عمران خان پاران پنجاب ۾ حڪومت نه ملڻ تي پرتشدد احتجاج جي ڌمڪي
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي ٻنهي پارٽين وري پئسو هلائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو ته پوءِ جيڪو ٿيو ان جي ذميواري مون تي نه هوندي. لاهور جي علائقي لبرٽي چوڪ ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان سڪندر سلطان جهڙو بدديانت اليڪشن ڪمشنر ناهي ڏٺو، اسان سڀ ڳالهيون اليڪشن ڪميشن کي ٻڌائيندا رهياسين، سڪندر سلطان سنڌ ۾ مڪاني ۽ ننڍي چونڊ رڳو برسات سبب ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڊسڪه ۾ پوري حلقي جي اليڪشن ٻيهر ڪرائڻ جي بدران رڳو 20 پولنگ اسٽيشنن تي چونڊ ڪرائي. هن چيو ته اسان ان اليڪشن ڪمشنر جي نگراني ۾ جنرل اليڪشن نه وڙهنداسين، سڀني کان وڏي جماعت کي جڏهن ان تي يقين ناهي ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جو چئني صوبن ۾ ووٽ بئنڪ آهي، ووٽنگ مشين ذريعي ڌانڌلي جا 130 طريقا ختم ٿي ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سڀاڻي پنجاب اسيمبلي ۾ عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو ته سڀني کي خبردار ٿو ڪريان ته هي ملڪ سريلنڪا جهڙو ٿي ويندو، پوءِ جيڪو ٿيندو ان جو ذميوار مان ناهيان.

