مشهور قانوني ماهر اي. ڪي ڊوگر لاڏاڻو ڪري ويو.
مشهور قانوني ماهر ايڊووڪيٽ اي. ڪي ڊوگر لاڏاڻو ڪري ويو. اي. ڪي ڊوگر اڳوڻي چيف جسٽس مامون رشيد شيخ جو سهرو هو. اي ڪي ڊوگر ڊگهي عرصي کان بيمار هو. ٻه ڏينهن اڳ سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ آچر 28 جون جي صبح جو هو لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مشهور قانوندان اي. ڪي ڊوگر جو پورو نالو عبدالله خان ڊوگر هو، سندس عمر 84 سال هئي. اي. ڪي ڊوگر جي جنازي نماز مغرب جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي. جڏهن ته سندس تدفين مير ميرپنڊ قبرستان جي سامهون گرائونڊ ۾ آمريڪن اسڪول جي ويجهو ادا ڪئي ويندي. اي. ڪي ڊوگر ڀارت مان هجرت ڪري پاڪستان آيو، سندس والد رام پور رياست ۾ ڪم ڪندو هو. آڪٽوبر 1998ع جي مارشل لا کي اي. ڪي ڊوگر عدالتن ۾ چئلينج ڪيو هو. جڏهن ته پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گرفتاري جي درخواست به هن ئي ڪلثوم نواز طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي. اڳوڻي آرمي چيف ۽ صدر پرويز مشرف جي مارشل لا واري دور جي قدمن خلاف به اي. ڪي ڊوگر درخواستون داخل ڪندو رهيو. آخري ڀيرو پرويز مشرف جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سزا ڏيڻ واري خاص عدالت جي خلاف به هو درخواست ۾ ڌر بڻجڻ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، پر ان کانپوءِ گهڻو بيمار رهڻ سبب هو عدالتن ۾ گهٽ ايندو هو. اي. ڪي ڊوگر پاڪستان سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل به هو. هن جماعت الدعوه جي امير حافظ محمد سعيد جو ڪيس به وڙهيو هو. جڏهن ته هو پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران 2 عهدا رکڻ جي خلاف داخل ڪيل پٽيشن ۾ به وڪيل رهي چڪو هو.

