عمران خان کي ٻه ٽِڻي ڪنهن ٺاهي ڏني؟ انور حسين قاضي آگسٽ 2022

1463 Shares

جولاءِ 2022 جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي، مينهن جي خوبصورت موسم به آهي، ڪارا ڪڪر ڪارونڀار ڪيو پوري پوري ملڪ تي وسن پيا، نقصان به گهڻو ئي ٿيو آهي، پر فائدو به آهي جو ڊيم سڀ ڀرجي ويا آهن ۽ درياهن ۾ به چڱو خاصو پاڻي اچي ويو آهي. موسميات کاتو ٻڌائي پيو ته اڃان به هڪ هفتو بادل برقرار رهندا، ان کانپوءِ اهي ڪارا ڪڪر سال جي لاءِ آرام ڪندا ۽ ايندڙ سال مون سون جي موسم ۾ وري واپس ورندا. ان کان وڌيڪ ڪارا ڪڪر اسان جي ملڪ تي سياسي عدم استحڪام جا آهن جيڪي گذريل 75 سالن کان ملڪ جي مٿان موجود آهن، پر انهن جي وڃڻ جي خبر موسميات کاتي کي به نه آهي، ٿي سگهي ٿو ته زراعت کاتي کي هجي، پر اهو به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. ها! فقط ايترو چون ٿا ته هاڻي زراعت کاتو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، هڪ حصو آهي اهو جنهن کي لاڏلو بار بار نيوٽرل چوي پيو ۽ ٻيو حصو ان کاتي جون پنهنجون ڪارروايون جاري رکيو پيو اچي جنهن جو فائدو به لاڏلي کي ايئن جيئن اسان جي سنڌ ۾ هڪ راند آهي جنهن کي نَو ٽِڻ چئبو آهي ان راند ۾ جڏهن به ڪو رانديگر چال کيڏي ٻه ٽِڻي ٺاهيندو آهي ته ان کي شڪست نه ڏئي سگهبي آهي. مطلب ته هو جيڪا به چال هلندو آهي انهيءَ ۾ سندس فائدو هوندو آهي هينئر به اها راند سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عام جام کيڏي وڃي ٿي، پر موبائل اچڻ کانپوءِ گهڻي گهٽ ٿي وئي آهي. اهڙي ئي ٻه ٽِڻي لاڏلي کي ٺاهي ڏني وئي آهي، هو جيڪا به چال کيڏي ٿو ان ۾ سندس فائدو، پر لاڏلو ملڪ جي نقصان يا فائدي سان ٻڌل نه آهي. ان لاءِ اسان جي ملڪ ۾ عدم استحڪام ختم نه ٿيندو اگر سياسي استحڪام ختم نه ٿيندو ته معاشي حالتون جيڪي هن وقت انتهائي بدتر آهن اڃان به بدترين ٿي وينديون ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچي ويو آهي، پر سوال وري اهو آهي ته اگر ملڪ خدانخواسته ڏيوالي جي صورتحال ۾ هليو ويو ته نقصان ڪنهن جو؟ يقينن عوام جو ڇو ته جيڪي به اشرافيه سان تعلق رکن ٿا انهن ڪهڙو نقصان پنهنجي سر تي برداشت ڪيو آهي، پنهنجي 75 سالن جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته انگريز جڏهن ويا ته راجا مها راجا، نواب، سردار، جاگيردار، وڏيرا ۽ ڀوتار ئي ته مختلف حڪومتن جو حصو بڻجي پنهنجا فائدا حاصل ڪندا رهيا، جڏهن ورهاڱو ٿيو ته به غريب ماڻهو ماريا ويا چاهي اهي پاڪستان مان لڏي ويندڙ هئا يا ڀارت مان لڏي ايندڙ، انهن ۾ به سرمائيدار نه مئا هئا. اهي جتي به هوندا پنهنجي طاقت جي زور تي حڪومت سان گڏجي عوام تي حڪومت ڪندا آهن. سو ملڪ جي سگهارن ماڻهن کي ملڪ جي ڏيوالپڻي سان ڪوبه نقصان نه ٿيندو، ان ڪري ته ڏسو هن وقت حڪومت ۽ حڪومت (بظاهر اپوزيشن) ٻئي ڌريون اسان کي اهو ٻڌائين پيون ته ملڪ عدم استحڪام جو شڪار آهي اسان ئي ان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻينداسين، پر آڻيندا ڪونه ڇو ته کين ملڪ کي بهتر صورت ۾ آڻڻ ۽ معاشي استحڪام ڏيڻ جي ذاتي طور تي ڪابه ضرورت نه آهي.

جيئن محڪمه زراعت جا ٻه واضح حصا آهن ايئن ئي حڪومت جا به ٻه حصا بڻجي چڪا آهن، هڪڙي مرڪزي حڪومت آهي جنهن ۾ وزيراعظم بظاهر شهباز شريف آهي، پر راند سڄي زرداري صاحب ۽ مولانا جي آهي. شهباز شريف ته نون ليگ کي به مطمئن نٿو ڪري سگهي، ٻي حڪومت عمران خان جي آهي. جيڪا ڪالهه پرويز الاهي جي پنجاب جي وزيراعليٰ ٿيڻ کانپوءِ انتهائي مضبوط ٿي چڪي آهي. خيبر پختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ته پهرئين ئي پي. ٽي. آءِ جي حڪومت جي هيٺ هئا. اسان ڳالهه پئي ڪئي ته محڪمه زراعت يا صاف چئون اسٽيبلشمينٽ جو هڪ اهم حصو عمران خان لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ عدالتون ان جي حق ۾ فيصلا ڏيئي رهيون آهن ته محڪمه زراعت جو نيوٽرل حصو اتحادي حڪومت جي ڪهڙي مدد ڪندو ان جي برخلاف انهن جا شرط مرڪزي حڪومت لاءِ روز بروز مشڪل کان مشڪل ٿيندا پيا وڃن. مطلب نيوٽرل جو بار به شهباز شريف تي. ايئن چئون ته هڪ همراهه کي ٻه ٽِڻي ٺاهي ڏني وئي آهي ۽ ٻئي همراهه کي ٻٽنگو ڦاسايو ويو آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته اهو سڄو ڪم اسٽيبلشمينٽ ڪري رهي آهي. ڇو ته انهن ڪافي ڪوشش ڪئي ته جيئن نواز شريف جي مقبوليت پنجاب مان ختم ڪرائي سگهجي. انهن جي اهم اڳواڻن کي جيل ۾ وجهڻ، ڪوڙا ڪيس ڪرڻ ايستائين جو هيروئن جهڙا ڪيس به انهن تي داخل ڪيا ويا نيب ته انهن لاءِ حالتون تنگ ڪري ڇڏيون، ڪورٽن جو حال ته اسان جي اڳيان هو ۽ آهي ته نون جي خلاف ڪوبه ڪيس کڻي اچو فيصلو مرضي جو وٺو، پر ان جي باوجود نون ليگ ۾ انتشار نه ٿيو ۽ نه ئي پنجاب جو ماڻهو انهن جي خلاف ٿيو. انهن ڳالهين جو ثبوت عمران خان جي حڪومت ۾ ٿيل ضمني چونڊون جيڪي پنجاب ۾ تقريبن سڀ جون سڀ نون ليگ کٽيون. اسٽيبلشمينٽ لاءِ حالتون ڳڻتي جوڳيون ٿي ويون ته ڇا ڪجي جو نون ليگ جي مقبوليت پنجاب جي عوام مان ڪيئن گهٽ ڪجي ان لاءِ ته کين خطرو آهي ته اگر پنجاب جو عوام جيڪو هميشه پرو اسٽيبلشمينٽ رهيو آهي اهو گذريل چئن سالن ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ ٿيندو پيو وڃي. سڄو اسڪرپٽ ايتري دانائي سان لکيو ويو ۽ ان ۾ زرداري صاحب جو اهم ڪردار رهيو جو انهيءَ گڏجي نون ليگ کي اهڙي جاءِ تي بيهاريو آهي جو انهن جو هن وقت ڪوبه بيانيو نه آهي. تصور ڪريو ته پي. ٽي. آءِ جو قومي اسيمبلي جو ميمبر يا پنجاب اسيمبلي جو ميمبر نون سان گڏجڻ لاءِ ۽ پنهنجي پارٽي کان منحرف ٿيڻ لاءِ صرف هڪ شرط رکي پيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ کيس نون ليگ ٽڪيٽ ڏيندي، پر هن وقت اها پوزيشن آهي جو نون ليگ ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب وڃائيندي نظر اچي رهي آهي. زرداري صاحب جهڙي کلاڙي پنهنجي اننگ ڀرپور کيڏي آهي ۽ اڃان به کيڏي رهيو آهي. هن وقت نه صرف نون ليگ جي مقبوليت گهٽ ٿي آهي، پر شريف خاندان جي وچ ۾ نفاق جون خبرون به گردش ۾ آهن ۽ بظاهر انهن خبرن ۾ سچائي نظر اچي ٿي. سلمان شهباز ته واضح ٿي چڪو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ مريم نواز کي اڳواڻ سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي، پوءِ جڏهن هڪ ناليواري صحافي سيد طلعت حسين جي ٽوئيٽ تي سلمان شهباز ۽ ان جي سوشل ميڊيا جي ٽيم صحافي سان پي. ٽي. آءِ وارو ڪم ڪيو آهي. هن وقت نون ليگ ڪمزور پچ تي آهي ان جو فائدو به اسٽيبلشمينٽ وٺي رهي آهي ۽ زرداري صاحب جي معرفت شريف خاندان کي پڻ ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. اگر نون ليگ پنهنجي بيانيي، ”ووٽ کي عزت ڏيو“ تي بيٺل هجي ها ۽ جيئن ئي شهباز شريف وزيراعظم ٿيو ته قومي اسيمبلي توڙي نئين اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري ها ته نون ليگ هن پوزيشن ۾ نه هجي ها، پر شهباز شريف کي وزيراعظم ٿيڻ جو شوق ۽ ڀاءُ سان ڪيل بدنيتي هن حالت تائين پهچايو آهي ته نه خدا هي ملا نه وصال صنم، نه ادهر ڪي رهي نه اُدهر ڪي هم. هن وقت تائين نواز شريف جي بيانيي جي هار ٿي آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جيت ٿي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ڇا قومي حڪومت ٺهي ٿي يا جلد ئي اليڪشن ڪرائي وري به عمران خان کي آندو وڃي ٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
1 Comment
Oldest
Newest Most Voted
Inline Feedbacks
View all comments
healing music
25 days ago

healing music