متحده سنڌ کي ورهائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪري ڇڏيو
متحده قومي موومينٽ پاران ننڍا صوبا ٺاهڻ جا اختيار صوبن کان وٺي وفاق کي ڏيارڻ لاءِ آئيني ترميمي بل 2019 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. حڪومتي پارٽي ان بل جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ان بل جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ان بل سان صوبن ۾ انارڪي پيدا ٿيندي، اسيمبلي ۾ بل پيش ڪندي ڪشور زهريٰ چيو ته غير منصفاڻي ورڇ سان ملڪ نٿو هلائي سگهجي. هن موقعي تي پي ٽي آءِ جي مليڪا بخاري چيو ته هن موقعي تي اسان بل جي مخالفت نٿا ڪرڻ چاهيون، اهو بل ڪميٽي ڏانهن وڃڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي ميمبر علي محمد خان چيو ته تحريڪ انصاف وفاق جي پارٽي آهي ۽ وفاق ۾ يقين رکي ٿي. اسان چاهيون ٿا ته 18 ترميم تحت صوبن کي مليل اختيار برقرار رهن، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته قانون ڪڏهن به مستقل نه هوندا آهن.