بلاگ

ماڻڪ منير جي دنيا منور سراج

هر وڏو تخليقڪار پنهنجي هڪ الڳ دنيا جوڙيندو آهي. اها خاص ان جي پنهنجي دنيا هوندي آهي. هو ان دنيا جو مالڪ هوندو آهي، هو ان دنيا جو خدا هوندو آهي، هو ان دنيا جو بادشاهه هوندو آهي. ان جي جوڙيل اها دنيا ان جي نالي ۽ حوالي سان ڄاتي سڃاتي ويندي آهي.

جيئن:

ڪافڪا جي دنيا.

ڪاميو جي دنيا.

گارشيا مارڪيز جي دنيا.

جيمس جوائس.

ورجينيا وولف.

پائلو ڪولهو.

هاروڪي مورا ڪامي جي دنيا.

نارمن ميلر.

وي، ايس نائپال

۽ سلمان رُشدي جي دنيا.

۽ جيئن برصغير جي اردو افسانوي ادب ۾:

قرت العين حيدر جي دنيا.

بانو قدسيه جي دنيا.

امرتا پريتم جي دنيا.

۽ سنڌي افسانوي ادب ۾:

لعل پشپ جي دنيا.

آنند کيماڻي جي دنيا.

۽ ماڻڪ منير جي دنيا.

۽ ٻين به ڪافي ليکڪن جون دنيائون.

اوهين اسين انهن ليکڪن جي دنيا ۾ لهنداسين ته آهستي آهستي هڪ هڪ بنهه منفرد ۽ حيران ڪندڙ دنيا جو حصو ٿيندا وينداسين. ان دنيا جا رنگ روپ ۽ خد و خال پنهنجا هوندا. ان دنيا جا خواب خيال پنهنجا هوندا. لڙڪ ٽهڪ پنهنجا هوندا، انداز پنهنجو هوندو، اُڻت پنهنجي هوندي… کڻت پنهنجي، جدت پنهنجي هوندي ۽ اها انفراديت ئي ان ليکڪ جي الڳ دنيا جو ثبوت هوندي آهي. اهو الڳ پڻو ئي ان ليکڪ جي بادشاهي جو دليل هوندو آهي.

الڳ دنيا جوڙڻ جو ساهس فقط غير معمولي آرٽسٽ ساهي سگهندا آهن، هر ڪنهن ۾ اهڙو دم نه هوندو آهي.

ماڻڪ منير صحيح معنيٰ ۾ سنڌي افسانوي ادب جو اهڙو غير معمولي ليکڪ آهي جنهن جي پنهنجي هڪ الڳ دنيا آهي. ماڻڪ جي دنيا، سندس غير روايتي ڪهاڻين جو تعداد ڀلي کڻي تمام وڏو نه هجي، پر اهي ڪهاڻيون پنهنجي پاڻ ۾ هڪ پوري ڪائنات آهن. احساس ۽ جذبي جي ڪائنات، روايت شڪني ۽ نواڻ جي ڪائنات، لکڻ جي منفرد انداز/اسلوب جي ڪائنات، انسان جي اندر ۾ دٻيل جذبي جي اظهار جي ڪائنات.

سندس انام ڪهاڻيون هجن يا نامدار ڪهاڻيون سڀ جون سڀ ايڏيون ته تيز ترار، تُز، گهريون ۽ احساس سان ٽٻ ٽار آهن جهڙيون ڪنهن نديءَ جون زنده لهرون، جهڙيون باهه جون چڻنگون.

۽ سندس ناول؟

هڪ سواليه نشان.

اهڙو سواليه نشان جيڪو هميشه سنڌي ادب جي پڙهندڙن جي اکين ۾ چڀندو رهندو.

“لڙهندڙ نسل” ۽ “ساهه مٺ ۾” جي وچ تي بيٺل “ياتال ۾ بغاوت” کان ويندي “پڇتاءُ” تائين ماڻڪ جا ناول محض ناول نه آهن باهه جون نديون آهن، جلندڙ جلائيندڙ جوالا مکي آهن.

ماڻڪ “شخص” جي اندر جي ڀڃ ڊاهه، اڻ تڻ، ڏک، ڊپ، نا اميدي، ياسيت، خالي پڻي، محرومي، بي يقيني، بک ۽ فرسٽريشن جي اظهار جو نمائندو ۽ حقيقي تخليقڪار آهي.

ماڻڪ جي تخليق ۾ جيڪا ڳالهه آهي اها ماڻهوءَ جي اندر جي حقيقي ڳالهه آهي ۽ سندس ڳالهه ٻڌائڻ جو اسلوب فطري ۽ آرٽسٽڪ آهي. نه سندس ڳالهه هٿرادو آهي نه ئي سندس انداز مصنوعي آهي.

ماڻڪ منير حقيقي طور سنڌي افسانوي ادب جو هڪڙو روايت شڪن باغي روح آهي.

هُن ان دور ۾ حويلين جا راز پڌرا ڪيا جنهن دور ۾ حويلين تان ڪانگ پيا تڙجندا هئا. هن ان ڪاري دور تي قلم کڻڻ جي به جرئت ڪئي ۽ “ساهه مُٺ ۾” لکيو. جنهن دور ۾ سفيد ڪالر اديب، دانشور ۽ سياستدان پنهنجو پٽڪو بچائڻ ۾ پورا هئا. هن ان وقت ۾ هن سماج ۾ ممنوع موضوعForbidden Flowers  يعني جنسي فرسٽريشن تي بي باڪي ۽ تخليقي سچائيءَ سان “لڙهندڙ نسل” جي نمائندگي ڪئي جنهن وقت ۾ ان موضوع تي لکڻ ته ڇا ڳالهائڻ ته ڇا سوچڻ به عيب سمجهيو پئي ويو. هن ڪنهن معصوم مسيحا وانگر پنهنجي دور جي ماڻهوءَ جي دٻيل جذبي کي رستو ڏيڻ لاءِ پنهنجي قلم جو ڪُلهو پيش ڪيو. ٻيا سڀ اديب نام نهاد اخلاقي قدرن جي سرحد اورانگهڻ جي جرئت کان محروم ٿي پنهنجي پاڻ سان لڪ لڪوٽي ڪندا رهجي ويا ۽ ماڻڪ سڀ سرحدون اورانگهي ويو ۽ هن بداخلاق سماج ۾ اخلاق جي ٺيڪيدارن مٿس الزامن جي سنگباري ڪري ڏني. هو خاموشيءَ سان لکندو رهيو ۽ مرڪندو رهيو، پر ماڻڪ جو ممنوع موضوعن تي لکڻ جو مطلب اهو قطعي نه آهي ته ڪو اهي موضوع سندس ايڊوينچر يا ڪريز Craze آهن يا جتي وڻ نه هجي اتي ڪانڊيرو درخت، جي مصداق خالي ميدان جو فائدو وٺڻ ۽ سستي شهرت ماڻڻ جي ارادي جو نتيجو آهي.

(جيئن ماڻڪ کانپوءِ وارا ڪجهه ليکڪ، ڪهاڻيڪار توڙي شاعر جنس جي موضوع تي فيشن طور سڌي/اڻ سڌي انداز ۾ جلان ڦلان لکي پاڻ تان ماڻهو کلائي رهيا آهن)، پر ان موضوع تي ماڻڪ منير جو لکڻ دراصل سندس تخليقي اظهار سان ميل کائيندڙ موضوعاتي رجحان جو فطري مظهر آهي. جنهن سان هن ڀرپور تخليقي انداز ۾ اهڙي سگهه ۽ صلاحيت سان نڀايو آهي جهڙو ڪنهن به موضوع جو حق هوندو آهي.

اها هن جي تخليقي اهليت ۽ جرئت هئي جو هن ٻرندڙ ڌڳندڙ ٽانڊن ۾ هٿ وڌو. ان کان وڌيڪ هڪ لکيڪ جي ٻي ڪهڙي بغاوت ٿي سگهي ٿي؟

هڪ سواليه نشان؟ هڪ تخليقڪار جي بغاوت.

اسان سڀني لاءِ به عمومي طور ۽ انهن لاءِ به خصوصي طور جيڪي ادب براءِ ادب/ادب براءِ زندگي، داخليت/خارجيت، آرٽ سماجي تبديلي جو محرڪ/غير محرڪ وغيره جي بحث ۾ ڦاٿل آهن!

ماڻڪ منير مصنوعي ليکڪ نه آهي. ان ڳالهه جي دليل طور سندس تخليقن جي نجپڻي سميت سندس ذاتي زندگي ۽ ان زندگيءَ جو ڪلائمڪس يعني سندس خودڪشيءَ وارو الميو سامهون آهي.

حقيقت هيءَ آهي ته منير احمد ميمڻ جي موضوعاتي دنيا، سندس ذاتي زندگيءَ جي ڀوڳنا، سندس دور جو سياسي سماجي ماحول، سندس تخليقي وجدان، سندس ادبي گناهه، سندس علمي سگهه، سندس دانشمنداڻي بصيرت، سندس اظهار لاءِ صنف جي چونڊ ۽ سندس اظهار جو انداز/اسلوب پاڻ ۾ ڳنڍيل/گڏيل/ٻڌل/مليل ۽ تخليقي هنرمنديءَ سان هڪٻئي ۾ تحليل ٿيل آهي. ان محلول مان/آميزش مان جنم ٿيو آهي ماڻڪ منير جو، جنهن مان جنم ٿيو آهي بجليءَ جي اگهاڙي تار جهڙين ڪهاڻين جو، جنهن مان جنم ٿيو آهي. ساهه مان ساهه ڪڍندڙ ناول “ساهه مُٺ ۾” جو، جنهن مان جنم ٿيو آهي. “لڙهندڙ نسل” جو ۽ ”پڇتاءُ” جو! ۽ ها “پاتال ۾ بغاوت” جو…

۽ جنهن جنم ڏنو آهي هڪ الڳ منفرد دنيا کي جنهن دنيا جو نالو آهي:

ماڻڪ جي دنيا!