بلاگ

قومپرست اتحاد حڪومت لاءِ  يا پنهنجو پاڻ لاءِ چئلينج!   انور حسين قاضي  

وفاق ۽ پنجاب ۾ P.T.I حڪومت ختم ٿي چڪي آهي. شهباز شريف تي حڪمراني جي هما مهربان آهي. P.M.L.N چار سال ڪٽڪو کائڻ کانپوءِ آخر اهو مڃي ورتو ته نظرياتي ٿيڻ سان عوام وٽ وڃڻ سان فرق نٿو پوي. اقتدار تڏهن ملندو جڏهن مقتدر چاهيندا. بهرحال اسان جو سوال اهو نه آهي، ڇو ته انهيءَ سوال جي هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي هاڻي ته مالڪ پاڻ به مڃين ٿا. هڪ ڳالهه چئي پوءِ اڳتي وڌون ٿا ته ڇا پيءُ ۽ پٽ کانسواءِ P.M.L.N وٽ ڪو ٻيو ماڻهو نه هو جنهن کي هو پنجاب جو وزيراعليٰ چونڊين ها؟ پرويز الاهي ويچارو هر طرف کان مار کائي ويو. ڪرسي به مليل وئي ۽ ڪٽڪو به آيو. رڌڻي ۾ جيڪو رڌ پچاءُ ٿيو ان ۾ سندس حصو نه ٿي سگهيو جنهن جو ذميوار هو پاڻ آهي. هاڻي چوڌرين جي سياست ماٺي ٿيندي ان ڪري جو صاحب به راضي نه آهن ايستائين جو سڀني جو يار به انهن کان پاسيرو آهي، بس چوڌري ڪڏهن ٿا انهيءَ کي پرچائين ۽ پنهنجي سياست بچائين.

عمران خان P.M جي ڪرسي تان لهي ڪنٽينر تي چڙهي ويو آهي ڳالهه ته ساڳي ڪري ٿو جيڪا ويهه سالن کان ڪندو ٿو اچي بس ان ۾ هڪ وکر وڌايو اٿائين ته قوم کي آزادي ڏياريندس، اسان جهڙا سادا ماڻهو شايد ان جي نعري ۾ اچن به! پر ڪجهه وقت کانپوءِ شايد اهو وکر وڪامجي نه سگهندو ۽ P.T.I تي ڪنهن حد تائين ڏمر به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. عيد کانپوءِ ميان صاحب به خير سان لنڊن مان بغير علاج ڪرائڻ جي ٺيڪ ٺاڪ واپس اچي رهيو آهي. سوچون ٿا ته انگلينڊ جي آبهوا ڪيتري نه صحتمند آهي جو بغير علاج جي ماڻهو ٺيڪ ٿيو وڃن. بس هڪ مسخرو ڀائي ٺيڪ ٿي واپس نه اچي سگهيو آهي. ميان صاحب جي واپسي ۽ عمران خان جا مسلسل عوامي جلسا اليڪشن جو فيصلو ڪندا ته ايندڙ چونڊون ڪڏهن ٿينديون هن سال ۾ اڃان ايندڙ سال شهباز شريف ته چاهي ٿو ته اسيمبليون مدو پورو ڪن کيس ڏيڍ سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي. ڇو ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ ٿي سگهي ٿو P.M خود ميان نواز شريف پاڻ ٿئي، مريم جا امڪان اڃان به گهٽ ٿا نظر اچن.

ايندڙ چونڊون ته جڏهن به ٿين، پر هن وقت سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي جيڪي سواءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزنن جي باقي سنڌ ۾ ٿي رهيون آهن. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته جيڪو P.P ۽ M.Q.M وچ ۾ ٺاهه ٿيو آهي ان ۾ M.Q.M کي ڪراچي شهر ۽ حيدرآباد شهر ڏيڻ جو واعدو پڻ ڪيل آهي ان ڪري هن وقت اتي چونڊون نٿيون ڪرايون وڃن. P.P لاءِ اهو به چيو ٿو وڃي ته هڪ دفعو ٻيهر ٻٽو مڪاني نظام جهڙو ڪو فارمولا M.Q.M سان طئي ڪيو ويو آهي، ان ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ چونڊون پوءِ ڪرايون ويندون. M.Q.M کي به P.T.I جو خوف آهي ته متان ڪراچي P.T.I کٽي وڃي، ان ڪري هو به راضي آهن ته هڪ اڌ مهينو انتظار ڪريون ٿا ته جيئن P.T.I جو مستقبل واضح ٿئي ۽ فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچي سگهي ته P.T.I تي پابندي لڳي، اهڙو انديشو عمران خان ڪراچي واري جلسي ۾ پڻ ظاهر ڪيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر کانسواءِ باقي سنڌ ته P.P کي مقاطعي تي مليل آهي پوءِ انهن کي جيئن وڻي ايئن پيا ڀيلين.

افسوس آهي ته 14 سالن جي مسلسل حڪمرانيءَ کانپوءِ به سنڌ جي جيڪا حالت آهي پوءِ به اليڪشن P.P کٽيندي نظر ٿي اچي. ان ڪري جو ان جي سامهون ڪوبه اثرائتو مقابلو ڪرڻ وارو نه آهي. مختلف ضلعن ۾ وڏيرا P.P جو مقابلو ڪن ٿا، انهن مان گهڻا ئي P.P سان ٺاهه ڪري فائدا پيا وٺن، ڪي وري ٿڪجي پيا آهن، ڪن ته سياڻپ اهڙي ڪئي آهي جو گهر جو ڪو نه ڪو فرد P.P ۾ شامل ڪرائي حڪومت جو مزو پيا ماڻين. هن وقت جڏهن P.M.L.N ۽ P.P وفاق ۾ گڏجي حڪومت ڪري رهيون آهن. M.Q.M ۽ P.P جو به اتحاد آهي ته پوءِ P.P جو کٽڻ اڻٽر آهي. مٿان وري آفيسر شاهي جو انهن سان گڏ هجڻ سون تي سهاڳو آهي. ڇو ته واضح ٿي چڪو آهي ته آفيسر اسٽيٽ سان نه پر سياسي پارٽين سان گڏ بيٺل هوندا آهن. ڇو ته انهن جون بدليون ۽ بهتر پوسٽنگ يا سڻڀي ڪرسي انهن سياسي جماعتن جي هٿ ۾ هونديون آهن جن جي حڪومت هوندي آهي. افسوس آهي انهيءَ ڪري ته نظام ۾ بهتري نٿي اچي، بس باقي ڏوهه عوام جو آهي جيڪي برياني جي پليٽ تي ووٽ ڏيئي پنهنجو آئندو اونداهو ڪن ٿا. ڪڏهن انهيءَ موضوع تي تفصيل سان لکنداسين ته اصل قصوروار ڪير آهي، پر هڪ جملي ۾ ايئن ٿا چئون ته ڇا نظام انهن جي هٿ ۾ آهي جيڪي نظام بدلائڻ نٿا چاهين ۽ عوام ان سڄي راند جو تماشائي آهي.

انهيءَ سڄي چڪر ۾ ڦاسڻ کانپوءِ به اگر ڪو انهيءَ نظام کي للڪاري ٿو ته ان کي سلام آهي ۽ وري عوام ان کي موٽ به ڏئي ٿو ان کي ٻه سلام آهن. ابراهيم منشي چواڻي:

جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو، هرڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو

جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو، سوئي ماڻهو موتيءَ داڻو.

سچ پڇو ته واقعي اهي ماڻهو موتي داڻا آهن اها ٻي ڳالهه آهي جو حالتن جي جبر جي ڪري اهڙا موتي داڻا گهٽبا ٿا وڃن. هاڻي اسان ڏسون ٿا ته سنڌ ۾ حڪومتي پارٽي کي ڪوبه خوف نه آهي، وڏيرا شاهي به انهن سان گڏ آفيسر شاهي به انهن سان گڏ حڪومت به سندن جي اليڪشن ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ دولت به جام ۽ واٺا شاهي به سندن وٽ پوءِ انهن کان ڪير چونڊون کٽيندو؟ قوم پرست؟ وري انهن جون هڪٻئي کان ڪاوڙون، خرچ ڪرڻ ۾ هٿ بند! لڳي ته مشڪل ٿو پوءِ هڪ اتحاد جوڙيو آهي. SUP، STP، QAT ۽ ڪجهه ٻيون پارٽيون به ان ۾ شامل آهن، پر هنن ٽن پارٽين جو سنڌ ۾ ڪافي اثر موجود آهي، انهيءَ اثر کي اثرائتو بڻائي سگهندا؟ اهو هڪ سوال آهي. جون ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊون انهن ٽنهي پارٽين جو امتحان هوندو. سٺي ڳالهه اها آهي گهٽ ۾ گهٽ ڪا اهڙي ڌر نظر اچي پئي جنهن کي پوري سنڌ سڃاڻي ٿي وري سنڌ ۾ انهن جا ڪارڪن موجود آهن، مقرر به سٺا آهن. ڳالهائڻ لاءِ وٽن حڪومتي تنقيد لاءِ گهڻو ئي مواد آهي، پر اليڪشن کٽڻ اڃان پري جي ڳالهه آهي.

ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پاڻ ۾ اتحاد ۽ پيار جيڪو هن وقت ڏيکارين ٿا اڳتي به برقرار رهندو؟ U.C سطح تائين جلسا جلوس ڪري عام نوجوان کي اتساهه ۽ اعتماد ڏئي سگهندا جيڪو اليڪشن ۾ اميدوار هوندو؟ عوام جي اندر مان خوف ڪڍي سگهندا ته اگر هو پنهنجي مرضي مطابق ووٽ ڏئي ته ڪير ان جو وار به ونگو ڪري نه سگهندو ۽ آخري اهم سوال ته ڇا ڌانڌلي کي روڪي سگهندا جيڪا حڪومتي ڌر عام ڪرائيندي آهي؟

اميد جيتري به ڪري سگهجي ٿي هنن ٽنهي اڳواڻن کي محنت ڪرڻي آهي. هرهڪ U.C ۾ مقابلي لاءِ اميدوار ۽ ڪارڪن پيدا ڪرڻا آهن. صرف ڪانفرنسون ڪرڻ سان مقصد حاصل نه ٿيندو. جهر جهنگ، وستي واهڻ ۾ وڃڻو پوندو. ڏسون ٿا ته شاهه سائين جي هن بيت تي ڪيترو پورو لهن ٿا.

سڌائتي سڀڪا بک نه باسي ڪا،

جيهي تيهي ذات جي جنبش ناهي جاءِ،

مونسين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.