خاص

ملتان ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام، لاهور پهريون ڀيرو پي ايس ايل جو فاتح ٿي ويو

پاڪستان سپر ليگ 7 جي فائنل ۾ لاهور قلندرز ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. قذافي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. لاهور قلندرز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون. لاهور طرفان محمد حفيظ 69 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته هيري بروڪ 41، ڊيوڊ ويسا 28، ڪامران غلام 15 رنسن سان اڳڀرا رهيا. ملتان سلطانز جي آصف آفريدي سڀ کان وڌيڪ 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته رومان رئيس ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ – هڪ شڪار ڪيو. جواب ۾ ملتان جا بيٽسمين لاهور جي بالرن اڳيان بي وس نظر آيا ۽ سڄي ٽيم 19.3 اوورن ۾ 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي. خوشدل شاهه 32، ٽم ڊيوڊ 27، شان مسعود 19، رائلي روسو 15، ڪپتان محمد رضوان 14 رنسون ٺاهي سگهيو. لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي 3، محمد حفيظ ۽ زمان خان 2-2، جڏهن ته حارث رئوف ۽ ڊيوڊ ويسا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.