ايڊيٽوريل

عورت لاءِ غير محفوظ اسلامي جمهوريهءِ پاڪستان

پاڪستان پنهنجي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته عورتن ۽ ٻارن لاءِ هڪ غير محفوظ ملڪ ثابت ٿيو آهي. 23 سيپٽمبر 2022 تي چڪ شهزاد ۾ مشهور صحافي اياز امير جي پٽ شاهنواز پنهنجي گهرواري ساره کي ڪنهن ڪاڪروچ وانگر لوهي ڊمبل مٿي ۾ هڻي کانئس هڪ خوبصورت زندگي ڦري ورتي. سال اڳ هڪ ڊپلوميٽ جي ڌيءَ نور مقدم کي سندس بواءِ فرينڊ پنهنجي گهر ۾ وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪري سندس ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪري پنهنجي خواب گاهه ۾ ان جي ڌڙ سان لتون هڻي راند کيڏندو رهيو ۽ پنهنجي مرد هجڻ جي احساس کي انجواءِ ڪندو رهيو. موٽروي تي هڪ عورت کي سندس ٽن ٻارن جي موجودگيءَ ۾ ٻن مردن عابد ملهي ۽ شفقت علي گاڏيءَ مان لاهي سندس ٻارن اڳيان زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ان عورت کي ان ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تون فرانس جهڙي ملڪ مان پاڪستان جهڙي اسلامي جمهوريه رياست ۾ ڪيئن ٿي اچي رهي سگهين؟ پاڪستان کي اسلامي جمهوري رياست جي جاءِ تي ”اسلامي جمهوري عورت ڪوس گهر“ چئجي ته غلط ڪونه ٿيندو.

Thomas Reuters Foundation پاڪستان کي عورتن لاءِ ڇهين نمبر تي خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو آهي. پاڪستان اهو ملڪ آهي جتي هر سال 5000 عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ صرف ٻهراڙيءَ جون عورتون آنر ڪلنگ ۾ نه، پر شهر جون پڙهيل لکيل عورتون به شامل آهن.

عورت سان زيادتي ان جي پنهنجي گهر کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ آهي ته هڪ بار آهي، پٽ کان گهٽ درجو رکندڙ مخلوق آهي، پيءُ ۽ ڀائرن جي غيرت جو سوال آهي. سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ لاءِ ڄڻ جائيداد جو حصو آهي يا ڪو ڍور آهي. جڏهن شادي ڪري مڙس جي گهر وڃي ٿي ته سڄي خاندان جي خدمتگار آهي، ٻني ۽ مال تي ڪم ڪرڻ واري مزدور آهي. ساڳئي ريت مڙس، سهري ۽ ڏيرن جي غيرت جو ننگ آهي. هن معاشري ۾ عورت پيدا ٿيڻ کان وٺي شادي ٿيڻ تائين مختلف طريقن سان گهريلو تشدد، ظلم، ڏاڍ ۽ نفسياتي دٻائن جو شڪار رهي ٿي.

Thomas Reuters Foundation جي مطابق پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا به قبائلي علائقا آهن جن ۾ مرد جي ڪيل ڏوهه ۾ سزا طور سندس خاندان جي عورت سان اجتماعي زيادتي ڪئي ويندي آهي. اسان جي سماج ۾ جتي ٻيون برايون تمام تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن اتي عورت جو رواجي ۽ روايتي طور عزت ۽ احترام وارو جذبو به تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جن مان هڪ سبب اهو به آهي ته اڳ ۾ عورت گهر ۾ اندر رهندي هئي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين صرف گهر جي ذميوارين کي ئي پورو ڪندي هئي، پر هاڻي معاشي چئلينجن جي ڪري ۽ تعليم جي اهميت کي سمجهندي عورت تعليم يافته ٿي رهي آهي ٻاهر مرد سان گڏ بيهي ڪم ڪري ٿي جنهن کيس ڪيترن ئي خطرن جو شڪار به ڪيو آهي.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙن خطرن واري صورتحال ۾ عورت کي ٻاهر ڪم ڪرڻ گهرجي يا نه؟ جيڪڏهن عورت ٻاهر نڪرندي آزادي حاصل ڪندي، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي، معاشي طور طاقتور ٿيندي ته کيس ڪير تحفظ فراهم ڪندو. يقينن جواب ۾ رياست جو نالو ئي سر فهرست ايندو. اسان جي ملڪ ۾ اسيمبلين ۾ ڪيتريون ئي عورتون ويٺل آهن جن مختلف وقتن تي عورتن لاءِ تمام سٺي قانون سازي به ڪرائي آهي جنهن ۾ 2009 ۾ گهريلو تشدد جو بل پاس ڪيو ويو. 2010 ۾ ڪم جي جاءِ تي عورتن جي لاءِ حراسمينٽ ايڪٽ آندو ويو. جنهن سان ڪابه عورت ڪم جي جاءِ تي ٿيل حراسمينٽ جي قانون کي استعمال ڪري پاڻ کي مرد جي حراسمينٽ کان بچائي سگهي ٿي ۽ ان حراسان ڪرڻ واري مرد کي سزا ڏياري سگهي ٿي. ان کانسواءِ ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ لاءِ قانون پاس ٿيل آهي، پر ڇا اهي قانون عورت جي تحفظ لاءِ ڪافي آهن يا رياست کي اڃان وڌيڪ اڳتي وڌي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن وقت جيڪي حادثا تسلسل سان ٿي رهيا آهن تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان معاشرتي تنزليءَ جو شڪار آهيون، جنهن جي ڪري نوجوان ۽ ٻار مختلف نفسياتي مرضن جو شڪار ٿيل نظر اچن ٿا، جنهن ۾ سڀ کان اهم سبب اسان جو تعليمي نظام آهي جنهن ۾ معاشرتي اڻ برابري ۽ اخلاقي قدرن جو سليبس ۾ شامل نه ڪرڻ ۽ عورت جو صحيح مقام ڇا آهي ان بابت تعليم جي کوٽ شامل آهي. اسان مذهب کي به آيتن رٽڻ جي طور تي شامل ڪيو آهي. غريب توڙي امير گهراڻن ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ۾ فرق رکي پاليو وڃي ٿو، جنهن سان هڪ عورت جي ذهني اوسر هڪ غلام وانگر ٿئي ٿي. اسان جي ادارن جو به ان ۾ وڏو ڪردار آهي ته عورت کي اڳتي اچڻ کان روڪيو وڃي ٿو. هيستائين عورت جيڪو ڪجهه هن معاشري ۾ حاصل ڪيو آهي ان ۾ فردن جي انفرادي محنت ۽ ساٿ جو نتيجو آهي، جنهن جي ڪري عورت اڄ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پر ڇا اسان جون عورتون ايئن ئي مردن جي هٿان مرڻ لاءِ غير محفوظ رهنديون؟ يقينن ان لاءِ اسان جي انصاف واري نظام کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. پوليس جي محڪمي کي سائنسي بنيادن تي تحقيق لاءِ سهولتون ڏيڻ جي ضرورت آهي، سڀني محڪمن مان ڪرپشن جي خاتمي جي ضرورت آهي. سٺا تعليمي ادارا جوڙڻ ۽ عورتن ۽ مردن جي برابري جي بنياد تي رياست کي هلائڻ جي ضرورت آهي. عورت جي قاتل مردن کي سخت کان سخت سزائون ڏئي مثال قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هن سماج کي هر فرد جي لاءِ چاهي اها عورت هجي يا مرد محفوظ بڻائي سگهجي.