عورت کي آخر آزادي گهرجي ڪيتري بس انسان طور قبولڻ جيتري شوڪت لوهار اپريل 2022
هڪڙو اهڙو معاشرو جتي ظلم بربريت، فاقا ڪشي جنسي ڇڙواڳي، خاص طور تي معصوم ٻارڙن سان، جتي نجي جيل هجن، جتي روزانو سوين ماڻهو بي ڏوهي ناحق، نااهل ۽ غلط رٿابندي جي ٺهيل روڊ حادثن ۽ ڊرائيورن جي غفلتن هٿان زندگي وڃائي ويهندا هجن، جتي بهارون منهن موڙي وڃن، جتي سرءُ جو واسو هجي، جتي هر شام ليمي جهڙي شام هجي، جتي پهر پيلو پن هجي، جتي زندگاني هڪ زندان جي قيدي مثل ڀاسي، جتي سياست صرف ۽ صرف شاهوڪارن لاءِ وندر ۽ ورونهن جو سامان هجي، جتي ڪمزور، اٻوجهه، هيڻي مٿان هلان ٿيندي هجي، جتي مزدورن جي ويهڪ وارين جاين ۾ سريو وجهندڙن کي انساني حقن جي پاسداري جو پاسبان بڻايو ويندو هجي! جتي روزانو بٺن ۾ معصوم زندگيون تيل ڪيون وينديون هجن، جتي ڪنهن لال ڪنوار کي صرف ان ڪري ماريو ويندو هجي جو اها سهاڳڻ ان وحشي گهوٽ جي گهرج مطابق وهنوار نه ڪري. اهڙي ديس ۾، اهڙي ڏيهه ۾، اهڙي جوءِ ۾ عورت جي نمرتا، امرتا ۽ اڏولتا جا عَلم بلند ڪرڻ يقينن چٻرن کي سوجهرو ڏيکارڻ جي برابر آهي. جتي بنيادي انساني حقن جي لتاڙ جا ڏاڍن کي سرٽيفڪيٽ مليل هُجن، اتي عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ يقينن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي.
One is not born but becomes woma
(Simone de Beauvoir)
عورت، عورت ٿي ڪونه ڄمندي آهي، بلڪه ڄمڻ جي فورن پوءِ ان کي عورت بڻايو ويندو آهي. اهو سچ آهي اها حقيقت آهي، جڏهن انسان اساس جي آڳاٽي دور ۾ شڪار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو هو تڏهن عورت جي حڪمراني هئي، مطلب هر شيءِ کي عورت سان وابسته ڪري سڃاڻپ ڏني ويندي هئي. ماضي ڪي مزار ۾ مشهور ترقي پسند ليکڪ سبط حسن لکيو آهي. ”جڏهن عورتن پوکي راهي ڳولهي لڌي، جڏهن زراعت دور شروع ٿيو تڏهن کان عورت جا برا ڏينهن شروع ٿي ويا“ تڏهن کان ملڪيت جو تصور وجود ۾ آيو، تڏهن کان عورت کي ملڪيت ڪري سمجهيو ويو ۽ پوءِ تاريخ ۾ عورتن جي غلامي، عورتن جي عصمت ريزي، جنگين کانپوءِ مال غنيمت ۾ عورتن کي ايئن کنيو ويو جيئن ٻئي لٽيل مال کي کنيو ويندو آهي.
اسان جو معاشرو اڃان تائين بالغ به نه ٿي سگهيو آهي. اسان وٽ ٽيڪنالاجي جو تڪڙو واهپو ويتر هڪ عجيب صورتحال کڻي پهتو آهي، جنهن سان سماج ۾ ڀڃ ڊاهه ويتر وڌي آهي، ڪمزور ويتر ڪمزور ٿيو آهي. طاقتور ويتر طاقتور ٿيو آهي. اسان وٽ غلامي جو تصور تبديل ٿيو آهي. اسان وٽ عورت جي استعمال جا روپ مٽيا آهن، اسان وٽ عورتن تي ٿيندڙ ظلم بربريت هڪ جديد نيو لبرل انداز اختيار ڪيو آهي. ان ۾ گهٽتائي ڪونه آهي، ان ۾ ڪمي ڪونه آهي.
اسان جو موجوده تعليمي نظام اهڙو آهي ئي ڪونه جتي عورتن جي عزت، بلڪه ان کي خالي انسان سمجهڻ جو ڪو هڪڙو به سبق شامل هجي. پيداواري حصو هميشه ننڍڙي توڙي اجگر سامراج جي هٿ وس ئي رهيو آهي. اسان جي سوچ ۾ هڪڙو ننڍڙو سامراج ويٺو آهي. ننڍي هوندي کان ئي ڇوڪرن کي گهر جو ماحول انهن کي سڀني نينگرين کان مٿانهون ڪري پيش ڪري ٿو، نڪاح دوران جڏهن هٿ دعا لاءِ اٿندا آهن ته اتي اولاد ”نرينه“ جي لاءِ ٻاڏايو ويندو آهي. ڪوبه نٿو چاهي ته عورت پيدا ٿئي ته هميشه هڪڙن طئي ٿيل اصولن جي پاسداري ڪندي پنهنجو جيون گذاري، اضافي آزادي جي ضرورت ئي نه آهي. ان آزادي جو جيڪڏهن ڊسڪورس ٿئي ٿو ته پوءِ چڱا ڀلا، ڍڳ ڊگرين وارا به هڪ ڏيڊ فوٽ جيترا ازدها بڻجي بيهي رهن ٿا. اوهان پاڻ آزمائي وٺو اسان جي روايتن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ پٽ جو اولاد ٿئي ٿو ان طرف والدين سميت مٽن مائٽن ۽ سماج جو وهنوار ڪهڙو ويلڪمنگ هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڌيءَ جو اولاد ٿئي ٿو ته ان طرف اسان جو روئيندي مرندي قبوليت جو رويو (ڌيءَ به صحيح آهي) تي دنگ ڪري ٿو.
اسان جي ٻولي ۾ عورتن جي گنجائش ئي نه آهي. دنيا جون گهڻيون ٻوليون آهن ئي ميل اورنٽيڊ (مردن جي چوڌاري ڦرن ٿيون) ڌيءَ لاءِ نياڻي، سگهڙ زال، نياڻي نماڻي، نياڻي ست قرآن ۽ الاءِ ڇا ڇا؟ وري ڄمڻ کانپوءِ هڪ طئي ٿيل ٽيڪسٽ جنهن کي جڙتو روايتن جي ٺيڪيداري چئجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو، نياڻي جو ٻار آهي، ايترو وقت اڪيلو ڪيئن رهي سگهندو، ڇوڪري آهي اڪيلي ڪيئن ويندي؟ هيتري رات ٿي ويئي آهي ڇوڪري اڃان تائين نه پهتي آهي؟ آڳاٽي دور ۾ ڪاري غلامي هئي، هاڻي اڇي غلامي، پر استحصال ٻنهي صورتن ۾ عورت جو ئي ٿي رهيو آهي. ڪبوترن وارا برقعا هجن، ڪارا برقعا هجن، ذي شعور انسان کي ”ٻار“ مستورات چئي ان لاءِ هڪ چوڪيدار جو مقرر ڪرڻ لازمي جز قرار ڏنو ويو آهي. هاڻوڪي ميڊيائي دور ۾ عورت کي بازار جو وکر ڪري، ”ننڍڙي جي پهرين گول ماني“ کيرڻي ڪيئن ٺاهي آهي؟ صرف، صابڻ جي اشتهارن ۾ عورت کي ڪم ڪندڙ هڪ مزدور ڪري پيش ڪيو ويو آهي، مرد کي هميشه صوفا تي، پلنگ تي ويهاريل ڏيکاريو ويندو آهي. اها اڇي غلامي آهي. اسان کي خبر آهي ته رنگ ڀورو ڪندڙ سڀ ڪريمون صرف سج جي روشني کي ڪجهه وقت لاءِ روڪين ٿيون، پر ڪهڙي ڪريم آهي جنهن کي عورت کي وڪري جو وکر نه ڪيو هجي. جنهن به مهمان کي ٽي وي تي گهرايو ان جي مرضي آهي هو عورتن کي جيترو گهٽ وڌ ڳالهائي، ٺٺول ڪري، ان کان ڪوبه پڇڻ وارو نه آهي. تنهن بعد هي ڏتڙيل ملڪ، پٺتي پيل ملڪ جتي هيڻن جو ڪوبه ساهس نه آهي، اتي گذريل اٺن ڏينهن کان اهو بحث پيو هلي ته عورتن جو ميڙاڪو ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اوهان کان اجازت گهري ڪنهن آهي؟ ”اجازت ڪونه ڏينداسين“ مطلب طاقت جا سڀئي سرچشما اوهان آهيو، عورت بس هڪ رانديڪو آهي. مارچ ڪرڻ، احتجاج ڪرڻ، بائيڪاٽ ڪرڻ، اختلاف راءِ رکڻ، سهمت نه ٿيڻ اهو سڀ ڪجهه انساني بنيادي حقن جي چارٽر جو حصو آهي ۽ دستور پاڪستان ۾ هر عاقل بالغ انسان کي اظهار راءِ رکڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي، ڀل هزارين عورتون گڏ ٿين، لکين ڪروڙين ٿين، ڀل عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم جبر جي ڊسڪورس جي آمد ته ٿئي. ”ان ۾ منهنجو جسم منهنجي مرضي“ نعري تي اعتراض آهي ته آخر ڇو؟ ان کي هڪ ئي جنسي عينڪ سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي، ڪا عورت جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان پاڻ ڏانهن وڌندڙ بڇڙن هٿن کي روڪڻ ٿي چاهي ته پوءِ ڪنهن کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ اصل ۾ هي جهڳڙو آهي طبقاتي نظام جو، جنهن ۾ طاقت جو سرچشمو مرد آهي، پر حقيقت اها آهي ته هي بڇڙو طبقاتي نظام، سرمائيداري نظام مرد ۽ عورت ٻنهي کي ويڙهائي پنهنجو تسلط قائم رکڻ چاهي ٿو. عورتن جا اصل مسئلا جائز مسئلا ڪڏهن بحث هيٺ آيا به ڪونه آهن ۽ جڏهن تڏهن عورت جون ٺٺولي ۽ چٿر جي ور چڙهندڙ جدوجهد جو فائدو انهيءَ مردار سماج ئي کنيو آهي. هڪ ننڍڙي عمر ۾ ان جي شادي ٿي وڃي ٿي، اڃان هوءَ پاڻ ٻار آهي ۽ ان جي جهول ۾ هڪ ٻار جي ذميواري اچيو وڃي؟ ڇا اهو سندس مرضي خلاف نه آهي؟ اتي ان جي مرضي نه هلندي ته ڪنهن جي مرضي هلندي؟ هڪ عورت آخر ڇو پنج اٺ ٻارڙن جي ڄمڻ کانپوءِ جيڪڏهن پٽ جي اولاد کان محروم رهي ٿي ته اها کوٽ مرد ۾ آهي جنهن ۾“Y” ڪروموزومز ناهن، پوءِ ان لاءِ هو ويهه ٻار پيدا ڪندي ڇا؟ ڪجهه سوچ سمجهه کان ڪم وٺو، روزانو اخبارون عورتن تي تشدد ۽ انهن مٿان ٿيندڙ ظلم جون ڊائريون ٿي پهچن ٿيون، سڱ چٽي ۾ ڏيڻ، سٺ سال واري کي پندرهن سال جي ڇوڪري جو سڱ ڏيڻ، هي ڪهڙي روايت آهي؟ نسيما لٻاڻو کان مختياران مائي تائين ڪهڙا مثال آهن، جن کي عورتن جي ظلمن طور پيش ڪجي. زينب سان زيادتي کانپوءِ هر ڏينهن معصوم پتڪڙين ٻارڙين، معصوم ننڍڙن ڇوڪرن سان زيادتي تائين اسان وٽ حالت ابتر آهي، هن معاشري کي علاج جي ضرورت آهي. چڱا ڀلا پڙهيل لکيل ماڻهو عورتن تي تشدد ڪندي لڄي به نٿا ٿين. اڄوڪي هٿ ٺوڪي روشن خيال دور ۾ ترقي پسندي جي نالي ۾ پرڏيهي چندي تي پاڻ کي دانشور ۽ دانا ۽ ديسي انقلابي پڻ ٻه ٻه شاديون ڪريو، هڪ کي لڪايو ٻئي کي ساڻ کنيو وتا آهن. هر شاهوڪار واپاري، سياست باز، پنهنجي نجي محفلن ۾ عورتن کي ٽڪن تي نچايو ۽ صبح جو عورتن جي حقن تي ڀاشڻ پيا ڏيندا نظر ايندا آهن. اهو سڀ ڪجهه سرمائيداري نظام جو بگڙيل چهرو آهي، جنهن کي اسان صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. عورت معاشي طور مستحڪم نه آهي، پئسي ڏوڪڙ ۾ مرد جي محتاج آهي، ان ڪري بانو قدسيا چواڻي ”هو جيتري وڌيڪ مرد تي ڀاڙيندڙ ٿيندي اوترو ئي وڌيڪ ان جو استحصال ٿيندو.“ هن پوري سماج کي ٻيهر سوچڻ جي ضرورت آهي.
ٻيو ته صنفي مت ڀيد کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي، طاقت جو توازن (فوڪو چواڻي) جنهن طرف وڌيڪ جهڪيل هوندو اها قوت استحصالي وڌيڪ هوندي، ان جو تعلق پوءِ ڪهڙي به صنفGender سان هجي. اسان وٽ جيئن ته طاقت جي سڀني سرچشمن ۾ مرد جو غلبو وڌيڪ آهي، تنهنڪري اسان کي مرد جو استحصال وڌيڪ نظر ٿو اچي.
باقي اها سوچ من گهڙت آهي ته عورتون صنف نازڪ ٿين ٿيون، عورتون ڪوبه ڏکيو ڪم نٿيون ڪري سگهن؟ ويٽنام جي جنگ عورتن وڙهي، ويجهڙائي ۾ ڪردستان جي آزادي جي جنگ اتان جون ڪرد عورتون وڙهي رهيون آهن، عورت کي موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي، بلڪه مان ڀانيان ٿو ايئن چوڻ گهرجي ته عورت پاڻ کي اڳتي آڻي هن ڌرتي جي گولي کي خوبصورت ۽ سندر بڻائي سگهي ٿي. عورت هن سماج جو اڻ ٽُٽ حصو آهي. انهن کي سماج ۾ مساوات جي ضرورت آهي، دنيا ۾ لکين تبديليون اچي چڪيون آهن، پر عورت جي حالت ۽ قسمت اڃان اتي ئي پٿر جي دور ۾ بيٺل نظر اچي ٿي. پاڪستان ۾ ان جي حالت ته ايئن خراب آهي. اڃان تائين عورت گهر ۾ مار کائي ٿي، ڏاج ۽ ٻين مسئلن جي ڪري طلاق جي حقدار ٺهرائجي ٿي. اسان جو ملڪ صنفي ترقي جي انڊيڪس ۾ 93 ملڪن مان 82 نمبر تي آهي ۽ عورتن جي معاشي ترقي جي حوالي سان 156 ملڪن مان 152 نمبر تي آهي.
مالي وسيلن، روزگار، نوڪرين ۾ حصيداري ۾ عورتن جو تناسب تمام گهڻو گهٽ آهي. اعليٰ تعليم جا موقعا عورتن لاءِ بلڪل محدود آهن، شرح خواندگي جيڪا به اعتبار جوڳي نه آهي، عورتن جي تعليمي شرح 36 سيڪڙو جڏهن ته مردن جي 64 سيڪڙو. پرائمري تعليم جو تناسب ترتيبوار 4 ۽ 10 آهي. مذهبي حوالي سان فتوائون اهي آهن ته عورتن کي گهر ۾ رهڻ گهرجي. طالبان سوات ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن مٿان ڌماڪا ڪري انهن کي تعليم کان پري رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش پئي ڪئي آهي.
عورتن مٿان تيزاب هارڻ جا واقعا به سندن مرضي خلاف سندن شعور جي قبضي جي عڪاسي ڪن ٿا. ڳوٺن ۾ راهي پوکي گاهه پٺو سڀ عورت حوالي جيڪا هڪ مفت جي نوڪري آهي. شهرن ۾ خاص طور خانگي اسڪولن ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي مردن جي مقابلي ۾ گهٽ پگهار ڏنو ويندو آهي. ڇا اهو سڀ ڪجهه سندن مرضي جي خلاف نه آهي؟
ٻاويهه ڪروڙ آبادي جو اڌ عورتون آهن ان جو مُنو حصي کان وڌيڪ اڻ پڙهيل آهن ۽ انهن کي اڻ پڙهيل ڄاڻي ٻجهي رکيو ويو آهي، ظاهر آهي ته جنهن کي صحت صفائي روزگار جي بنيادي ڳالهين جي خبر نه هوندي اهو معاشرو ڪهڙي ترقي ڪندو؟ اسان جو ملڪ عورتن جي غذائي کوٽ ۾ اريٽيريا ۽ تنزانيا ۽ ٻين ڪئين آفريڪي ملڪن کان گهڻو پٺتي آهي. صحت جي سهولتن جي اڻ هوند آهي. گهڻن ئي قبائلي علائقن ۾ عورتن کي ووٽ جي حق کان پڻ محروم ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ مطابق هر چار مان هڪ عورت سان ريپ ٿئي ٿو. دنيا ۾ اڃان تائين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪا جي صدر عورت ڪونه ٿي سگهي آهي. جذباتي چئي ان کي اعليٰ عدالت جو اعليٰ منصف نه ٿيڻ لاءِ جواز بڻايو ويو آهي. عورتن لاءِ کوڙ لطيفا ۽ ڏند ڪٿائون مشهور آهن. هن بيمار معاشري جي حالت اها آهي جو هتي عورت گهر، گهٽي، پاڙي، بازار ۾ ته محفوظ هونئن ئي نه هئي، هُن کي قبر ۾ به بخش نٿو ڪيو وڃي. اهڙي پيڙاءُ واري ماحول ۾ اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جيڪڏهن عورت پنهنجي شعور جي پاڻ دعويدار ٿئي ٿي ته خليل ۽ فضل صابو ۽ جابر سڀ لٺ کڻي بيهي ٿا رهن، باقي هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته عورتون مرداڻا ڪپڙا پائي مردن مٿان چٿر ڪري تنقيد ڪري پنهنجي منزل نٿيون ماڻي سگهن. مرد ۽ عورت کي هڪ پيج تي گڏ ٿي پنهنجي طاقت کي ٻيڻو ڪري عالمي علم ۽ شعور سان مسلح ٿي هن مڪروهه طبقاتي نظام کي ڊاهڻو پوندو، جتي برابري، هڪجهڙائي، انسانيت جا نوان سرنهن ڦلار کيت پوکجي سگهندا. پهرين انگريزي شاعر چاسر چواڻي ته جيڪڏهن سون کي زنگ لڳي ته ويچارو لوهه آخر ڇا ڪري؟
If the gold rust, what shall the Iron do???
عورتن کي پاڻ ۾ گڏجڻ پنهنجو ڪٿارسس ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو مڪمل حق آهي، ان تي اسان کي بلڪل به ارهو نه ٿيڻ گهرجي.