علي بابا جي ڪهاڻيءَ جي روايت غلام نبي سومرو

علي بابا ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نويس هڪ ڪثير الجهت شخص ۽ ليکڪ هو، جنهن جا پير زمين تي هئا، پر هن جو فن دنيا ئي ادب آسمان کي ڇهي رهيو هو. اڄ به هو ليکڪن ۽ ادب سان لاڳاپيل پڙهندڙن جي دل جي قريب آهي. هو لاڳيتو لکندو هو سندس پهرين ڪهاڻي “پڃري جو پکي” ٽماهي مهراڻ 1960ع ۾ ڇپي ۽ سندس پڇاڙڪي ڪهاڻي “ڌٻڻ” پڻ ٽماهي مهراڻ ۾ سال 2016 ۾ شايع ٿي.

لکڻ ۾ هن جو پوري حياتيءَ جيترو ڪيريئر هو. سندس ڪهاڻين جا مشهور مجموعا “ڌرتي ڌڪاڻا”، “آيل ڙي اولاڻا”، “جنم ڀومي” ۽ “شمشان ڀومي” آهن. علي بابا نثر جي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي، پر منهنجو موضوع سندس ڪهاڻيءَ جو ٽرينڊ آهي. علي بابا پنهنجي تحرير، پنهنجي ڪهاڻي ۾ هڪ نرالي رنگ ڍنگ سان پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي. هو بلا شبه هڪ ماهر ڪرافٽسمين هو. هن جي ڪاريگري، ٽرينڊ اهو هو ته تمام ننڍي پلاٽ کي رستي هلندي ڪنهن شخص کي، ڪردار کي ايئن پورٽري ڪندو هو جو ڪردار ڪهاڻيءَ کي تخليق ڪندو رهندو هو، جيئن ڪهاڻي “نانگا ننڊ نه ڪن”، جنهن ۾ هڪ ئي ڪردار ڪهاڻي کي تخليق ڪندو رهي ٿو. اهو ڪردار ئي آهي جيڪو زندگيءَ جي اهم سوالن تي خود ڪلاميءَ جيان آهي ۽ زندگيءَ جي درد کي بيان به ڪري پيو ۽ احتجاج به، ڪهاڻيءَ جون ڪجهه سٽون:

“اکين تي هٿ ڏيو چئو واٽي تي روئان بيٺو، ڇو پيو نگري نگري بن بن ڀٽڪان، ڇو پيو پچان، کامان، پڄران.”

هن جي روايت هيٺئين پرت جي ماڻهوءَ جو بيان آهي، ان جي انٽر ايڪشن سان هو وطن جي سموري دنيا جي عام عوام سان جيڪا بي قدري ۽ بي انصافي آهي انهيءَ اظهار ۾ هن کي ڪمال حاصل آهي، آرام سان هو سياست، طبقات، تيزيءَ سان ڊهندڙ سماج جا جيڪي عام مظهر آهن جن اصلوڪن ۽ بيوس ماڻهن لاءِ در بند ڪري ڇڏيا آهن، هو انهن خاڪ نشينن جو آواز آهي. سندس عهد ۾ هي جيڪي نسل ۽ زبان جا تعصبات آهن هي جيڪو ڪوڙهيو سماج آهي. هو انهيءَ جي بدصورتي کي ڪمال ڪاريگريءَ سان بحث هيٺ آڻي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي ڪلا جي زور تي ائين بيان ڪري ٿو جو اهي ڪهاڻيءَ جو فطري حصو هجن، پر انهيءَ جو سياسي اظهار پڻ. شروع ۾ روسي ادب، هاڻي سڄي دنيا ۾ اها روايت رهي آهي ته اهي پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ پنهنجي پوين ۽ سيهوڳي ليکڪن جو حوالو سندن نالي ۽ ڪيل ڪم سان ڏيندا آهن ۽ علي بابا به ائين ڪري ٿو. ڪهاڻي “ايڊٽ ٿيل سپنا” ۾ هو نارائڻ شيام جو ذڪر ڪري ٿو، سندس هي شعر ڏيئي:

کڻي رات مشعل مسافر هليو هو،

ٻه پل نيم روشن ڪري هو گهٽي ويو.

ساڳئي طرح ڪهاڻي “مٽي” جو پيرا گراف هن بيان سان شروع ٿئي ٿو.

“ريڊيو تان موهن جي خبر ٻڌي هينئڙو لوڻ پروڻ ٿي ويو هئس، بليڊ ۽ ڪاتيءَ کان تکو قلم کڻي نڪري ويو آهي ڪنهن سرڳ جي ڳولا ۾ ڀڳوان تي ڪاوڙيل ماڻهو.”

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ع. ق شيخ، پلي، طارق اشرف، نارائڻ ڪنهن ڏورانهين سفر تي هليا ويا هئا، ڀلو ڙي يار ڪهڙو سڱ سياڪو جيجان تن جتن سين سڀ هليا ويا. منير، عالماڻي، الطاف، رشيد، نسيم جيان لاڏاڻا ڪري All Their days buried by نارائڻ جو شعر ڪن ۾ ٿو پويس:

۽ هڪڙي ئي شمع جي اجالي ۾،

سونهن منهنجي ٿي ويندي ڌنڌلي.

هن جي ڪهاڻين ۾ محبت هڪ نئين آرزو سان ظهور پذير ٿئي ٿي، محبت ۽ جسمانيت ڪجلا تجلا ماڻهو ۽ گرڀ جو تيج ۽ ٻيون ڪهاڻيون انهيءَ جو مثال آهن.

مون جيئن اڳ ذڪر ڪيو آهي ته هن جي ڪهاڻيءَ جي روايت عام پيڙهيل ڪردارن جي ذريعي، پنهنجي سماج، وطن ۽ دنيا ۾ بين الاقوامي سياست جي مڪاري جي ڪري جيڪا نا انصافي آهي هن انهيءَ کي عام ماڻهوءَ سان ٿيندڙ وارداتن جي ذريعي بيان ڪيو آهي ۽ هن ڪوڙهئي نظام ۾ انسانيت جي جيڪا Casualty آهي، انهيءَ بيدرد ورتاءُ ۾ بلا آخر انسانيت مري رهي آهي. انهيءَ جو بيان “ماتا ديوي” ڪهاڻيءَ جي هيٺين سٽن ۾ آهي:

“معاشري، ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن جي پوري تاريخ ۾ اسين ڪنهن به طرح پنهنجي انسان هئڻ جو ثبوت نه ڏيئي سگهيا آهيون ته پوءِ پنهنجي اصليت کان منهن موڙڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي.”

علي بابا جي روايت جيڪا ڪهاڻي ۾ آهي جيڪا سندس هم عمرن ۾ هئي ته سهي، پر علي بابا وٽ سڌي سنئين ۽ علي الاعلان هئي بنا ڪنهن خوف جي هن جو جرئت اظهار حيران ڪندڙ آهي. مثال طور: سندس يادگار ڪهاڻي “چنڊ ۽ ماني” جتي هو فن جي اتاهين تي نظر اچي ٿو، هن جي ڪلا هن جو ڏانءُ غير معمولي ۽ هن جو پيغام واضح آهي، وري هڪ انوکي موضوع تي سندس ڪهاڻي “گرڀ جو تيج” آهي. اسان جي خطي ۾ جيڪو Myth آهي اهو هن کي عزيز هو. هو صدين جي دانش جي سمنڊن جو غواص هو. اتان موتي ميڙيندي عهد حاضر جي سياسي سماجي ڊسڪورس ۾ سجائي هن پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي.

سڀ کان اهم ڳالهه ته سادن سوڌن نادار ماڻهوءَ جا ڪردار کڻي هو جڏهن ملڪي ۽ عالمي معاشيات جو پوسٽ مارٽم ڪري ٿو ۽ پوري جي پوري Authority ۽ تانا شاهي جي سامهون آڻي بيهاري ٿو ۽ هڪ طاقتور پيغام سان انياءُ ۽ نراج کي رد ڪري ٿو. هو هڪ انصاف ڀرئي سماج ۾ يقين رکي ٿو. جڏهن هو انهيءَ کي دنيا جي معاملن ۽ مامرن ۾ نٿو پائي ته پوءِ پنهنجي قلم جي طاقت کڻي انهيءَ جي سامهون بيهي ٿو رهي.

علي بابا عملي طور به عام ماڻهوءَ جي زندگي گذاري، انهيءَ کي جيءُ ڏٺو. هو مختلف ڪُنڊن کان اشرافيه جي بي حسي جو شاهد هو. تڏهن هن پنهنجي قلم جي زور سان انهيءَ جي آگاهي ڏني.

تاريخ به علي بابا جي پسند جو موضوع هئي، هن جي تحرير جون جڙون به انهيءَ ۾ هيون. انهيءَ پسمنظر ۾ هن تاريخ کي پنهنجي نقطهءِ نگاهه سان Re Create ڪيو.

ڪهاڻيون “رني ڪوٽ جا رکوال”، “چنگيز خان”، “ڪارونجهر جو قيدي” انهيءَ جا بهتر مثال آهن.

هر Legend ليکڪ جيان هن لاءِ وطن ۽ انهيءَ جا ماڻهو سڀ کان اهم آهن ۽ انهن جي شاندار مستقبل جا خواب هن جي اکين ۾ هئا، جيڪي هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ بيان ڪيا آهن، انهن خوابن جو تعبير ڪيئن ٿيندو. اهو سماجي ارتقا جو سوال آهي جو علي بابا به ڄاتو ٿي ۽ اسين به ڄاڻون ٿا تڏهن ته اسان مايوس نه آهيون. اميد جي روشني هڪ ڏيئي جيتري ئي ڇو نه هجي، پر روشن ته آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ واڍوڙيل انسانيت جو درد آهي، انهيءَ درد کي پائندگي آهي ۽ آئندي جي اميد پڻ.

“نانگا ننڊ نه ڪن” ۽ “آخري مراد” ڪهاڻيون ڪراچي شهر جي صورتحال تي آهن. ڪراچي اسان جي وجود جو حصو آهي، پر اهو به حقيقت آهي ته اها ڪنهن هريي ڦٽ جيان پڻ آهي. پنهنجي ٻنهي ڪهاڻين جي Discourse ۾ اهو ظاهر ڪري ٿو. علي بابا لاڳيتو لکندڙ ليکڪ هو، هو آخر تائين لکندو رهيو، سندس تحريرون ۽ فن اسان وٽ امانتون آهن، جيڪي اسان سان ۽ ايندڙ نسلن سان گڏ هلنديون. هو درد جو ليکڪ هو، اهو درد به اسان سان گڏ هلندو اميد کڻي خواب کڻي جن جا تعبير ڪجهه ٿيا آهن ڪجهه ٿيندا، اهڙو يقين علي بابا کي به هو ۽ اسان کي به آهي.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments