غير ذميدار استادن جي ڪري تعليم کاتي جي بدنامي
تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ نئون تڙ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول هريجن ڪالوني ۾ غير ذميدار استاد مقرر ٿيڻ سبب ٻارڙن جي تعليم جي تباهي ٿي رهي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ مقرر ٿيل استاد ڪافي عرصي کان غيرحاضر آهن. جنهن ڪري ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. تعليم کاتي جا آفيسر ان ڪوتاهي کي نظر انداز ڪري رهيا آهن. ڳوٺاڻن هڪ ڀيرو وري تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول ۾ ذميدار استاد مقرر ڪري تعليم جي سلسلي کي باقائدگيءَ سان شروع ڪيو وڃي ۽ ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.