مــايــا انور شيخ Aug 2020
هڪڙي ڳوٺ جي ڀر ۾ هڪ وڏي بڙجي وڻ هيٺيان هڪ صوفي، فقير منش، الله لوڪ انسان پوتڙي جي پوشاڪ ۾ رهندو هو. هن جون ڄنگهون سڪل، پيٽ اندر ۽ بدن جون هڏيون ٻاهر نڪتل هيون، ايڪانت ۾ اکيون بند ڪري ، پلٿي هڻي سڄو ڏينهن ويٺو هوندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو هن جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. ڪجهه پاڻ کي هن جا فقير به سڏرائيندا هئا. اهي فقير ڪشتو کڻي ڳوٺ ۾ ويندا هئا. جيڪو ڪجهه ڪشتي منجهه پوندو هو سو، صوفيءَ اڳيان آڻي اچي رکندا هئا. صوفي ڪجهه گرهه کائي باقي موٽائي اکيون بند ڪري ڇڏيندو هيو. صوفي ٿورو ڳالهائيندو هيو ۽ گهڻو گيانُ ڪندو هيو. هن جي تلقين ۾ تسڪين هئي. هن جون ڳالهيون ڳهن جهڙيون هيون. هن جي طبيعت ۾ طلسم هو، هن جي ساري سرير ۾ سانت ۽ سڪون هيو. ماس ۽ هڏين جي هو مورت هو، ساهه ۾ سانڍي رکڻ جي هو صورت هو. ماڻهو هن جون ڳالهيون هينئين سان هنڊائيندا هئا.صوفي شاعري به ڪندو هيو. هن جو علم آفاقي هيو. رهڙيل روحن جو هو شافي هو هن جو مول، متو ۽ تعليمات جو مقصد نفس کي مارڻ ۽ دنيائي خواهشن جو تياڳ هو. هو تصوراتي ۽ محسوساتي صوفين جي طويل سلسلي جو برگزيده بندو هو. هن جا فقير يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳوٺن ۾ وڃي هن جي شاعري ڳائيندا هئا. چئن جي ٽولين ۾ فقير سنجها ٽاڻي دَرَنِ تي بيهي، صوفيءَ جون ڪافيون اهڙيءَ ريت جهونگاريندا هئا جو انهن جو اثر ڏينهن جو لوءَ ۾ لوساٽيل هارين جي هينئن ۾ ائين گهري ويندو هو. جيئن ايٽ جي لوٽين مان ٿڌي کوهه جو پاڻي ٻڪن ۾ ڀرجي اڃايل جي اندر ۾ لهي ويندو آهي.
مايا آهي ڇايا، مايا ماڻهو ڀلايا
مايا جو ڪڍ موهه او سائين
مايا آهي ڊوه او سائين
مايا ماڻهو رلايا، مايا آهي ڇايا.
صوفيءَ جو خيال هو ته دنيا ۾ ڏک جو سبب ماڻهن جو دنياوي شين ڏانهن موههُ آهي.
ماڻهو خواهشن جو تياڳ ڪري مڪتي ماڻي سگهن ٿا. صوفيءَ وٽ مذهب جي معنيٰ ڪل انسانيت سان محبت هئي، هن جا مريد مسلمان به هئا ته غير مسلمان به هئا. سڀئي بڙ جي هيٺيان رکيل هڪ ئي مٽ مان پاڻي پيئندا هئا. ڳوٺ ۾ ڪجهه ڀيلن، اوڏن، ڪولهين ۽ هندن جا به گهر هئا. ڳوٺ ۾ مذهبي فرق جو نانءُ نشان نه هو. ڳوٺ جا سڀ مسلمان توڙي غير مسلمان صوفي جا مريد هئا ۽ سڀ هن جي ڳالهين کي سچو سمجهندا هئا سواءِ ڀالو اوڏ جي،
ڀالو اوڏ جو خيال هيو ته، ماڻهن جي مڪتي خواهشن جي قتل عام ۾ نه، پر انصاف جوڳو سماج جوڙڻ ۾ آهي، ڀالو اوڏ کي ماڻهو ڪافر، دهريو، بي پيرو ۽ بي مرشدو سڏيندا هئا.
وڏي وڻ جي هيٺيان ڪجهه رلهيون رکيل ۽ تڏا وڇايل هوندا هئا.
ڀر پاسي واري زمين تي سائي ڇٻر ڪنهن محل ۾ بستري جيان هئي ۽ اتي مختلف وڻن جي ڇانو ڪنهن حسين دوشيزه جيان پاسا ورائيندي رهندي هئي، بڙ جي پاڙ ڀرسان صوفي رلهي تي پلٿي هڻي ويٺو هوندو هو بڙ جي ٻئي پاسي هڪ پاڻي جو مٽ پيل هوندو هو. جتان سڀ پاڻي پيئندا هئا، ڳوٺ جا گهر هيٺائينءَ ۾ اوڏڪين ڀيتين مٿان ڪکن، ڪانن سان ڍڪيل هئا، ڳوٺ جا ماڻهو زمينون آباد ڪندا هئا. ٿورڙي ۾ راضي رهڻ واري عادت ڪري گهڻو وقت واندو گذرندو هين ۽ اهو سمورو واندو وقت صوفي جي آستاني ۾ گذاريندا هئا. ڪي نفس مارڻ لاءِ اَنَ ڪڻا، کارڪون ۽ دلي پاڻي جي کڻي اڪيلائي ۾ چاليهه ڏينهن چلوُ به ڪاٽي ايندا هئا. صوفي کين چوندو هيو ته نفس مٿان فتح حاصل ڪرڻ لاءِ جنگي جوڌي جيان تياري ڪرڻي ٿي پوي، اهڙي تربيت لاءِ چلا ڪڍڻ ۽ ڪجهه وظيفن جو ورِدُ وسيلو بڻائي سگهجي ٿو. صوفي جي ڳاليهن جو اثر ماڻهن تي تمام گهڻو ٿيندو هيو.
صوفي لاتمع ۽ لاقمع هو صوفيءَ وٽ نه غيبت هئي نه غصو هو. صوفيءَ وٽ هڪ سانت هئي ٻيو صبر هيو ڳوٺ جا نوجوان سائينءَ جي سنگت ۾ سرور محسوس ڪندا هئا.
هڪ ڏينهن پري کان هڪ سکيو ستابو همراهه هڪ سوُا ڳئون ڦر سميت آڻي سائين کي نظر و نياز طور ڏني، صوفي مريدن کي چئي ڳئون ڦر سميت ڪهائي سڀني کي کارائي ڇڏي ۽ ان همراهه کي چيائين، ڳئون به مايا آهي ان جي سارسنڀال ۽ گاهه پٺي جو ڌيان رکڻو پوندو. جيڪو اصل مقصد کان کارڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو. صوفي ته ڪپڙن جي جهنجهٽ کان به ڏور ٿو رهي اسان جو لباس ئي پوتڙو يا خرقو آهي پوءِ هي مال ملڪيت جي سنڀال ڪاٿئون ڪنداسون. ان واقعي ڳوٺ وارن کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ پوءِ اهي آهستي ، آهستي گهرن جي سک کي ڇڏي صوفيءَ جي بڙ ڀرسان ٻين وڻن کي آباد ڪرڻ لڳا ۽ ائين پوءِ جيڪا زمين سونا سنگ ڏيندي هئي، سا سَرَنِ جهنگ، ڪانڊيرن، ڊين ۽ ڊڀ ۾ تبديل ٿي وئي.ڳوٺ جون زائفون توڙي مرد ڪِشتي جو ڪاروبار ڪرڻ لڳا سائين جا شعر ۽ ڪافيون ڳائيندا پري پري ڳوٺن ۾ وڃي خير، خيرات وٺي ايندا هئا ۽ رات جو يڪتاري ۽ چپڙي تي صوفيءَ جي شاعري الستي سُرَنِ ۾ الاپيندا هئا. مريد نفس کي مارڻ لڳا ۽ خواهشن کان پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ وِرِدُ وظيفا ۽ چلا ڪشيون ڪندا هئا. آسپاس جي ڳوٺن مان ڪڏهن ڪشتا خالي به ايندا هئاته ڪڏهن ڀريل به هوندا هئا، پر آستاني تي هي انسان هر حال ۾ راضي رهندا هئا.
صوفي ماڻهن کي سمجهايو ته زمين خدا جي آهي ان مان اَن ضرور پيدا ڪيو، پر ان سان دل نه لڳايو. بي دليءَ سان ڪاهيل هَرَنِ ۾ اهو ٻل نه هو تنهنڪري اُها اپت به نه پئي اچي، ماڻهو زمين کيڙيندي بيزاري محسوس ڪرڻ لڳا هئا کين ورد، وظيفن ۽ ساز سرود ۾ سڪون ايندو هيو، صوفيءَ جي آستاني جا هي فقير سڄو ڏينهن الله کي احساسن جي اک سان ڳوليندا رهندا هئا، خيالن ئي خيالن ۾ ڪڏهن وڃي ويجها پوندا هيس ته اُٿي ڌمال هڻڻ لڳندا هئا ۽ وجداني ڪيفيت ۾ وٺجي ويندا هئا ساز سرود ۽ رقص جي ماحول ۾ خيالي دنيا جي لذتن ۽ لطف جا هي هيراڪ پاڻ کي خدا جي پنڌ جا پانڌيئڙا سمجهندي دنيا جي هر خفي ۽ نفي کان لاغرض پنهنجي هڪ الڳ ٿلڳ دنيا وسايون ويٺا هئا.
دنيا دورنگي سائين
دنيا ٻن ڏينهن جي سائين
رُلڻا ائين نه رول
پنهنجو هينئڙو ائين نه هول
دنيا آيا جايا آهي
ڊوهي ڍونگي مايا آهي
مايا جو ڪڍ موهه او سائين
مايا آهي ڊوهه او سائين.
ڀالو اوڏ اهو ڏسي ڏاڍو ڪڙهندو هيو هڪ ڏينهن ڀالو اوڏ صوفيءَ سان وڃي منهن مقابل ٿيو. صوفيءَ جي سامهون ويهي کيس چيائين، تون ماڻهن جي هن مردار ڪردار جو سبب آهين تون سانت ۽ سرود جي دوکي سان ماڻهن جا سرير ساڙي رهيو آهين، ماڻهن ڀالو اوڏ جي گستاخي تي خار کاڌي. صوفيءَ هٿ جي اشاري سان کين سانتيڪو ٿي ويهڻ لاءِ چيو ۽ ڀالو اوڏ کي ٻاجهه ڀري آواز ۾ چيائين، ڀالو منهنجا ٻچا تنهنجو ڪروڌ اجايو ڪونهي! منهنجي تعليم جي اصل جوهر کي نه سمجهڻ ان جو سبب آهي. مان ماڻهن کي دنيا جو تياگ ان صورت ۾ ڪونهي چيو مان انهن جي اندر ۾ ابليس جو انت ٿو چاهيان جيڪو دنيا جو مال ميڙڻ لاءِ کين انڌو ٿو ڪري ڇڏي ۽ اهي ان موهه ۾ حق ۽ سچ جي رستي تان هٽي ٿا وڃن ۽ هن عارضي دنيا سان عشق ٿا ڪنِ، ڇا عشق ڪرڻ لاءِ دائمي هجڻ ضروري آهي؟ گلن جي سونهن کي نه ساراهجي انهن جي خوشبو سان ساهَنِ کي نه سُرهائجي انهن جي رنگن کان راحت نه وٺجي ڇو جو اهي جلدي مرجهائجي ويندا؟
“مان ائين ڪو نه ٿو چوان منهنجا ٻچا! مان ته اهو ٿو چوان ته انهن جي مجازي عشق معرفت عشق حقيقي ڪجي ۽ انهن جي خلقڻهار کي ڳولجي.”
ڇو انهن جو خلقڻهار گم ٿيل آهي ڇا؟ ڇا توکي ڪو شڪ آهي جنهن جي تصديق پيو ڪندو وتين؟ ڇا خدا جو وجود لڪل آهي. جنهن کي ڳولهڻ لاءِ توکي سهارن جي ضرورت ٿي محسوس ٿئي؟
منهنجي تعليم ڪائنات جي ڪاتب ۽ ڪاريگر کي اندر جي اک سان محسوس ڪرڻ آهي.
خدا جي حقيقي وجود کي محسوسات جي ان منزل تي پهچي ئي محسوس ڪري مزو ماڻي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ مرحلا ۽ منزلون طئي ڪرڻيون ٿيون پون، صوفيءَ گهنڀيرتا مان وراڻيو.
“ڪائنات جي هر ڪنڊ ۾ ڪاريگر جا پيرا پيا آهن جيڪي ڳولڻ، پرکڻ ۽ جستجوءَ سان ملندا نه ڪي اکيون بند ڪري ويهي ڀنگ جي مواليءَ جيان پنڪين ۾ محسوس ڪري سگهبا.”
“قادر جي ڪائنات جي ڪرشمن جا احساس ايڪانت ۾ محسوس ڪري سگهبا آهن ٻچا.!”
“ڪائنات جي قادر کي محسوس ڪري ئي مڃيو ويو هو. تنهنجو طريقو ويتر منجهائيندڙ آهي تون ماڻهن کي کوهه مان ڪڍي کڏ ۾ ٿو هڻي. تون ساڳيون شيون آسان قسطن ۾ مهانگيون ڪري وڪڻين ٿو. تون ساڳي ئي ڪرت جو ڪاروباري آهين.”
ڪجهه دير جي سانت کانپوءِ ڀالو اوڏ سڀني موجود ماڻهن ڏي منهن ڪري چيو، هن دنيا سان محبت ئي هن دنيا کي پر امن ۽ پر آسائش بڻائي سگهي ٿي، من جي مڪتي ۽ شانتي فقط انصاف ڀريو سماج جوڙڻ ۾ آهي، خدا جي وجود جي ظاهريت مڃتا جي پهرين هاڪار ۾ ئي آهي. هن وري صوفيءَ ڏي منهن ڪري چيو،
هي رويا انسان کي آستي، ڪاهلي ۽ ڪم چوريءَ ڏانهن راغب ڪن ٿا. خواهشن جو قتل ماڻهن جي من ۾ شانتي نه، پر اشانتي ۽ ازيت جو ڪردار ادا ڪري ٿو. امنگن ۽ اميدن تي تشدد من جي مڪتي ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ دنيا کان لاتعلقي شيطاني صفتن لاءِ لاڀائتي ٿي ويندي. حق ۽ سچ جي راهه تي انسان انصاف سان هلي سگهي ٿو کارڪون کڻي کڏ ۾ ويهي چلا ڪڍڻ سان انسان فراريت جي رڻ ۾ رلي ٿو غارون ۽ غفائون انسان جي اندر ۾ اونده ڀرين ٿيون، روشن سج چنڊ ستارا آگهيءَ جا انبار ارپين ٿا. مذهبن جي مُلان ۽ پنڊت واري تشريح جا انحرافي تون پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ هڪ ٻيو فرقو جوڙڻ کانسواءِ ڪجهه به نه پيو ڪرين جيڪو سماج ۾ ڪو به ڪارائتو ڪردار ادا نه ڪندو. ماڻهن جي مڪتي ۽ آجپو فقط ۽ فقط مڪمل انصاف تي مبني رياست ۾ آهي جيڪا جڏهن به جڙي انسان مڪتي ان ذريعي ئي پائيندو. خواهش جو تياگ دنيا کي ويرانين ۾ وٺي ويندو. ٻڌي ڇڏ انسان جو مايا مان موهه ڪڍڻ ممڪن ئي ڪونهي اهو غير فطري آهي تنهنجو هي اڏيل آستانو هڪ ڏينهن پاڻ مايا جي موهه جو مثال بڻجي ويندو.
صوفي آکيون بند ڪري اندر جي ڪروڌ کي دٻائڻ لڳو. ڀالو اوڏ اٿي روانو ٿي ويو.
ڀالو اوڏ ان دور جو اهو انسان هيو جنهن دليل دنياداريءَ مان سکيا هئا. لفظن ۽ عقل لاءِ ان دور ۾ سَنَدُنِ جي ضرورت نه هئي صوفيءَ جي آستاني تي سازن ۽ آوازن جو سلسلو روان دوان رهيو. هاڻي ماڻهو اتي پري پري کان اچڻ لڳا هئا. صوفي جا پراڻ پورا ٿيا ته پڙ وجهي دفنايو ويو صوفيءَ جي رمزن جو نغارو ڏيهه ۾ ڏور ڏور ٿي ٻڌو ويو راضي فقير کي گادي نشين مقرر ڪيو ويو ماڻهو پري پري کان اچي عقيدتن جا گل نڇارو ڪرڻ لڳا ڪي وري نظر نياز آڻي نغارا وڄائي ڌمالون به هڻندا هئا. سنگت جي صلاح تي درگاهه جي اڏاوت لاءِ چندي جي پيتي صوفي فقير جي چائنٺ سان لڳو لڳ رکرائي وئي.
انهيءَ دور ۾ هڪ واقعو اهڙو ٿيو جنهن صوفيءَ جي سڄي نظريي جي ئي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي. ٿيو هيئن جو درگاهه کان ڪافي پنڌ تي هڪ امير ڪٽنب خوبصورت باغ ۾ عاليشان عمارت ۾ رهندو هيو ان خاندان جي هڪ عورت جنهن کي اولاد نه پئي ٿي ۽ ان جو مڙس ٻي شادي ڪرڻ وارو هيو، تنهن پنهنجي سَسُ کي چيو،
آخري هيلي طور صوفيءَ جيَ درگاهه تي حاضري ڀري ڏسجي صوفي ولي ۽ ڪامل هوندا آهن. الله جا اهي برگزيده بنده ڪا بهتر صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، هن جي سس، ننهن جي اهڙي ڳالهه تي اچرج کاڌو ۽ چيائينس،
اولاد به مايا آهي. صوفي مايا جي خلاف هيو صوفيءَ جو قول هيو ، جيڪو آهي ان تي راضي رهجي گهڻي جي گهُرَ نه ڪجي.
فقيرن جو ڳالهيون زمزن سان ڀريل هونديون آهن. ظاهر ۾ هڪ ڳالهه ڪندا آهن ته باطن ۾ ان جي معني ٻي هوندي آهي. هلڻ ۾ هرج ڪهڙو،
آخرڪار ننهن، سَسُ کي ساڻ ڪري درگاهه تي آندو درگاهه جي حاضري کان ٿورو عرصو پوءِ عورت، ڪک سائي ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان خوشيءَ جي خبر کان پوءِ ان عورت جي سَسُ ڄڃ وٺي دهل وڄائيندي اچي سائين جي درگاهه تي ڇيلا ڪهي ديڳيون رڌايون ۽ وڏو وات ڦاڙي اعلان ڪيو ته، سائين جي بڙ سان ننهن جي سڪل ڪک سائي ٿيڻ جو سڳو ٻڌو هيو سو باس بَرِ آئي تنهنڪري هوءَ سوڀ جي سک کڻي آئي آهي.
اها ته اندر جي ڳالهه هئي ته اها عورت مڙس جي ٻي شادي ڪجهه عرصو ٽارڻ لاءِ اهو ڪوڙو انڪشاف ڪيو هو ۽ پوءِ ٻارُ ڪري پوڻ لاءِ ٻڌايو هئائين، پر تير ته ڪمان مان نڪري چڪو هيو اعلان اميرن جي گهر مان اُٿيو هو جنهن جو اثر غريب غربي تي گهڻو ٿي ويو هو. بس پوءِ ته ڪجهه عرصي اندر صوفيءَ جي درگاهه پڪي ۽ عاليشان عمارت ۾ تبديل ٿي وئي بڙ جي وڻ ۾ جاءِ نه هئي جتي سڳا ۽ اڳڙيون نه ٻڌل هجن. ڪي روزگار لاءِ ڪي دولت لاءِ، ڪي شفا لاءِ ۽ ڪي وري ساٿيءَ لاءِ پيا سڳا ٻڌن ۽ اڳڙيون آڻين.
هڪ ڏينهن راضي فقير سٽ ڏئي حيراني مان حقو ٻڪو ٿي اٿي بيٺو پريان ڏٺائين ته ڀالو اوڏ مٺائي جو ٿال مٿي تي کڻيو نچندو پيو اچي. ماڻهن ۾ مٺائي ورهائيندي بڙ جي وڻ ۾ ٻڌل سڳن ۽ اڳڙين ڏي نهاريندي چئي رهيو هو،
مايا جي موهه جي سوڀ تي سُکا کڻي آيو آهيان. هو ڏسو مايا صوفي لا ڪوفيءَ جي وڻ کي ڪيئن وڪوڙي وئي آ ۽ زور سان ڳائڻ لڳو.
تون ڀي مايا، مان ڀي مايا
هي ڀي مايا، هو ڀي مايا
پير ڀي مايا، پڙ ڀي مايا
صوفي مايا، سنت ڀي مايا
ممبر مسجد، مندر مايا
مايا ڪونهي ڇايا چريا
مايا جا هن سڀ هي ڄايا
تون ڀي مايا، مان ڀي مايا.

