ملائيشيا جي شاگردن سان جاپان بابت ڳالهه ٻولهه.

الطاف شيخ جو سفر نامون “جي وڃين تون جاپان” مان کنيل

ملائيشيا جي شاگردن سان جاپان بابت ڳالهه ٻولهه

الطاف شيخ

مون لاءِ توهان جو ملڪ ملائيشيا ۽ جاپان ذري گهٽ برابر آهي جو مون کي انهن ٻنهي ملڪن جي بندرگاهن  ۾ جهاز کي وٺي اچڻ جا تمام گهڻا موقعا مليا آهن ۽ انهن ملڪن ۾ ڪناري تي رهڻ جا به ڪيترائي موقعا مليا. ٻنهي ملڪن جي غربت جا ڏينهن به مون ڏٺا جڏهن 1960 واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا هاڻ هاڻ آزاد ٿيو ۽ ملائيشيا ڪو يورپ جهڙو ملڪ نه هو. اسان جي انڊيا پاڪستان کان به پٺتي هو. تعليم لاءِ به توهان اسان جي ملڪ ڏي آيا ٿي. ملائيشيا توڙي سنگاپور جون شپنگ ڪمپنيون، ايئر لائينون، ميرين اڪيڊميون وغيره وغيره قائم ڪرڻ ۾ اسان جي پاڪستانين جو وڏو هٿ رهيو ۽ اڃان تائين آهي. اهو ئي حال جاپان جو هو. اڄ به مون کي جاپان جي غربت وارا ڏينهن ياد اچن ٿا. ٻي جنگ عظيم ختم ٿيڻ ۾ ٻه ڏهاڪا سال ٿيا هئا ۽ اڄ به منهنجي اکين اڳيان جسم سڙيل ۽ معذور جاپاني ڦرن ٿا جن تي هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڦٽا ڪيل ائٽم بمن جي شعائن (Radiation) جو اثر ڇڏيل هو. هيرو شيما ۾ ته جهاز پهتو ٿي ته اڃان به ڪيترن محلن ۽ گهٽين جون عمارتون ڊٺل نظر آيون ٿي. بهرحال هوڏانهن جاپانين ۽ هيڏانهن توهان ملائيشين، بنا شڪ جي، تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ کي اهڙو ٺاهي ڇڏيو جو ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ توهان جي ملڪ ۽ سياستدانن جو مثال ڏين ٿا. جاپان وانگر ملائيشيا به اڄ يورپ جو هڪ ماڊرن، صاف سٿرو ۽ امن امان وارو ملڪ لڳي ٿو ۽ جيئن فرانس، جرمني، انگلينڊ يا سوئٽزرلينڊ جي ملڪن کي جاپان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪنهن ويزا جي ضرورت ناهي تيئن خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته گذريل مهيني جاپان حڪومت توهان جي ملڪ ملائيشيا لاءِ به اهو اعلان ڪيو آهي ته ملائيشيا جو ڪو به شهري چاهي هتي جا ملئي مسلمان (ڀومي پترا) هجن يا چيني، انڊين يا اهي پنجابي پٺاڻ، تامل ۽ شڊول ذات جا هندو جيڪي انگريز راڄ ۾ هتي رهي پيا ۽ کين ملائيشيا جو  پاسپورٽ آهي، اهي بنا ويزا جي جاپان اچي وڃي سگهن ٿا. جاپان اهو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪنهن ايشيا يا آفريڪا جي ملڪ جي ماڻهوءَ کي هفتو کن گهمڻ لاءِ به ويزا وڏي مشڪل سان ملي ٿي، پر توهان جي جڏهن دل چاهي ايئر لائين جي آفيس مان ان ئي وقت ٽڪيٽ وٺي هوائي جهاز ۾ سوار ٿي ٽوڪيو يا اوساڪا جي هوائي اڏي تي لهي سگهو ٿا.

سچ ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا وارن کي ملائيشيا کان جاپان وڃڻ جي ڀاڙي جو به فڪر نه ڪرڻ کپي جو ملائيشيا جي “ايئر ايشيا” هوائي جهاز ڪمپني دنيا جي سستي ترين هوائي ڪمپني آهي جنهن جو ڀاڙو تمام گهٽ رکيو ويو آهي. ايئر ايشيا جا هوائي جهاز نه فقط ملائيشيا جي مختلف شهرن ڏي وڃن ٿا، پر دنيا جي ڪيترن ئي ويجهن ملڪن ڏي وڃن ٿا. آئون هميشه انڊيا وارن کي چوندو آهيان ته هو خوش نصيب آهن جو ايئر ايشيا جا هوائي جهاز انڊيا وڃن ٿا ۽ هنن جو ڀاڙو بچيو پوي. پاڪستان وڃن ته اسان پي آءِ اي، ٿائي ايئر لائين، MAS ۽ ٻين ايئر لائينن کي ڇڏي ڏيون جو ايئر ايشيا جو ڀاڙو ٻين اوچين ايئر لائينن جي اڌ کان به گهٽ آهي. جاپاني اسٽوڊنٽ جيڪي موڪلن ۾ جاپان جي مختلف شهرن جو رخ ڪندا هئا اهي هاڻ ڪوالالمپور (ملائيشيا) اچن ٿا. ان جو وڏو سبب اهو آهي جو هيرو شيما يا فڪوڪا کان ٽوڪيو يا سپورو بليٽ ٽرين جي ڀاڙي کان گهڻو گهٽ ته ايئر ايشيا جي هوائي جهاز جي جاپان کان ملائيشيا تائين ٽڪيٽ آهي. هن هوائي ڪمپني Air Asia جي مائينس پوائنٽ فقط اها آهي ته جهاز  مِس ڪرڻ تي يعني ايئرپورٽ تي وقت تي نه پهچڻ تي توهان جي ٽڪيٽ جو ڪجهه حصو به Refund ٿي نٿو سگهي. هڪ دفعو خريد ڪيل ٽڪيٽ واپس نٿي ٿي سگهي. ٻي ڳالهه ته ايئر ايشيا جي هوائي جهاز ۾ هڪ ئي اڪانامي ڪلاس آهي ۽ ڪنهن به مسافر کي جهاز وارن طرفان ماني يا چانهه پاڻي مفت نٿو ملي. ماني گهران کڻي اچو يا اسٽيورڊ کي پئسا ڏئي خريد ڪريو. منهنجي خيال ۾ ٽڪيٽ جي سستائي ٿي ڏسجي ته اهي ڪي وڏيون ڳالهيون ناهن. منهنجو هڪ ملئي شاگرد ايئر ايشيا ۾ اڏام کان هڪ ڏينهن اڳ رات جو ٻارهين کان پوءِ مئڪڊونالڊ تان برگر وٺي ڇڏيندو آهي جو ڪوالالمپور توڙي ٽوڪيو جي ڪيترن فاسٽ فوڊ اسٽورن تي آڌي رات کانپوءِ هر شيءِ جي قيمت اڌ يا چوٿون حصو ٿئي ٿي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments