عقلمندي
توھان اھو ڄاڻندي حيران ٿي ويندا ته اڄ دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻھن جي ڪمائي جو ذريعو ”ميڪڊونلڊ“ فاسٽ فوڊ جي ابتدا ھڪ ريڙھي کان شروع ٿي ھئي. اڄ کان 83 سال اڳ 1937ع ۾ آمريڪا جي ھڪ غريب شخص ”پيٽرڪ ميڪڊونلڊ“ پنهنجي ڪمائي جي لاءِ ڪيليفورينا جي علائقي منرويا ۾ ”منرويا ايئرپورٽ“ ويجھو برگر کپائڻ لاءِ ھڪ ريڙھو لڳايو. اھو غريب ماڻھو روزانو صبح جو ريڙھو گھران ڪاھي نڪرندو ھو ۽ سڄو ڏينهن ايئرپورٽ تي برگر ۽ صاف سٿرو جوس کپائي شام جو ريڙھو گھليندو گھر ايندو ھو. اھو 3 سال ايئن سڄو ڏينهن محنت ڪندو رھيو پوءِ ٽن سالن بعد 1940ع ۾ پيٽرڪ جي ٻن پٽن رچرڊ ۽ موريس پنهنجي پيءُ کي ھٿ نه ونڊائڻ جو فيصلو ڪيو.
انھن جو خيال ھو ته اسان کي ڪم ريڙھي کان اڳيان وڌائڻ کپي. ايتري ۾ انھن ڪيليفورينا ۾ ”باربي ڪيو“ جي نالي سان ھڪ ننڍڙي ھوٽل جو بنياد رکيو، جتي اھي پنهنجي پيءُ جيان ڀرپور محنت سان ڪم ڪندا رھيا. محنت مسلسل جدوجھد وڏي ھمت جھڙي اصولن کي مڪمل طور تي پنهنجو منشور بڻايو ۽ فيصلو ڪيو ته ھڪ ڏينهن انھن جو ھي ڪاروبار پوري دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاھيندو. انھن ڏينهن ۾ محنت ۽ ثابت قدميءَ جي رھنما اصولن ڪري، ڪجهه ئي وقت ۾ ھوٽل علائقي ۾ پنهنجي نالو ڪمايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھو ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو. ٻنھي ڀائرن پنهنجي ڪاروبار کي وسيع ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انھن ايتري قدر محنت ۽ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي جو صرف 13 سالن کانپوءِ 1953ع ۾ ھوٽل جون ڪيتريون ئي برانچون ڪيليفورينا جي آسپاس ٻين شھرن ۾ به کوليائون.
اھي پنهنجي ڪم ۾ محنت سان جڙيا رھيا ۽ ترقي جا وڌيڪ ڏاڪا چڙھندا ويا صرف 6 سالن کانپوءِ 1959ع ۾ آمريڪا ۾ انھن جي ھوٽلن جو تعداد 102 ٿي ويو. ھڪ سال کانپوءِ انھن جو ڪم ايترو ته ڪشادو ٿي ويو جو انھن کي پنهنجي ريسٽورينٽ لاءِ تربيت ڏنل ملازم فراھم ڪرڻ لاءِ ھڪ الڳ يونيورسٽي ٺاھڻي پئي. 1961ع ۾ ڪمپنيءَ پنهنجي سڀني فرنچائيز کي تربيت يافته ملازم فراھم ڪرڻ لاءِ ”ميڪڊونلڊ برگر“ نالي سان ھڪ وڏي يونيورسٽي قائم ڪئي جنهن مان صرف 30 سالن ۾ 40 ھزار ماڻھن بيلچر آف ھيم برگر جي ڊگري حاصل ڪئي.
ريسٽورينٽ ڪمپنيءَ ملازمن جي فراھمي لاءِ انھيءَ ڪارپوريشن لنڊن، ٽوڪيو ۽ جرمني سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 7 يونيورسٽيون قائم ڪيون. 1969ع ۾ ھي ڪمپني 50 رياستن ۾ پکڙجي وئي، ڪمپني يونائيٽيڊ اسٽيٽ کان ٻاھر پنهنجي پھرين برانچ 1967ع ۾ برطانيه ۾ قائم ڪئي. جڏهن ته 1990ع تائين ميڪڊولنڊ فاسٽ فوڊ 58 ٻاھرين ملڪن ۾ پنهنجا 3600 ريسٽورينٽ کولي انھن مالڪن ۾ پنهنجي ڪاروبار جو ڄار وڇائي ڇڏيو. 1939ع ۾ ڪيليفورينا رياست جي علائقي ميرونيا جي ھڪ غريب جي ريڙھي سان شروع ڪيل ڪم اڄ 121 ملڪن ۾ ڦھلجي ويو آھي.
ماھرن جو خيال آھي ته ميڪڊونلڊ کي پوري دنيا ۾ مشھور ڪرڻ ۾ ان جي رھنما اصولن محنت ثابت قدمي وڏي ھمت جو وڏو ثمر آھي، جنهن جي ڪري ميڪڊونلڊ فاسٽ فوڊ ڪمپني ھڪ گلوبل برانڊ بڻجڻ ۾ ڪامياب وئي. ڪوبه ڪنهن به شعبي سان وابسته ھجي ان کي ھڪ ئي فڪر ھوندو آھي ته ڪيئن ترقي ڪري. عربي جو مشھور پھاڪو آھي ته:
من جدوجد (جنهن ڪوشش ڪئي ان حاصل ڪيو).
مسلمانن جو اھو عقيدو آھي ته دنيا ۾ ڪا به شيءِ ناھي جيڪا ناممڪن ھجي. محنت ۽ ثابت قدمي سان ھر ناممڪن کي ممڪن ڪري سگھجي ٿو. غير معمولي چمڪ سرانجام ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، انسان محنت، جدوجھد ۽ سچي نصيب جو مالڪ ھجي. ان تي ڪم جو شوق سوار ھجي دماغ ۾ جڏهن ڪنھن ڪم جي ڳڻتي ويھي وڃي ته اھو ضرور انجام تائين پھچندو آھي. ان جي رستي ۾ نه ساڙ، نه دوکو رڪاوٽ بڻجندو آھي، سازش خلل وجھندي آهي نه ڪا ٻي شيءِ منع ڪندي آھي. پنهنجي ڪم سان محبت ۽ عشق ڪاميابي جي چاٻي آھي محبت ھجي ته سبب ۽ وسيلا به پيدا ٿي ويندا آھن. پنهنجي مقصد سان محبت ڪرڻ وارو ڪڏهن پنهنجو ھٿ ھٿ تي رکي ناھي ويھندو. بند رستا، تڪليفون ڏيندڙ رڪاوٽون ان جي رستي ۾ لغزش پيدا نٿيون ڪري سگھن.
ڪاميابي لاءِ لازمي آھي ته انسان کي ڪنهن به ڪم جي آغاز ڪرڻ کان پھريان ان جي انجام ڏيڻ بابت چڱي طرح غور فڪر ڪري ڇڏي ۽ ان جي فائدن ۽ نقصانن بابت به جائزو وٺي جيڪڏھن ڪم ۾ گھڻو فائدو ھجي ته ڪم ڪري نه ته ان کي ڇڏي ڏئي. ڪنهن به ڪم جي شروعات کان پھريان جڏهن اسان عقلمندي جي پرواهه نه ڪندي پنهنجون سڀئي صلاحيتون وقف ڪندا آھيون ته تقريبن اسان کي نقصان حاصل ڪرڻو پوندو آھي. ان لاءِ چيو ويندو آھي ته انسان جڏهن به بغير سوچڻ ۽ سمجھڻ جي انجام جي پرواھ ڪرڻ بغير ڪنهن ڪم ۾ داخل ٿيندو آھي ته حقيقيت ۾ اھو پاڻ کي مصيبت ۾ گرفتار ڪندو آھي.
عقلمندي ۽ انجام ھڪ اھڙو عمل آھي جنهن جي تربيت ھر ڪامياب شخص ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح دنيا جو ڪوبه عقلمند ۽ ڪامياب شخص ڪنهن کي بغير انجام جي پرواھ ڪرڻ جي ڪو ڪم ڪرڻ جي ھدايت ناهي ڪندو. ھميشه ڪم جي شروعات کان پھريان ان جي نتيجن جي پرواھ جو غور ڪرڻ ڪامياب ماڻھن جي عادتن ۾ شامل عادت آهي. دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجو مقام ٺاھڻ وارن اھڙن ڪيترن ئي ماڻھن جا واقعا اسان جي سامھون آھن جن انجام جي فڪر کي لازمي سمجهندي عقلندي سان پنهنجن معاملن کي پرکيو ۽ پوءِ انھن تي عمل ڪرڻ يا انھن کي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ھميشه عقلمندن واري سوچ رکو وقتي فائدا ڪجهه ڏينهن يا ڪجهه لمحن ۾ ختم ٿي ويندا آھن. حالتن ۽ واقعن جو مطالعو ڪري ان جي سڀني سنگين نتيجن کان واقف ٿي انجام تي نظر رکندي عقلمند اهو ڄاڻي وٺندو آهي ته ڪهڙو قدم کڻڻ جا ڪھڙا نتيجا نڪرندا ۽ انهن نتيجن جا ڪهڙا اثر ٿيندا.
***