November 2021 ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي لهر، معيشت جو زوال ۽ بد انتظامي واري صورتحال

موجوده ڏينهَن ۾ ملڪ جيئن ته مهانگائيءَ جي ور چڙهيل آهي. ملڪ ڏينهون ڏينهن ناڻي جي پکيڙ جي هٿ ور چڙهيل آهي. پاڪستاني رپيو ڊالر جي مقابلي ۾ پنهنجو قدر تيزيءَ سان وڃائي رهيو آهي، نتيجي ۾ درآمدي شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن. ڪڻڪ، کنڊ ۽ کاڄرو تيل به پرڏيهه کان گهرايو پيو وڃي. جڏهن ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، مناسب رٿابندي نه هجڻ ڪري ملڪ انهن جنسن ۾ اڃان تائين خود ڪفالت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري اهي بنيادي کاڌ خوراڪ جون جنسون به درآمد ڪرڻيون پون ٿيون جنهن تي پرڏيهي ناڻو خرچ ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ خساري ۾ وڃي رهيو آهي. حالانڪه اهي سڀ شيون ملڪ ۾ پيدا ڪري پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهجي ٿو ته ملڪي کاڌ خوراڪ جون ضرورتون به پوريون ڪري سگهجن ٿيون، پر افسوس اهو آهي ته اسين پنهنجي غلط پاليسين جي ڪري اڃان تائين خوراڪ ۾ خود ڪفالت حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. ملڪ جيئن ته ناڻي جي پکيڙ جو شڪار آهي، جيڪا في الحال سراسري طرح 10.9 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ناڻي واري وزارت ناڻي جي پکيڙ ۾ اڃان به واڌ جي ڳالهه ڪئي آهي. پاڪستان ٻاهرين ملڪن مان پيٽروليم مصنوعات گهرائي ٿو، رڳو اهو اسم اسان جي ڪل درآمدي بل کان وڌيڪ آهي. انهيءَ ڪري اسان جي معيشت سسي رهي آهي. نتيجي ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي. جڏهن ته موجوده سرڪار جو واعدو هو ته نوجوانن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون، پر ملڪ جي ناڻي واري صورتحال ۽ معيشت جي ابتر حالتن ۾ اها طاقت ئي ڪونهي جو اهي روزگار جي حالتن کي بهتر ڪري سگهن. آءِ. ايم. ايف سان اسان جي قرض جي معاهدي واري صورتحال به اڃان واضح نه ٿي سگهي آهي. هن مهيني آءِ. ايم. ايف کان جيڪا قرض جي سهولت ملڻي هئي اها به اڃان تائين نه ملي سگهي آهي ۽ انهيءَ سان پاڪستان جي خزاني جا معاملا تعطل جو شڪار آهن. نتيجي ۾ ملڪ جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سرڪار تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ پيٽرول جي قيمت 10.49 رپيا ليٽر وڌي وئي آهي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 12.44 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن سبب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 134 رپين کان مٿي ٿي وئي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ عوام مهانگائي جي طوفان کي منهن ڏئي رهيو آهي. عام واهپي جون شيون ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهي رهيون آهن. حڪومتي اختياريون مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن انهيءَ ۾ واڌ ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن. دستياب حقيقتن: ناڻي جي صورتحال، ڊالر جي سامهون پاڪستاني رپئي جي لاٿ ۽ معيشت جي ابتري موجوده سرڪار کي عوام ۾ غير مقبول ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت ان حال ۾ نه رهي آهي جو اها انهن مسئلن کي حل ڪري سگهي. جڏهن ته وزير خزانه جي چوڻ مطابق، ڪووڊ-19 جي تباهه ڪارين سڄي دنيا ۾ عام واهپي جي شين جي قيمتن کي متاثر ڪيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته اسين خوراڪ پيدا ڪندڙ ملڪ هوندي به خوراڪ جون بنيادي شيون پرڏيهه کان گهرائي رهيا آهيون، اهو صرف گذريل ٽن سالن کان نه پر اهو سڀ ٽيهن سالن کان ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت اسين پيداواري عمل ۾ نه زراعت جي ميدان ۾ ۽ نه صنعتي ميدان ۾ ڪٿي بيٺل نظر اچون ٿا. پاڪستان هن وقت هڪ ڪنزيومر ملڪ جي طور تي اڀري سامهون آيو آهي. نه صرف اهو، پر اسين بجلي ۽ گئس جي قيمتن کي به قابو نه ڪري سگهيا آهيون. انهن شعبن ۾ انتظامي صلاحيتن جي اڻاٺ جي ڪري اسان جو گردشي قرض وڌي رهيو آهي. اسان جي حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ڪيترن ئي سالن کان ٻاهرين امداد ۽ قرض جي بنياد تي هلي رهيو آهي ۽ اڄوڪين حالتن ۾ اهي معاملا به اسان جي هٿ وس نه رهيا آهن. عوام معاشي مسئلن کي ته سالن کان منهن ڏيئي رهيو آهي، پر عمران خان جي اچڻ کانپوءِ هڪ اميد جي روشني نظر آئي ٿي ته ملڪ جو سياسي منظر نامون ٿورو تبديل ٿيندو ۽ حالتون بهتريءَ ڏانهن وينديون. ڇو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ شروع کان ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري رهيون هيون ته اهي هڪ ئي پيج تي آهن، پر ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري واري معاملي کانپوءِ هاڻي اهو معاملو کلي سامهون اچي چڪو آهي ته هاڻي اهو پيج ڦاٽي پرزا پرزا ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ سياسي صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، جنهن جو فائدو مافيائون مختلف طريقن سان وٺي رهيون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو مهانگائي اسٽريٽ ڪرائيم، لا اينڊ آرڊر ڪنٽرول ۾ نه اچي رهيا آهن.

22 آڪٽوبر 2021 تي حڪومت کي هڪ نئون چئلينج سامهون آيو جنهن ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان رستن ۽ روڊن تي اچي حڪومت خلاف احتجاج شروع ڪيو ۽ حڪومت کان پنهنجا ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ جي ڌمڪي ڏني، جنهن سان لاهور کان وٺي اسلام آباد تائين روز مره جي زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي. رستن کي ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو، رستن تي خندقون کوٽيون ويون جن عام ماڻهن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، نه رڳو ايترو پر پنج کان ڇهه پوليس عملدار ان ويڙهه ۾ پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا. ڇو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا ڪارڪنن اسلحي سميت روڊن تي موجود هئا.

ان سڄي صورتحال جي وچ ۾ شيخ رشيد ٽي ايل پي سان ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابين جي خوشخبري ڏيندو رهيو ته انفارميشن جو وفاقي وزير فواد چوڌري ان ڳالهه جي آگاهي ڏيندو رهيو ته ٽي ايل پي هڪ ڪالعدم جماعت آهي ۽ اها هڪ ويڙهاڪ جماعت آهي جنهن جي فنڊنگ ”را“ ڪري رهي آهي، پر پوءِ آخرڪار حڪومت پنهنجا گوڏا کوڙيا ۽ مفتي منيب الرحمان وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري حڪومت ۽ ٽي ايل پي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي ڪامياب بڻايو. ڳالهه ٻولهه ڪهڙن نقطن تي ڪئي وئي، ٽي ايل پي جا ڪهڙا شرط مڃيا ويا ان جي آگاهي اڃان تائين ڪنهن به حڪومتي سطح تي پڌري نه ڪئي وئي آهي. عوام ان ڳالهه جي لاءِ تمام گهڻي ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهي ته آخر حڪومت کي ڪهڙي ڳالهه مجبور ڪيو جو ان ويڙهاڪ جماعت سان اڻ ڄاتل شرطن تي معاهدو ڪري انهن کي وري سياسي عمل واري وهڪري ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هڪ عوامي حڪومت کي ان قسم جي عمل کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ جمهوري قدرن مطابق جيڪي به معاهدا ٿيا آهن انهن کي عوام آڏو رکڻ گهرجي. ان سڄي صورتحال پي ٽي آءِ جي حڪومت کي وائکو ڪيو آهي ته هيءَ حڪومت نه ته جمهوري آهي ۽ نه سياسي. جنهن جي ڪري سندس ساک ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ انارڪي (نراجيت) واري صورتحال

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments