سطحي آهن ۽ اوهان جو فن وڏو اعليٰ آهي ته ان سان ڪوبه فرق نه پوندو.” ان ڪري اديب لاءِ محرڪ وڏي اھميت رکن ٿا. مثال طور: استاد بخاري، شيخ اياز، امداد حسيني، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي وغيرہ سنڌي شاعري ۾ محرڪات جي ڏس ۾ وڏو نالو رکن ٿا. شاعرن مٿان تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ نه صرف سندن تعميري بھتري کي عمل ۾ آڻي ٿي، پر کين سکڻ جا نوان دڳ به ڏيکاري ٿي. جھونن شاعرن ھميشه نوجواني منجھ پنھنجي اصلاح ڪرائي آھي، جيڪو ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آھي ته ادبي تنقيد ھڪ اصلاح جو ذريعو پڻ آھي.

ادب اندر دنيا جي علمن جا مخزن اچن ٿا. عبدالواحد آريسر چواڻي: ادب ھڪ خزانو آھي جيڪو سر زمين ۾ ھوندو آھي ۽ اھو ھڪ اديب ئي آھي جيڪو ان لڪل خزاني کي کوٽي ڪڍي ٿو. تنقيد ۽ ادب ٻئي ھڪٻئي لاءِ اھم ان ڪري به آھن جو ادب اندر جيڪڏھن اھڙو مواد اچي وڃي جيڪو ادب جي نس خلاف ھجي ته اتي صرف تنقيدي فن رکندڙ اديب ئي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي ان تي تنقيدي نظر وجھي ان کي ادب مان ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٻاھر ڪڍي سگھي ٿو. جتي علم، سھپ ۽ برداشت جي کوٽ ھجي اتي ڪوڙ ۽ ٻھروپيت جي ساٿ سان تنگ نظر ۽ ننڍڙي سوچ رکندڙ ماڻھو پنھنجي ڪوڙي نظرئي تي ٻڌل منصوبي کي عملي طور معاشري مٿان زبردستي مسلط ڪرڻ لاءِ عطائي اديبن سان (جن جو علم ۽ ادب سان پري جو ڪوبه تعلق نه ھجي) گڏجي ويندا آھن. اھڙي سماج ۾ علمي ۽ ادبي تنقيد ڪرڻ گناھ ڪبيرہ سمجھيو ويندو آھي. جنھن پٺيان عام طور تي “جيڪو ڏاڍو سو گابو” يا “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” جھڙا ڪارڻ ھوندا آھن. ادب جو ڀلي ڪھڙو به شعبو ھجي، پر تنقيد لازم ۽ ملزوم آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اسان وٽ ادبي تنقيد جي عيوض نقاد کي ڪات ۽ ڪھاڙا موڪلي کيس عجيب و غريب حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آھي. تنقيد ڪرڻ کانپوءِ جن حالتن مان نقاد کي لنگھڻو ٿو پوي اھي تمام ڏکيون ۽ اذيت ناڪ آھن. ان تي تفصيلي بحث ۽ اڀياس ڪرڻ جي وڏي گھرج آھي. اچو ته تنقيد جي رد عمل ۾ پيش ايندڙ چند حقيقتن تان پردو کڻون جيڪي ڏکڻ ايشيا ۾ عام ۽ سنڌي سماج جي علم ۽ ادب ۾ خاص آھن.

ذاتيات تي حملا:

ارسطو 4 ق.م ڌاري جڏھن Poetics نالي ھڪ تنقيدي وضاحت لکي ۽ تنقيد جي علم ۽ ادب ۾ شروعات ڪئي ته سندس ذاتيات مٿان ان وقت جي ماڻھن ھڪٻئي جي چوڻ تي وڏا حملا ڪيا جن ۾ کيس خود سخت الزام پڻ سھڻا پيا جنھن سان ادبي تنقيد جو وجود پيو.

غير اخلاقي حملا:

جھڙي ريت واڌو جي نظرئي سان حسابن ۾ ڪجھ تصور ٺھيو، پر اھو ايسائين بي مقصد ھو جيستائين ڪاٽو جو شعوري وجود پيو. بلڪل اھڙيءَ ريت دنيا ۾ جتي ادب جو وجود پيو اتي ان جو ضد يعني بي ادب پڻ ھر وقت موجود ھو، جنھن جي ڪري ادب سان جٺ ۽ ويڌن ڪري غير اخلاقي ٻولي ڳالھائي وئي جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھي. مثال طور: جڏھن ادب اندر اڄ شاعري جي پستي کي ڏسون ته ڪئسٽي شاعري جي دور پڄاڻان ھن وقت شاعرن بداخلاقي ۽ بي حيائيءَ کي پيار محبت جو غلط تصور ڏئي سستي شھرت ڪارڻ سنڌي علم ادب مٿان غير اخلاقي حملا پڻ ڪيا آھن.

اجايو ضد:

ذاتي پلاند وٺڻ خاطر جوناٿن رسل چواڻي: “تنقيد ئي اصل ادب آھي” جو سھارو وٺي ڪجھ علم ادب جا ماڻھو علمي فصاحت ۽ بلاغت کي ڇڏي اڻ گُھري ٻوليءَ جو استعمال ضد يا انا جي وچان ان ڪري به ڪندا آھن جو سندن ھدف آسان ناھي ھوندو.

لبرل ازم جي ڍال:

ڪجھ لبرل ماڻھو جن وٽ لبرل ازم نئون نطريو ھجي اھي عام طور ان نظرئي جي آڙ ۾ اجائي ۽ انتھائي تنقيد سان پنھنجي معاشري ۾ آزار پئدا ڪندا آھن. لبرل ازم جي ابي جان لوڪي (1632ع-1704ع) انساني فطرت تي جڏھن تنقيد ڪندي اھو لکيو ته: “جڏھن ڪوبه نئون انسان ڄمي ٿو ته اھو پاڻ سان گڏ پنھنجي ذھن مطابق نوان جذبا يا نظريا به آڻي ٿو جن کي صرف تڏھن ڪتب آڻي سگھبو جڏھن تنقيد براءِ بھتري مقصود ھجي.” ھتي ھڪ ڳالھ لکندو ھلان ته اسان وٽ لبرل ازم خوامخواھ بدنام آھي ان جو سبب ان اندر لڪي پناہه وٺندڙ ڪٽر سوچ جا مالڪ ماڻھو آھن. اھڙا ماڻھو پنھنجي قول ۽ فعل ۾ وڏو تضاد رکندي وڏي واڪي اعلان ڪندي نظر ايندا، جڏھن ته خود ظاھري يا لڪل طور انتھا پسند ماڻھن کي عام يا غريب ماڻھن خلاف استعمال ڪندا آھن. اھڙن ماڻھن جي ڪري لبرل ازم بدنام آھي. اھوئي سبب آھي جو سنڌي سماج ۾ علم ۽ دانش جو اثر نه ھجڻ برابر آھي. اھا عدم برداشت ان ڪري به آھي جو سماج ۾ نام نھاد لبرل به ڪٽر مذھبي پوئلڳن وانگر ڪجھ حدن اندر واڙيل ٿا ڏسجن. جن ھميشه پنھنجو پاڻ کي دنيا آڏو غير مذھبي ۽ لا دين ڪري مشھور ڪيو، اهي به عورتن ۽ ٻارن جي معاملي ۾ اھڙا ئي انتھا پسند ھوندا آھن، جھڙا ڪنھن ڪٽر مذھبي درسگاھ مان پڙھيل انتھا پسند ھوندا آھن. ادب جي صحت اندر دنيا ۾ تنقيد براءِ اصلاح ترقي ۽ آدرش جو سبب بڻجي جنهن تحقيق غور ۽ فڪر جا نوان دڳ کوليا آھن، انھن جو مثال نٿو ملي. جڏھن ڪو به تحقيق جي الف. ب کان اڻ واقف ليکڪ ڪجھ لکي ٿو ته اھو عام طور تي جن ادبي اوگڻن (براين) جو شڪار ٿي سگھي ٿو انھن ۾ چند عام اوگڻ ھي آھن.

ڪوڙ ۽ دوکي تي مبني ھٿ ٺوڪيون ڳالھيون:

تحقيق جي فن کان اڻ واقف ماڻھو جيڪو لکندو آھي ان ۾ ڪافي ڳالھيون ھو ڪوڙ ۽ حقيقتن جي برعڪس لکندو ڇو ته کيس ان موضوع تي اڳ ۾ ٿيل تحقيق جي خبر ناھي ھوندي ته ظاھري ڳالھ آھي ھو ھٿ ٺوڪيون ڳالھيون ئي لکندو.

علمي ۽ ادبي چوري:

ادبي چور صرف مواد جي چوري نٿو ڪري سگھي، پر پنھنجن چاھيندڙن ۽ مڪتبهءِ فڪر جي ماڻھن تي مشتمل ھڪ مجموعي کي تيار ڪري پنھنجي حق ۾ لکڻ لاءِ اڀارڻ سان گڏ مواد جي چوري ڪرڻ ڪارڻ علمي ذخيرن کي لڪائي رکڻ، ٿمھڻ، منظر تان ھٽائي جلدي ۾ پنھنجي نالي سان ڇاپڻ سان گڏ ٻين جي ادبي ڪاوشن کي يرغمال ڪري انھن جي اصل مالڪن کي ڌمڪائي اھي علمي تخليقون ڇپرائي ان جو مڪمل ڪريڊٽ پنھنجي نالي ڪرڻ پڻ سندس مطابق علمي ادبي تحقيق جو نظرياتي پھلو ھوندو آھي. ھائر ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد پاران علمي ادبي مواد جي چوري بابت مقرر سافٽ ويئر ۾ اھي ذڪر ڪيل سڀ جزا جاچي تفتيش ڪيا ويندا آھن. ساڳيا جزا عالمي ادب ۾ تحقيق جي اصولن ۾ پڻ وڏي اھميت رکن ٿا.

الزام تراشي:

ادب جي دنيا ۾ الزام تراشي عام آھي. ان جا سبب ڏسبا ته ڪافي ملندا. جيئن ته ڪير ڪنھن جي علمي يا ادبي تخليق تي اخلاق جي حد اندر رھي علمي اختلاف راءِ جو ڀرپور اظھار ڪري سگھي ٿو جيڪو ڪنھن به قسم جو جرم ناھي. تنقيد براءِ اصلاح ڪري معاشرو سڌاري سگھڻ جا سوين مثال موجود آھن، پر ان جو ڪجھ درٻاري ليکڪ غلط مطلب ڪڍندا آھن ۽ رد عمل ۾ الزامن ۽ بھتانن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ٻين لاءِ ۽ خاص ڪري عام ماڻھن لاءِ ناسور بڻجندا آھن. ان ڏس ۾ ڀوتارڪي نظام جي آڌار نقاد ليکڪ مٿان الزام تراشي سان گڏ ان جي ھر طرح سان رستا روڪ ڪرڻ، سماجي لاتعلقي، ٻين کي منع ڪري تنقيد ڪندڙ کي سماجي، مذھبي، معاشرتي ۽ لوڪل سطح تي مڪمل اڪيلو ڪرڻ لاءِ ماحول جوڙي مٿس ھر طرح جا حملا ڪري کيس لکڻ کان روڪيو ويندو آھي. ان ڏس ۾ ڪليئن 2000 P. Klein لکي ٿو ته: “چند فلسفي دانن جھڙوڪ: لوڪي، ھيومي ۽ ڊيزڪارٽز موجب اسان تي اھو فرض ٿو بڻجي ته اسين نظريو/سوچ/تخليق يا ته رد ڪريون يا وري ان کي قبول ڪريون.” جيڪڏھن قبول ڪريون ته ان جا اسباب لکون ۽ جي رد ڪريون ته ان جا ڪجھ دليل ۽ ثبوت ڏيون. اھا “ھا” ۾ “ھا” ته تحقيق سان ممڪن ٿي سگھي ٿي، پر “نه” يا “ڪجھ صلاح/تجويز” ڏيڻ صرف ۽ صرف تنقيد سان ئي ممڪن آھي.

سنڌ ۾ عام طور تي جيڪي موضوع ھرو ڀرو جي يعني اجائي تنقيد جا شڪار ٿين ٿا انھن ۾ عورتن جا حق، ٻي يا ٻيھر شادي، جنسي اڻ برابري يا وري جنسي تعليم يا آگاھي، سياسي موضوع، سنڌ جي تعليم جي بھتري خاص ڪري ڪاپي ڪلچر خلاف لکيل مواد ۽ چند مذھبي عنوانن کان علاوہ سياسي سماجي موضوع وغيرہ شامل آھن. انھن موضوعن تي عام ماڻھو به آرام سان پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري سگھي ٿو، جيڪو ان ڳالھ طرف اشارو آھي ته تنقيد ڪرڻ گھٽ ۾ گھٽ اڄ يعني ايڪيھين صديءَ ۾ انساني فطرت ۾ اچي چڪي آھي.

ھاڻي اچو ته دنيا جي مختلف علمن ۾ تنقيد جي روايتن کي ڏسون.

تنقيد ۽ سائنس:

سائنسدان سماجي ۽ ڪنھن به مسئلي تي مروج اصولن تحت تحقيق ڪري جنھن نتيجي تي پھچندا آھن ان کي تحقيقي مقالي جي صورت ۾ ڇاپڻ سان گڏ زباني طور مختلف سائنسي ويھڪن جھڙوڪ: عالمي ڪانفرنسن يا سيمينارن ۾ جڏھن پڙھندا آھن ته اتي ويٺل ماھر ان تحقيق کي تنقيدي نظر سان جائزو وٺي ان تي بحث مباحثو ڪندا آھن. ان علمي بحث دوران وڏي باريڪ بيني سان پيش ڪيل موضوع جي نتيجن تي ويٺل سائنسدان ۽ محقق سوالن جوابن جي ڏي وٺ ڪري آخرڪار ڪنھن حتمي نتيجي تي پھچندا آھن. ان دوران ھو پنھنجي قيمتي راين کان به محقق کي آگاھ ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس صلاحون پڻ ڏيندا آھن ان کان بعد اھو مقالو وري شايع به ٿيندو آھي جنھن تي وري تعميري تنقيد جو ھڪ نئون سلسلو شروع ڪيو ويندو آھي ۽ محقق سان خط و ڪتابت ذريعي رابطا ڪري دنيا جا ماھر يا شاگرد بحث ڪري کانئس معلومات وٺي، ان بابت پنھنجا نطريا پيش ڪندا آھن. ان سڄي عمل دوران  ڪٿي ڪا ڪمي يا ڪوتاھي ٿيندي آھي ته ان کي درست ڪيو ويندو آھي. واضح رھي ته اھڙي تحقيق کي دنيا آڏو منظر عام تي آڻڻ بعد ساڳي تحقيق کي ڪڏھن به (ڀلي سوين سال گذري وڃن) ان موضوع جو ڪو به محقق بعد ۾ سائنسي تحقيق جي اصولن تحت اڀياس ڪري ان کي رد يا نون نظرين سان ترميم يا اضافو ڪري سگھي ٿو. اھو سڄو تعميري ۽ تخليقي عمل صرف ۽ صرف مواد جي تنقيد ۽ حاصل نتيجن جي ڇنڊ ڇاڻ ذريعي ئي ممڪن ٿيندو آھي. ثابت ٿيو ته تنقيد ھڪ سائنس پڻ آھي.

تنقيد ۽ نفسيات:

ماھر نفسيات تنقيد کي ڪمزور انسانن جي صحت لاءِ اڻ سڌي ريت نقصانڪار قرار ڏنو آھي. عام طور تي شگر، دل ۽ بلڊ پريشر جا مريض ان تنقيدي سلسلي کي ھرگز پنھنجي مٿان برداشت ناھن ڪندا. ان ڏس ۾ ڪجھ دماغي بيماريون پڻ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار ٿي سگھن ٿيون. ڪجھ ماڻھو پاڻ ٻين تي ڇتي تنقيد ڪندا آھن، پر جڏھن انھن مٿان ڪير تنقيد ڪندو آھي ته اھا ھرگز برداشت ناھن ڪندا اھڙي حالت کي ماھر نفسياتParanoid Personality Disorder  سڏيو آھي جيڪو نھايت اھم آھي جنھن ۾ تنقيد ڪندڙ ٻه ليکڪ نھايت غير سنجيدگي سان ھڪٻئي مٿان جڏھن تنقيد ڪندي ڏسجن ته انھن ۾ جيڪو سخت لھجو اختيار ڪري اھو ان حالت جو شڪار چئي سگھجي ٿو. جڏھن ته ڪجھ ماڻھو وري تنقيد جي رد عمل ۾ بچاءُ ڪندا آھن ۽ پنھنجي ھم خيال ماڻھن جو جٿو تيار ڪري نقاد جي خلاف سخت رد عمل ڏيکاري اھو ثابت ڪندا آھن ته ھو عقل ڪُل آھن. اھڙن ماڻھن کي جيڪا نفسياتي بيماري ھوندي آھي ان جو نالو Avoidant Personality Disorder (APD) آھي جيڪو ڪرافورڊ، ڪوھئين، جانسن ڪيسين، فرسٽ، گورڊن (2005) جي مقالي (جيڪو دنيا جي مشھور تحقيقي جرنل “جرنل آف پرسنلٽي ڊس آرڊرز”Journal of Personality Disorder  ۾ ڇپيو ۽ گرانٽ بي. ايف، حاسن، دي ايس. اسٽنزن، ايف، ايس، ڊازن، ڊي، اي، چوو، ايس، پي رووان ۽ ڊبليو، جي، 2004، جي مقالي (جيڪو جرنل آف ڪلينيڪل سائيڪياٽريJournal of Clinical Psychiatry  ۾ ڇپيو) مطابق اسان جي سماج ۾ ھن بيماري جا مريضَ ٻين لاءِ عجيب ناسورَ پئدا ڪندا آھن. ڪجھ ماڻھو تنقيد جي بدلي پلانڌ ڪرڻ کي لازم ۽ ملزوم سمجھي ٻين کي ھرگز تسليم ناھن ڪندا ۽ ٻين کي گارگند ڪرڻ سان گڏ سنگين الزام پڻ ھڻندا آھن. اھي شخص يا ته خانداني طور ان بيماري ۾ موروثي طرح ورتل ھوندا آھن يا وري وقت جون حالتون کين ان طرح بيمار ڪن ٿيون. اھڙي بيماري جو نالو Narcissistic Personality Disorder (NPD) آهي جيڪو چين جي سائنسدانن موجب علمي ۽ ادبي تنقيدي سلسلي کان ھٽي ڪري الڳ ھڪ وڏي بيماري آھي جيڪا تمام گھٽ ماڻھن ۾ ٿيندي آھي.

تنقيد ۽ اڪنامڪس:

جتي دنيا جي مختلف علمن ۾ تنقيد جي موجودگي ملي ٿي اتي معاشيات ۾ پڻ تنقيدي ۽ تعميري اڀياس جا مطالعا ملن ٿا، جن سان ڪنھن به ملڪ جي ترقي جا منصوبا ٺاھي انھن تي عمل ڪرڻ جا سانباھا موجود ھوندا آھن. ورلڊ اڪنامڪ فورم موجب ايڪيھين صديءَ تعميري ۽ تخليقي صدي آھي. دنيا ۾ جيتري تنقيد معاشي پاليسين تي ٿي آھي ايتري تنقيد شايد ڪنھن به معاملي تي ناھي ٿي. معاشي منصوبا بندي ذريعي معاشي پاليسيون ترتيب ڏيڻ واسطي صنعتڪارن جو راڄ انھن مٿان سڌيءَ ريت اثر انداز ٿئي ٿو. سرمائيڪاري جتي حاوي ھجي ان معاشري ۾ غريب کي مشينن ۾ پيڙھي ان جو رت چوسي ناڻو ڪمايو ويندو آھي. پئسي ڏوڪڙ جو درست استعمال ڪرڻ ھڪ غريب لاءِ وڏي اھميت رکي ٿو. ان ڏس ۾ انگلينڊ جي ماھر معاشيات الفريڊ مارشل 1842ع ـ 1924ع جي نظرين ۽ ڏنل معاشي خاڪن تي وڏي پئماني تي تنقيدون ٿيون جھڙوڪ سندس نظرئي کي، ان ڪري به رد ڪيو ويو جو ھن دولت ۽ انساني ڀلائي جي وچ ۾ ڪنھن به ڳانڍاپي جو ذڪر نه ڪيو جنھن سان سندس نظرئي تي بحث ٿيا. اھڙي ريت مشھور انگريز اڪنامسٽ لائنيل رابن (1896ع ـ 1984ع) ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ماھر فلاسافر آدم سمٿ (1723ع ـ 1790ع) کان علاوہ مشھور فلاسافر ۽ مختلف سياسي، سماجي ۽ اڀياسي نظرين جي باني ڪارل مارڪس (1818ع-1883ع) سميت ٻين اوائلي ماھرن ۽ معاشيات جي ليکڪن ۽ محققن مٿان ھر دور ۾ تنقيدون ٿينديون پيون اچن جنھن سان سندن نظرين کي پڙھي دنيا ۾ تحقيق ۽ شعور جا وڌيڪ نوان رستا کلي رھيا آھن. مطلب ته تنقيد جو اڪنامڪس سان به گھرو رشتو رھيو آھي.

تنقيد ۽ حياتيات:

دنيا ۾ حياتياتي علمن جي تاريخ تمام پراڻي آھي. حياتيات جي عالمن جڏھن به فلسفا بيان ڪيا ته جھڙوڪر انھن پاڻ لاءِ رد پيدا ڪيا. حياتات جي ھڪ وڏي شاخ “ارتقائي حياتيات” اڄ به متنازع ان ڪري، آھي جو ان ۾ ذڪر ڪيل مختلف نظريات ڪٿي سمجھ ۾ اچن ٿا ته ڪٿي انسان انھن کي قابل قبول نٿا سمجھن. ارتقا اڻٽر آھي، پر حياتي جي ارتقا بابت دنيا ۾ وڏا بحث ٿيا آھن. شايد ارتقائي حياتيات جي مختلف موضوعن تي جيترا بحث ٿيا آھن ايترا بحث ٿي سگھي ٿو قدرتي سائنس جي ڪنھن موضوع تي ورلي ٿيا ھجن. ڪافي نظرياتي ماڻھن ٿيوري آف نيچرل سليڪشن کي رد ڪيو آھي. جڏھن ته ڪافي ماڻھو قبول ڪري ان نظرئي کي مڃين ٿا. اھو سڀ تنقيد جي ڪري ممڪن ٿيو آھي نه ته  ھرگز انسانن ۾ اھا تعميري پرورش ڪونه ٿئي ھا. ان ڏس ۾ 2017ع ۾ ڇپيل مقالو بنام “ارتقائي حياتيات ۾ ڇا غلط آھي؟” (جيڪو جرنل بائلاجي اينڊ فلاسافي ۾ 32 ھين شماري جي صفحي نمبر 263 کان 279 تي موجود آھي) پڙھڻ جھڙو آھي جنھن ۾ حياتيات مٿان ٿيندڙ تنقيد تي سرسري نظر سان ٿيل تحقيق بابت تخليق جا انگ اکر تمام بھتر نموني ذڪر ٿيل آھن.

تنقيد ۽ قانون جو علم:

جھڙي ريت تـنقيد جو عمل ۽ علم دنيا جي ٻين علمن ۾ رائج آھي بلڪل اھڙيءَ ريت اھا تنقيد قانون جي علم ۾ پڻ رائج آھي. جڏھن به  ڪو قانون ٺھندو آھي ته ان جي پٺيان ھڪ وڏو عمل ھوندو آھي جنھن ۾ قانون ساز ادارا ان تي سٺي تنقيدي جائزي آڌار ايستائين تبديليون ڪندا رھندا آھن جيستائين ان جي حتمي شڪل نٿي بيھي. قانون پاس ڪري لاڳو ڪرڻ کانپوءِ به ان کي عوام الناس پاران تنقيد کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. مثال: آمراڻه دورن ۾ ٺھيل قانون اسان وٽ اڄ ڏينھن تائين تنقيدي مرحلن مان پيا گذرن. اھڙي ريت قانون جي علم ۾ تنقيد نگاري بابت خود قانون ٺھيل آھن ته ڪير ڪنھن جي مٿان ڪيترو تنقيد ڪري سگھي ٿو. قانون بابت ھڪ تحقيقي مقالو جيمز سيٽان جو “قانون ۽ ادب، ڪم، تنقيد ۽ نظريا” نالي 1999 ۾ ڇپيو جنھن ۾ ھن رچرڊ وئزبرگ ۽ مارٿا نزابم جا نظريا تفصيل سان بحث ھيٺ آندا آھن جن بقول وڏا ادبي ڪم ھميشه پنھنجي نظرين جو قانون موجب ساٿ ڏيندا آھن. انھن بقول ادب ۾ تنقيد ھڪ تعميري مرحلو آھي. ان ڏس ۾ ھڪ عالمي تحقيقي جرنل بنامLaw and Critique  جيڪو دنيا جي ڇپجندڙ تحقيقي جرنلن ۾ ويھين نمبر تي معياري جرنل آھي، پڻ گذريل ويھن سالن کان “ڪرٽيڪل ليگل ڪانفرنس” جي الحاق سانSpringer  نالي مشھور اداري طرفان ڇپجندو پيو اچي جنھن ۾ قانون ۽ تنقيد، نفسياتي جائزي، تاريخ، تنقيدي نظرين، قانون ۽ ادب ۽ خاص ڪري تنقيدي قانوني تعليم بابت دنيا جي ماھر فلاسافرن جي زير قيادت تخليقي ڪم شايع ٿيندو آھي. قانوني تعليم ۾ تعميري تنقيد جو وڏو عمل دخل ان ڪري به آھي جو قانون انساني زندگي جا اصول ۽ ضابطا پڻ مقرر ڪري ٿو.

تنقيد نگاريءَ ۾ نقاد کي اخلاقي حدن اندر رھي دليلن سان تنقيد ڪرڻي ھوندي آھي. غير اخلاقي يا بي ادب ٻولي استعمال ڪري ڀلي ڪھڙي به غلط نظرئي تي حق جي تنقيد ڇو نه ڪجي، پر غير اخلاقي ٻوليءَ جي ڪري يا ته اھا خود رد ٿي ويندي يا وري ان تي تنقيدن جا نه رڪجندڙ سلسلا شروع ٿي ويندا جنھن سان ڳالھ اصل مطلب کان ھٽي ويندي. ان ڪري نقاد کي تنقيد ھميشه ان جي فني اصولن مطابق ڪرڻ کپي. نقاد جي لاءِ ھيٺيون ڳالھيون ضروري آھن:

* غير جانبدار ٿي لکي ۽ ڪڏھن به بہ ٻھروپيو ٿي ھتان ھِن جو ته ھُتان ھُن جو نه ٿي لکي. حق جي ڳالھ ڪري ڀلي سندس ڪنھن جي به تحقيق جي برعڪس ھجي، پر جيڪڏھن وٽس دليل آھن ته انھن جي مدد سان اھا ڳالھ رد ڪري پنھنجي ڳالھ ثابت ڪري، جيڪو ڪجھ به ھو پاڻ توري، تڪي، جاچي ۽ پرکي اھو ضرور لکي. 

* جنھن تي تنقيد ڪري ٿو ان جي مطالعي کان نقاد پنھنجو مطالعو ٿورو گھڻو وسيع رکندو تڏھن ان جي لکڻي کي صحيح پڙھي ان جي چکيل ذائقي کي صحيح نموني لکي سگھندو.

* تحقيق نوان رستا کولي ٿي. نقاد کي علمي ادبي طريقي سان جيڪا ڪنھن به ليک يا مقالي ۾ غلطي يا ڪمي پيشي نظر اچي ته پھريان ان جا درست حل ڳولھي پوءِ انھن کي تحقيقي انداز سان لکي.

* تنقيد جا مقصد جھيڙا جھڳڙا يا فتنا برپا ڪرڻ نه پر علم و دانش جي فروغ ذريعي ڇپيل مواد يا مقالي جي بھتري ڪارڻ صلاحون تجويز ڪرڻ آھن. ان ڪري محبت جي ٻوليءَ جو استعمال ڪجي ڀلي تنقيد جو مواد ڪيڏو به سخت ھجي، پر نرم لفظن ۾ پنھنجو موقف دليلن سان سامھون واري کي سمجھائڻ کپي جنھن سان ھڪ تير سان ٻه شڪار وانگر تنقيد ذريعي سامھون واري جي اصلاح به ٿي ويندي ته گڏوگڏ سٺي دوستي جي شروعات ڪرڻ لاءِ رستا پڻ ھموار ٿي ويندا.

* سھپ، برداشت، بردباري، وسيع النظري، بھادري ۽ جامع مطالعي جي گھڻي ڪثرت چند اھڙيون عادتون آھن جن سان نقاد ۽ جنھن تي تنقيد ٿي رھي آھي، ٻنھي جي شعور ۾ ھڪٻئي بابت سٺا خيال جنم وٺندا.

* نقاد کي تنقيدي نوٽ يا مقالو لکڻ مھل تحقيقي ۽ تنقيدي اخلاقيات جو ڀرپور مظاھرو ڪرڻ کپي. تحقيق جي ميدان ۾ ڪڏھن به پنھنجي ڳوليل نتيجي کي حرف آخر يا عقل ڪُل نه سمجھي، پر مستقبل جي محققن لاءِ ڪجھ گنجائش به رکي.

* نقاد کي ھر نقطي کي عمومي کان خصوصي ۽ خصوصي کان عمومي طرح مختلف ڪنڊن کان جاچي لکڻ کپي ته جيئن وري ڪنھن غلطيءَ جي گنجائش نه بچي ۽ تحقيق آڌار سٺي نتيجي تي پھچڻ خاطر سندس ڳالھ کي پڙھندڙ سٺي نموني سمجھي سگھي.

* نقاد ڪوشش ڪري ته تعميري تنقيد ان موضوع جي ڪري جنھن تي کيس اڳواٽ ئي دسترس حاصل ھجي.

* تنقيد ھميشه تعميري ھجڻ کپي جنھن مان ڪو سٺو اھڃاڻ يا نتيجو ملي. اجائي تنقيد ادب جي سرحدن کان ٻاھر شامل ٿيندي آھي جنھن جو مقصد تعميري ناھي ھوندو.

سنڌي سماج ۾ اڻ مقبول ڀوتارڪي تنقيد:

سنڌي سماج ۾ اھڙا ڀوتار جن کي پنھنجي طبقي ۾ به غير مقبول سڃاڻپ حاصل آھي انھن جو ڪم ھميشه ھڪ پريشر گروپ مثل رھيو آھي. انھن ھر ڀيري سماج جي شعوري ارتقا جي نظام ۾ رنڊڪون پئي وڌيون آھن. ڪڏھن ڪوڙ جي بنياد تي ته ڪڏھن غلط بياني ۽ سامراج جي پاليل دلالن جي روايتي ڳٺ جوڙ جي بنياد تي انھن ھر ڀيري حق سچ جي راھ ۾ ٿيندڙ ھر ترقي ۽ آدرش جي رستا روڪ ڪئي آھي. ان اڻ اعلانيل ڀوتارن پنھنجو پاڻ کي عام اڻ پڙھيل ۽ اٻوجھ ماڻھن جي نظر ۾ ته وڏو معزز ۽ داناءُ ثابت ڪيو آھي، پر اھي پنھنجن افعالن، ڪردارن ۽ گفتن مان اھي سنڌ جي اجتماعي شعور ۽ خصوصي طور سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي شعور اڳيان اھڙي ريت بيوس ٿي چڪا آھن جھڙي ريت پوڙھو شينھن گوشت کي ڏندن جي ڪمزوري وچان جڏھن کائي ناھي سگھندو ته صرف ٿٻ سان چوسيندو آھي. اھو منفرد ڀوتارڪو نظام ئي آھي جيڪو سنڌ جي نياڻين جي تعليم جو اوڻيھين صديءَ ۾ ويري ھو ۽ ان نظام ۾ شدت جي انتھا پسندي توھان جي اڳيان اڄ تڏھن چٽيءَ ريت  وائکي ٿي سگھي ٿي جڏھن سنڌ جي ڪابه باشعور نياڻي پنھنجي مرضيءَ سان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي تصوير رکندي آھي. اھا ويھين صديءَ ۾ عورتن کي ان ڳالھ تان روڪڻ ڄڻ ته ان ارتقائي تاريخ جي رڙ ۽ ڪوڪ آھي ته ھا اسان ئي اُھي سنڌي آھيون جيڪي پنھنجي نياڻين کي گذريل صديءَ ۾ الف، ب پڙھڻ کان منع صرف ان ڪري ڪندا ھئاسين جو رسول بخش پليجو چواڻي ته، اسان سنڌين کي اھو ڊپ ھو ته عورتون خط لکي پنھنجي يارن سان گڏ ڀڄي وينديون…!! ھا اسان ئي ان موئن جي دڙي جي قديم تھذيب جا مالڪ آھيون جتي عورتون مرد برابر هوندا ھئا، پر اڄ اسان پنھنجي عورتن جو نه صرف جسماني قتل عام ڪندا آھيون، پر کين جينياتي (Genetic)، معاشي، حياتياتي، سماجي طور ۽ ھر ممڪن طرح سان انھن کي واڙي بند ڪري سندن خواھشن، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ شعور جي جدوجھد ڪرڻ کان روڪي رکيو آھي جيڪو سنڌ جي امن پسند ڌرتي ۾ ھڪ ڪڌو رواج آھي.

جديد قانون سازي جيڪا عوام جي ڀلي ڪارڻ سائبر ڪرائيم ايڪٽ نالي عمل ٿي چڪي آھي ان سماجي رابطن جي استعمال ۾ سٺي بھتري آندي آھي، پر اڄ به اھو اڻ مقبول ڀوتارڪو ڪلچر ان ڪرائيم جي نالي پڻ ڪجھ غريب ليکڪن جي طبقي کي بليڪ ميل ڪندو نظر صرف ان ڪري به اچي ٿو ته سندن ڏھڪاءُ جي ڪري من ڪو شعور وارو سنڌ جو فرد پنھنجو شعوري سلسلو بند ڪري ڊپ ۾ وري “لوڪ وانگر” چٌپ ۽ خاموش ٿي ھڪ جڳھ ويھي رھي…! اھو نظام اڃان گھڻو ڪجھ چاھيندو، پر جي سنڌ جو شعور کيس عمل ڪرڻ نه ڏيندو ته وري به ہ ڪجھ بھتري جي روشني نظر ايندي…!!!

جيئن ھر ظلم خلاف ڪو نه ڪو آواز اٿندو آهي ته شروع ۾ ان آواز مٿان  ھرو ڀرو جبري پابنديون مڙھي اُن کي ھميشه لاءِ دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون آھن. اھڙيءَ ريت سنڌي علمي ۽ ادبي تنقيد جي شعبي ۾ به اھا ڪُڌي رسم ھن وقت عروج تي موجود آھي، جتي ڪافي ليکڪ ۽ اديب ھڪٻئي کان صرف ان ڪري به ڊڄن ٿا ته ھڪڙو ڀلي واجبي يا جائز تنقيد (براءِ اصلاح) ڪندو ته ٻئي طرفان شايد اڻ کُٽ تنقيد جو سلسلو شروع ٿئي. اھوئي سبب آھي جو ڪجھ شريف النفس اديب سڄي زندگي ان تنقيد جي ويجھو به ناھن ويندا، جڏھن ته ڪجھ انتھاپسند يا آمراڻا روين وارا ليکڪ وري ان شعبي کي ھرو ڀرو پنھنجن مطلبن جي پورت لاءِ کڻندا آھن.

References:

https://www.researchgate.net/publication/228751544_A_Three-Part_Theory_of_Critical_Thinking_Dialogue_Mental_Models_and_Reliability

Jami Chandio http://sindhicriticism.blogspot.com/2015/10/jami-chandio.html

Actually, Criticism Is Literature

https://www.researchgate.net/publication/292677679_Avoidant_Personality_Disorder_a_Current_Review

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=596

https://digitalcommons.law.yale.edu/yjlh/vol11/iss2/8/

https://www.springer.com/journal/10978

https://link.springer.com/article/10.1007/s10539-016-9557-8#citeas

 

5 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments