خاص

عدالت ننڍي عمر جي ڊرائيورن ۽ والدين کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي موٽرسائيڪل ريس دوران مبينا طور ٻن موٽرسائيڪلن جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان جي فوتگي جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ موٽرسائيڪل سوار جي ضمانت منظور ڪندي وڌيڪ جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي. موٽرسائيڪل ريس دوران نوجوان جي فوتگي جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ننڍي عمر جي نوجوانن جي موٽرسائيڪل ريس جهڙا شوق روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. عدالت وڌيڪ چيو ته ننڍي عمر ۾ جي ڊرائيورن جي سبب شهر ۾ ٽريفڪ حادثن جي شرح وڌي رهي آهي. ننڍي عمر جي نوجوانن جي موٽرسائيڪلن حادثن ۾ وڌندڙ فوتگين تي معاشري ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڇانيل آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ڪيترن ئي حادثن ۾ ايڏا ننڍي عمر جا ڊرائيور ملوث هئا، جيڪي پنهنجي ۽ گاڏي جي حفاظت به نه پئي ڪري سگهيا، اهڙي صورتحال ۾ حڪومتي ادرن کي مداخلت ڪرڻ جي ضرورت آهي، جتي خاص ڪري ننڍي عمر جي نوجوانن جو وڏو انگ حادثن جو حصو هجي. جسٽس آفتاب ڳورڙ چيو ته ارڙهن سالن کان گهٽ عمر جي ڊرائيورن سان گڏ انهن جي والدين کي به ذميوار قرار ڏنو ويندو، اميد ته اهڙن قدمن جي نتيجي ۾ والدين پنهنجي ٻارن کي گاڏيون روڊن تي آڻڻ کان روڪيندا. عدالت حڪم ڏنو ته پهرئين مرحلي ۾ مهم هلائي وڃي ۽ والدين کي به ذميوار قرار ڏنو وڃي، جڏهن ته ننڍي عمر جي ڊرائيورن جون گاڏيون به ضبط ڪيون وڃن.