مزدور يونين، ادارا ۽ مشڪلاتون رياض ابڙو
ٽريڊ يونين يا ليبر يونين يا ٻين معناعن ۾ ملازمن ۽ مزدورن جون اڳواڻ پارٽيون، آرگنائيزيشن، تنظيمون يا ليڊر جيڪي ملي جلي ملازمن جا مسئلا ۽ اهنج حل ڪندا رهن ٿا جيڪي هڪ ايجنڊا تحت گڏجي هڪ پيج تي به هوندا آهن، جن جا مقصد ۽ مول متا به هڪ هوندا آهن جن جو متن ۽ خاص مقصد مزدورن سان گڏ ادارن جي عزت برقرار رکڻ به هوندو آهي، انهن جي مقصدن ۾ اهو به هوندو آهي ته مالڪ ۽ مزدور خوشحال هجي، انهن جي مول متن ۾ اهو به هوندو آهي ته اداري ۽ ملازمن جي قدرن، قيمتن ۽ انائن کي برقرار رکيو وڃي ۽ ان سان گڏ انهن جي مقصدن ۾ ۽ ارادن ۾ اهو به هوندو آهي ته ادارن، فيڪٽرين ۽ صنعتن جي سٺي اپت ۽ کپت به ٿئي ۽ ملازمن جي پگهارن ۽ سندن حقن جو تحفظ پڻ برقرار رکيو وڃي، جيئن انهن جي صحت، روزگار، گهر، ٻارن جي تعليم ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ جي زندگي آسان بڻائي سگهجي. ڇو ته جيڪي مزدور ۽ ملازم ادارن ۽ فيڪٽرين کي پنهنجي پوري زندگي ارپين ٿا انهن جو پوءِ اهو به حق هجي ٿو ته اهي جڏهن ڪم جهڙا نه هجن، جڏهن اهي پوڙها ٿي وڃن، جڏهن اهي بيماري جي حالت ۾ هجن، تڏهن ادارو انهن جي صحت ۽ زندگي بچائي سگهي ۽ انهن جي پويرن جي ڪفالت به ڪري سگهي، پوءِ ٽريڊ يونين يا مزدور يونين جو اولين فرض اهو به هوندو آهي ته اهي انهن جي حقن جي لاءِ انهن اهنجن، تڪليفن ۽ سورن جي لاءِ اٿي کڙا ٿين ۽ هڪ آواز بڻجي مالڪن جي آڏو سيهي جي ديوار بڻجي وڃن ته جيئن مزدورن جا حق بحال ڪرائي سگهجن.
پوءِ اهڙن ادارن، صنعتن ۽ فيڪٽرين کي بهترين طريقي سان هلائڻ جي لاءِ اتان جا ملازم ۽ مزدور پنهنجي عملي منجهان ئي اهڙا اهل ماڻهو چونڊيندا آهن جيڪي ڀلي ڪنهن مخصوص پگهار تي ئي هجن، پر انهن جو مزدورن ۽ پيڙهيل طبقي جو آواز بڻجن، پوءِ اهڙين تنظيمن ۽ يونينز جون ساليانه اليڪشنز به ٿين ٿيون ته جيئن انهن جي ليڊرن جي بهترين يا بدترين ڪارڪردگي تي انهن کي مزدورن جي اڳواڻي تي وقت سر لڳائي يا هٽائي به سگهجي. ڇو ته انهن معاملن ۾ جمهوري قدرن تحت ڪم هلايا وڃن ٿا، يونين جي انهن ماڻهن جي نمائندگي ان طرح بدلبي به رهي ٿي. ڇو ته يونين جي اهڙي ٽيم فيڪٽرين، ادارن، صنعتن ۽ آرگنائيزيشن جي مالڪن سان مزدورن ۽ ملازمن جو آواز بڻجي ڳالهائيندي به رهي ٿي ته جيئن مزدورن جي ڪم جي گهڙين، ملازمت جي عرصي، ڪم جي مدي، انهن جي ڏهاڙين ۽ اوور ٽائيم ۾ توازن رهي، ڪم ۽ ڪارڪردگي احسن انداز سان ٿيندي رهي، اهي مزدورن ۽ مالڪن جي وچ ۾ ٿيل ڪانٽريڪٽ تحت ڪرنسي جي گھٽتائي ۽ مهانگائي جي واڌ ويجھ جي ڪري يا روز بروز ٿيندڙ معاشي معاملن ۽ مسئلن کي به منهن ڏيندا رهن ٿا، انهن يونين جو خاص مقصد اهو به هوندو آهي ته ڪم ۽ ڪارڪردگي جو ريشو برقرار رکي سگهن، ملازمن ۽ مزدورن جي شڪايتن جو ازالو به ڪندا رهن، مزدورن جي ڏهاڙين جو خيال رکندا رهن، انهن جي اوور ٽائيم جي ڳالھ به ڪندا رهن، انهن جي صحت جي ڏنل سهولتن جو ڌيان رکن، ملازمن جي ”هائرنگ ۽ فائرنگ“ جون حدون مقرر ڪن. ڇو ته انهن مسئلن ۽ معاملن جي ڪري ملازمن ۽ مالڪن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيندي رهي ٿي، ان ڪري صنعتن ۽ فيڪٽرين ۾ اهڙي وچ واري ماڻهو جو هجڻ ضروري هوندو آهي جيڪو ڳالهين جا انداز سيٽ ڪري، جيڪو ڳالهيون ڪامياب بڻائي، جيڪو ملازمن تائين مالڪن جي صحيح پيغام رسائي سگهي يا وقت سر اهڙا اڻ ٿيڻا مسئلا حل ڪري سگهي جنهن سان ملازمن ۽ مالڪن ۾ صحتمند ماحول برقرار رهندو اچي، ملازمن ۾ سرهائي اچي، ملازمن ۾ خوشحالي اچي، مالڪن جي اپت وڌندي رهي، مالڪ به خوش ۽ ملازم به خوش، ان ڪري يونين جو مقصد يا ڪم اهو به هوندو آهي ته اهي ڪم ڪندڙ ”اسڪلڊ“ هنرمند يا ”اَن اسڪلڊ“ اڻ هنرمند ملازمن ۽ مزدورن يا پراڻن تجربيڪار ملازمن ۽ مزدورن جو هڪ اهڙو الڳ سيڪشن ٺاهيندي وڃي جنهن سان اداري جي بهتري ۽ ملازمن جي ڪمن جي سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهي ۽ انهن جي ڪم جي ريٽنگ ٿيندي رهي ته جيئن انهن کي برابر حق ملي سگهي يا اهڙن عملن جي ڪري ملازمن جي مختلف ڪمن جي ”سيڪشنن“ ۽ لياقتن جي سڃاڻپ به ٿي سگهي ۽ اهڙي طرح اهي ترقي به وٺي سگهن يا جنهن سان ملازمن جي ”پُول“ يا ڀاڱا ٺاهڻ ۾ مدد ملي سگهي ته جيئن انهن کي ”ايوارڊ يا ريوارڊ“ يا ”پنشمينٽ“ (سزا يا جزا) ڏيئي سگهجي. يونين اهڙي طرح ملازمن کي هلائڻ لاءِ اهڙو بهترين طريقو به مهيا ڪندي رهي ٿي جنهن سان اداري جي بهتري ٿي سگهي جيڪو عمل يورپين ملڪن ۾ تمام اوج تي آهي يا اتي اهڙيون يونينون هلي به سگهن ٿيون.
دنيا ۾ يونين جا وجود صنعتي انقلابن سان گڏ ئي نمودار ٿيا هئا، جيئن جيئن صنعتون ٺهنديون ويون تيئن تيئن اهي جٿا، يونين، تنظيمون ۽ پارٽيون به سامهون اينديون ويون جن مزدورن جو آواز بلند ڪيو، جن مزدورن جي حقن جي سڃاڻپ ڪئي ۽ ڏهاڙيدار مزدورن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪيو ۽ انهن جو آواز بلند ڪيو، جن جي مدد سان مزدورن کي پنهنجا حق مليا جن جي اچڻ سان مزدورن ۾ خوشحالي آئي ۽ مالڪن ۽ مزدورن جي وچ ۾ توازن برقرار رهندو آيو. هڙتالن ۽ هنگامن جي صورت يا پرامن احتجاجن جي ڪري اهي مزدور پاڻ مڃائيندا رهيا. 1984 ۾ ”هسٽري آف ٽريڊ يونين“ جي ڪتاب جي ڇپجڻ سان جيڪو ”سڊني ۽ بيٽرائيس ويب“ جي مدد سان ڇپجي پڌرو ٿيو هو، ان جو متن به اهو هو ته مزدورن ۽ ملازمن سان ڪيئن پيش اچجي يا مالڪ ۽ مزدور جي وچ ۾ ڳالهيون ڪيئن ڪامياب ڪجن يا هلائي سگهجن، ان کان اڳ به اهو تصور هو ته ماڻهن جو اهڙو جٿو يا ٽولو جيڪو مزدورن ۽ ملازمن جي ڪاڻ مالڪن سان ڳالهائي سگهي، جن جو مقصد اهو هجي ته اهي ڪم ۽ ڪمائي ۾ توازن رکي سگهن، جيڪي مالڪن جي لاڳت، اپت ۽ مزدورن جي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ توازن برقرار رکي سگهن.
ڪارل مارڪس جي مطابق ”مزدورن جو قدر ۽ قيمت يونين جي بنيادي مقصد مان ظاهر آهي ته اهڙا ادارا ۽ شخص ملازمن ۽ مزدورن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا، جن جي اهميت ڪنهن به طرح خراب نه ڪري سگهجي، يونين جو مقصد اهو به آهي ته اهي مزدورن جي پورهئي ۾ توازن رکن ۽ انهن جا حق نه مارين، جيڪو صنعتن جي ٻين هنڌن تي به مروج ڪجي، جن جو پڻ اهو اولين مقصد هجي ته مزدورن جي ڏهاڙي ڪنهن صورت ۾ گهٽ نه ٿئي“، اينگلو سيڪسون جي دور ۾ مزدورن ۽ مالڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندڙ يونين جو ڪردار ڀلو هو جو اهي مالڪن جي بنا يا انهن جي مداخلت جي سواءِ مزدورن جا سڀ معاملا ۽ مسئلا حل ڪندا هئا، جيڪي مزدورن جي لاءِ بهترين فيصلا به ڪندا هئا، جڏهن ته مالڪن جو اجتماعي راضپو نه هوندو هو. ڇو ته يورپ جي هڪ ملڪ ۾ مزدورن جو قانون هڪڙو هوندو هو ته ٻئي ملڪ ۾ ٻيو قانون مروج هوندو هو، معنيٰ هڪڙي هنڌ جيڪڏهن يونين ۽ تنظيمون معاملا حل ڪنديون هيون ته ٻين ملڪن ۾ مالڪ پاڻ مزدورن جي فيصلن جي وچ ۾ ايندا هئا يا اهي پاڻ مزدورن سان ڳالهيون ڪري سڀ مونجھارا نبيريندا هئا، پر اجتماعي طور تي مسئلن جي حل لاءِ اهي مزدورن جي آرگنائيزيشنن ۽ يونينن سان رابطا بحال رکندا هئا ته جيئن اهي ڪم ۽ ڪارڪردگي، اپت ۽ کپت يا نفعي ۽ نقصان ۾ مسئلا حل ڪري سگهن.
باب جيمس پنهنجي ڪتاب ”ڪرافٽ“ جيڪو 2001 ۾ چپجي پڌرو ٿيو هو، ان ۾ لکي ٿو ته ”ٽريڊ يونين جو وڏو واضح ۽ عالم آشڪار مقصد اهو به آهي ته اهي مزدور سوسائٽي (مزدورن جي طبقي) کي هر صورت ۾ فائدو ڏين، جنهن سان مزدور خوشحال ٿئي، ان مزدور ۽ ملازم جو خاندان خوشحال ٿئي، انهن جي صحت ۽ روزگار جا وسيلا بحال ۽ برقرار رهندا اچن“، ارڙهين صدي جي اڪانومسٽ ايڊم سمٿ جو پنهنجي ڪتاب ”ويلٿ آف نيشن“ ۾ به اهو چوڻ ۽ مڃڻ آهي ته ”مالڪ ۽ ملازم ڪڏهن به هڪ ڳالھ تي ناهن هوندا. ڇو ته مالڪ کي رڳو منافعي جي لڳل هوندي آهي ۽ مزدور ان ڳالھ جي تاڙ ۾ هوندو آهي ته ڪنهن صورت ۾ انهن جي مزدوريءَ جا اگھ وڌندا رهن، ان ڪري انهن ٻنهي جو هڪ پيج تي هجڻ مسئلو پنهنجي جاءِ تي آهي، پر ادارن ۽ صنعتن جي ڀلائي جي لاءِ ٻنهي جو هڪ ڳالھ تي هجڻ ضروري آهي نه ته ادارن جي اپت ۽ کپت ۾ توازن برقرار نٿو رکي سگهجي يا مزدورن جي اهڙن احتجاجن ۾ جڏهن اهي پنهنجن حقن جي گهر ڪندا آهن تڏهن مالڪ سرڪاري مشينري ۽ انتظاميا جي طاقت ڏيکارڻ ۾ دير ناهن ڪندا، ايڊم سمٿ مزدورن ۽ ملازمن جي پگهارن فڪس ڪرڻ واري ڳالھ تي به اعتراض واري ٿو. ان جي چوڻ مطابق ته ”مزدورن ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ٿيندي ته معاشرو به ترقي ڪندو. ڇو ته مهانگائي جي ريشي مطابق ملازمن ۽ مزدورن جي پگهارن جي توازن کي برقرار رکڻ ئي مالڪن کي وڏو فائدو ڏيئي سگهي ٿو“ ان ڪري اهڙين زيادتين جي ڪري مزدور يونين جاڳن ٿيون ۽ اهي اهڙن ظلمن تي آواز به اٿارين ٿيون ته جيئن مزدورن ۽ ملازمن کي انصاف ملي سگهي.

