قومي اسيمبلي جو اجلاس ساڍي ٻارهين وڳي تائين ملتوي، شهباز شريف سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو
قومي اسيمبلي جو اجلاس ساڍي ٻارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو هو، جيڪو هڪ وڳي تائين به شروع نه ٿي سگهيو آهي. سپريم ڪورٽ طرفان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي غير آئيني قرار ڏيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اڄ پارليامينٽ نئين تاريخ رقم ڪرڻ وڃي رهي آهي، آئيني ۽ قانوني طريقي سان سليڪٽڊ وزيراعظم کي شڪست ڏني ويندي. شهباز شريف چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، جڏهن عدالت توهان جا، عمران خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غير آئيني قدمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ نظريهءِ ضرورت جو سهارو نه ورتو، پر نظريهءِ ضرورت کي هميشه جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيو. شهباز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اڄ ايوان جي ڪارروائي هلائي وڃي، اڄ اسپيڪر صحيح معنيٰ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ تاريخ جي سنهري لفظن ۾ پنهنجو نالو لکرائي. ان موقعي تي شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلو جو هڪ پيراگراف به پڙهي ٻڌايو. شهباز شريف جي ڳالهائڻ کانپوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڳالهائيندي پنهنجي تقرير ڊگهي ڪري ڇڏي، جنهن تي اپوزيشن اسپيڪر کان ٽائيم تي ووٽنگ جي گهر ڪئي، جنهن تي اسپيڪر اجلاس ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.