خاص

عدم اعتماد: ميمبرز کي ڌمڪائڻ جو ڪو ارادو ناھي، اپوزيشن جو ھي اتحاد گھڻو وقت نه هلندو: شاھ محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مخالف ڌر جي اتحاد ۽ بي اعتمادي واري رٿ کي عارضي ڦوڪڻو قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان وفاقي راڄڌاني ۾ ڌرڻو ڏيڻ لاءِ نه اچي رهيا آهيون. هن ڳالهه ۾ فرق محسوس ڪيو، ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي وزيراعظم قوم سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو. جلسي ذريعي وزيراعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺندو هن چيو ته ميمبرن کي ڌمڪائڻ يا رابطي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو ڪوبه ارادو ناهي، پيپلز پارٽي لانگ مارچ ڪيو ته هن کي ڪاٿي به حڪومت طرفان ناهي روڪيو ويو ۽ لانگ مارچ ڪندڙن کي اڳتي به نه روڪيو ويندو. شاهه قريشي محمود چيو ته بي اعتمادي واري رٿ کي سياسي ۽ جمهوري طريقي سان مقابلو ڪنداسين.