مائينڊ يوئر لئنگئيج
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
مائينڊ يوئر لئنگئيج
الطاف شيخ
جهاز جي نوڪري دوران يا ولائت ۾ رهڻ دوران جن شاعرن، اديبن، فلمي ايڪٽرن يا فنڪارن سان ملاقات ٿي انهن مان “بيري جوزف ايوانس” به هڪ آهي، جيڪو بعد ۾ ٽي وي اداڪار “مسٽر جرمي برائون” يا ٺلهو “ماستر برائون” جي نالي سان اسان جي ملڪ ۾ بي بي سي جي ڊراما سيريل Mind your language ڪري بيحد مشهور ٿيو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ لنڊن ۾ ٿي، جڏهن هو مختلف اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي فلمن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو. کيس جيتري مشهوري ملي، ان حساب سان هن جي خوشحال زندگي نه گذري، مون هن کي هر وقت پريشاني جي حالت ۾ ڏٺو. اسي واري ڏهاڪي ۾ هو ملائيشيا به آيو، جتي پڻ منهنجي هن سان ملاقات ٿيندي رهي. ان وقت به هو پريشان هو جو هن ٻڌايو ته هو وڏي عرصي کان بيروزگار آهي. عمر ۾ هو مون جيڏو هو… ڪو سال اڌ جو فرق هوندو. هو 18 جون 1943ع تي انگلينڊ جي Surrey علائقي جي گلڊ فورڊ ڳوٺ ۾ ڄائو. کيس پنهنجي والدين جي خبر ناهي، جو ڄم وقت هنن هن کي لاوارث ڪري ڇڏيو ۽ مختلف يتيم گهرن ۾ رهي اتي جي اسڪولن ۾ پڙهيو.

ايوانس (Barry Joseph Evans) ننڍي هوندي کان اداڪاري ۾ هوشيار هو. هن کي اها خاصيت اسڪول جي ڏينهن ۾ ئي نمايان ٿي وئي، جڏهن هو اسڪول ۾ ٿيندڙ ڊرامن ۾ ليڊنگ رول ڪرڻ لڳو. اڳتي هلي هن کي ڊرامن جي اسڪول ۾ داخلا لاءِ اسڪالرشپ ملي وئي، جتان گريجوئيشن بعد هن ٽي وي جي هڪ سوپ اوپيرا Crossroads ۾ 1964ع ۾ ڪم ڪيو. ايوانس سان جڏهن منهنجي ملاقات ٿي ته هو ان وقت جي مشهور مزاحيه ڊاڪٽر سيريز جي ناولن تي ٽي وي سيريز ۾ ڪم ڪري رهيو هو. انهن ناولن جو ٻڌي آئون ايوانس مان بيحد متاثر ٿيس. اسان جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هئاسين ته تن ڏينهن ۾ اسان جي لائبريري ۾ هڪ ڊاڪٽر سيريز جا ڪتاب: ڊاڪٽر ان هائوس، ڊاڪٽر ائٽ سِي، ڊاڪٽر ائٽ لارج وغيره موجود هئا، جن جو ليکڪ رچرڊ گورڊن آهي. منهنجي خيال ۾ اسان سڀني ڪلاس ميٽن اهي پڙهيا هوندا. بلڪه ان وقت مشهور هو ته جنهن کي انگريزي ناول پڙهڻ جو شوق نه هجي ته اهو پهرين رچرڊ گورڊن جا ڊاڪٽر سيريز جا ناول پڙهي، جيڪي دلچسپ هئڻ سان گڏ آسان انگريزي ۾ آهن. اڄ به آئون ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن جي شاگردن کي جن وٽ انگريزي هلي ٿي، اهي ناول پڙهڻ لاءِ چوندو آهيان، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته مون انهن ناولن کي وري ڪٿي نه ڏٺو. دنيا اڄڪلهه ايترو اڳتي وڌي چڪي آهي… ايترا مزاحيه ڪتاب ۽ فلمون اچي چڪيون آهن جو ٿي سگهي ٿو اڄ جي نوجوان کي اهي ايترو نه کلائين، جيترو اسين انهن ڏينهن ۾ پڙهي کل ۾ کيرا ٿي ويندا هئاسين.

ايوانس انگلينڊ کان ٻاهر اسان جي ملڪ پاڪستان، سنگاپور، انڊيا، نائيجيريا ويندي اسپين، فرانس، چين، جاپان جهڙن ملڪن ۾ يڪدم مشهور تڏهن ٿي ويو جڏهن هن 1979ع ۾ Mind your language نالي هڪ مزاحيه سيريز ۾ جرمي برائون نالي سان انگريزي سيکارڻ واري ٽيچر جو پارٽ ادا ڪيو. هن سيريز ۾ لنڊن ۾ شام جو هلندڙ (ايوننگ ڪلاس) ۾ انهن اميگرنٽس کي انگريزي پڙهندو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي هاڻ لنڊن ۾ رهن ٿا. انهن ۾ مختلف ملڪن جا مرد، عورتون، نوجوان ۽ پوڙها آهن، جيڪي پنهنجي ڳالهائڻ جي اسٽائل ۽ عادتن ڪري دلچسپ لڳن ٿا ۽ جتي ڪٿي هنن کي پسند ڪيو ويو، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
علي نديم نالي هڪ بيروزگار پاڪستاني هن انگريزي اسڪول جو پهريون شاگرد هو. علي جيڪو ٻڌائي ٿو ته هو لاهور کان هتي آيو، هر وقت جناح ڪيپ ۾ نظر اچي ٿو. هي سڀني کان گهڻو ڳالهائي ٿو ۽ ڪلاس ۾ ايندڙ سک رنجيت سان لڳائي رکي ٿو. عليءَ جا هر وقت چيل هي لفظ Oh Blimey، ايڪسڪيوزمي بدران “اسڪئيزمي پليز” ۽ ڳالهه ڳالهه تي “Jolly Good” چوڻ سڀني کي کلائي ٿو.

علي نديم کي مائينڊ يور لئنگئيج ۾ ڏسڻ ۽ پسند ڪرڻ وارن لاءِ هتي لکندو هلان ته هو اڄ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. علي هڪ بنگالي ايڪٽر هو، جنهن بنگلاديش جي ڍاڪا يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي هئي. پاڻ 1929ع ۾ ڍاڪا ۾ ڄائو ۽ 1984ع ۾ انگلينڊ ۾ وفات ڪئي.
ايوانس (جرمني برائون) جي هن ڪلاس ۾ هڪ اطالوي نوجوان بورچي به آهي، جيڪو پنهنجي يوناني دوست مئڪس سان گڏ اچي ٿو. هن کي ماستر برائون جي ڪنهن به ڳالهه تي حيرت ٿئي ٿي ته يڪدم چوي ٿو “سانتا ماريا”… يا وڪري O.K چوڻ بدران “اوڪي ڪوڪي” چوي ٿو.
ائنا نالي هڪ جرمن ڇوڪري آهي، جيڪا انگريزي لفظن سان گڏ جرمن لفظ ملائي ٿي. چُنگ سُئي نالي چيني ڇوڪري پاڻ سان روز مائوزي تنگ جو ريڊ بڪ کڻي اچي ٿي ۽ ڳالهه ڳالهه تي ان جي ڪا سِٽ پڙهي ٿي. هوءَ هميشه “R” کي “L” سان مڪس ڪندي رهي ٿي. هن کي هر وقت جاپاني پوڙهي شاگرد “تارو نگازومي” جي سوچ سان ٽڪراءُ رهيو ٿي، هي جاپاني شاگرد روز ڪئمرا کڻي اچي ٿو.
رنجيت سنگهه جو پارٽ انگلينڊ جي ايڪٽر البرٽ موزز ڪيو آهي. ڪلاس ۾ جڏهن به ماستر جرمي برائون (ايوانس) سندس غلط انگريزي صحيح ڪري ٿو ته هو ٻئي هٿ ٻڌي چوي ٿو ته: “A thousand apologies”
مون وٽان ملائيشيا مان موٽڻ بعد ايوانس وري انگلينڊ آيو، پر وڏي عمر ڪري هن کي ان عمر جو ڪو پارٽ ملڻ ڏکيو ٿي پيو. هن اداڪاري جي پچر ڇڏي لئڪسٽر شائر ۾ ٽيڪسي هلائڻ شروع ڪئي، جتي سن 1997ع ۾ هو سندس ڊٺل گهر ۾ پوليس کي مئل حالت ۾ مليو. ان وقت سندس عمر 53 سال هئي. سندس موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڪار چوري ٿي وئي هئي جيڪا ملڻ تي هن کي اطلاع ڪرڻ لاءِ پوليس هن جي گهر آئي ته هنن کي ايوانس جو لاش مليو.
جيمس نالي ڪار چور کي قتل جي ڪيس ۾ به سوگهو ڪيو ويو، پر ثبوت نه ملڻ ڪري جيمس کي ڇڏيو ويو. اڄ ڏينهن تائين ايوانس (ماستر جرمي برائون) جو قتل هڪ راز هلندو اچي، جنهن کي انگلينڊ جي “اسڪاٽلنڊ يارڊ” جي پوليس به حل ڪري نه سگهي آهي!
آخر ۾ اهو به لکندو هلان ته ايوانس (ماستر جرمي برائون) جي هيءَ مزاحيه سيريز Mind your language دنيا ۾ ايتري ته مشهور ٿي جو ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان جهڙا مزاحيه ڊرامه ٺاهيا ويا. آمريڪا (US) وارن ان جو نالو What a Country! رکيو. نائيجيريا وارن Second Chance رکيو. پاڪستان ۽ انڊيا وارن اردو ۽ هنديءَ ۾ الڳ الڳ ٺاهيو، پر نالو ٻنهي ساڳيو رکيو: “زبان سنڀال ڪي.”

