ممباسا، نئروبي، دارالسلام ۽ زئنزيبار جي بيهڪ حصو ٽيون زنجبار جهنگٻارآفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ الطاف شيخ

زنجبار جهنگٻار

آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ

 

حصو ٽيون       

ممباسا، نئروبي، دارالسلام ۽ زئنزيبار جي بيهڪ

الطاف شيخ

ٽانگانيڪا ملڪ (جيڪو هاڻ تنزانيا سڏجي ٿو)، دارالسلام، ممباسا (جيڪو ڪينيا جو بندرگاهه آهي) ۽ زئنزبيار جي پوزيشن ڇا آهي؟ ٽانگانيڪا ۽ ڪينيا ملڪ هڪ ٻئي سان ائين مليل ۽ هڪ ٻئي جي ڀرسان ائين آهن، جيئن اسانجو ملڪ پاڪستان ۽ ايران آهي. اسان جو ملڪ ۽ ايران ايشيا کنڊ ۾ آهن ۽ هوڏانهن تنزانيا ۽ ڪينيا وغيره آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي آهن، جن کي پڻ هندي وڏي سمنڊ جو پاڻي ڇهي ٿو. ڪينيا جي گاديءَ جو شهر “نئروبي” آهي پر ڏٺو وڃي ته آڳاٽو شهر ممباسا آهي جيڪو بندرگاهه پڻ آهي. نئروبي ته ائين ڪالهه جو شهر آهي، جيئن ملائيشيا جو ڪوالالمپور آهي يا کڻي سمجهو ته اسانجو اسلام آباد آهي. سوا سئو سال اڳ نئروبي شهر جو نالو نشان به نه هو. 1899ع ۾ نئروبي وجود ۾ اچڻ لڳو سو به اتفاقي طور! انگريز جي ريل گاڏيءَ جو شوق نه رکن ها ته نئروبي شهر اڄ ڏينهن تائين نه ٺهي ها. انگريزن جي هڪ ڳالهه آهي ته هنن جو جنهن ملڪ تي قبضو ٿيو ٿي اتي روڊ رستا ۽ ريل جا پٽا وڇايا ٿي، جيئن انهن ملڪن جي اندروني حصي جو سامان سمنڊ جي ڪناري واري شهر (بندرگاهه) تائين پهچائي سگهجي، جتان پاڻي جي جهازن ذريعي سندن ملڪ انگلينڊ ڏي وڃي سگهي. هنن سنڌ ۾ به اچڻ سان اتي تعليمي ادارن، اسپتالن سان گڏ ريل ۽ پڪا رستا به ٺهرايا ۽ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين گاڏي شروع ڪئي. اهو ئي ڪم هنن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪيو.

يوگنڊا ملڪ سمنڊ جي ڪناري تي ناهي سو يوگنڊا جي اندرين حصي کي ڪينيا سان ڳنڍڻ لاءِ هنن ڪمپالا (يوگنڊا جي وڏي شهر) کان ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا تائين ريل جا پٽا وڇائڻ شروع ڪيا. ان ڪم لاءِ هنن مزور ته مڪاني شيدي استعمال ڪيا ٿي، پر مستري ۽ ڪاريگر ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) مان سک، گورکا، پنجابي ۽ پٺاڻ وٺي آيا، جيئن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ريل جي ڪم لاءِ ڏکڻ هندستان جا تامل ۽ بنگالي آندا هئائون. هي ڪم ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا کان شروع ڪيائون ۽ ٻئي پاسي يوگنڊا جي ڪمپالا شهر وٽان. حيدرآباد کان ڪراچي سپر هاءِ وي ٺهيو هو ته اٽلي وارن به ٻنهي طرفن کان ڪم شروع ڪيو هو. وچ تي يعني نوري آباد وٽ هنن پنهنجا گودام ٺاهيا، جتي مشينيون ۽ ٻيو سامان رکيو. ان بعد نوري آباد مشهور ٿي ويو. اهڙي طرح انگريزن “نئروبي نديءَ” جي ڪناري تي جتي اڄ وارو شهر نئروبي آهي، اتي ريلوي جي سامان لاءِ گودام ۽ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ رهائش گاهه ٺاهيا. اهو ڪم سال 1899ع ۾ شروع ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي نئون آباد ڪيل ڳوٺ نئروبي وڌي وڌي وڏو شهر ٿي ويو ۽ بعد ۾ ممباسا کان به وڏو ۽ اهم ٿي ويو ۽ ڪينيا جي گاديءَ جو شهر ٿيو. هوڏانهن ڀرواري سامونڊي ڪناري واري ملڪ ٽانگانيڪا جي گاديءَ جو شهر دارالسلام هو جيڪو نه رڳو وڏو شهر هو، پر بندرگاهه به هو. ٽانگانيڪا جي سامهون سمنڊ ۾ ٻيٽن جي صورت ۾ “زئنزيبار” ملڪ آهي جيڪو هڪ الڳ ٿلڳ ملڪ هو جنهن جون پوسٽ جون ٽڪليون به الڳ هيون، پر دبئي ۽ برونائي وانگر هي ملڪ انگريزن جي سنڀال (Protectorate) هيٺ هو. اها سنڀال 1890ع کان جاري هئي، جيڪا 1963ع ۾ انگريزن ختم ڪئي ۽ برونائيءَ وانگر زئنزيبار کي به ان ملڪ جي سلطان حوالي ڪيو، پر ڪي ٻه چار مهينا به مس گذريا ته زئنزيبار جي عوام پنهنجي سلطان جمشيد بن عبدالله خلاف انقلاب آندو. سلطان پنهنجن ٻارن سان گڏ پنهنجي اصل وطن عمان ڀڄي ويو، پر هن کي اتي به هميشه لاءِ رهڻ نه ڏنو ويو ان ڪري زندگيءَ جا باقي ڏينهن هن انگلينڊ جي شهر پورٽس مائوٿ ۾ گذاريا.

زئنزيبار جي سلطان جي خلاف هن انقلاب ۾ اٽڪل ويهه هزار ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي عرب ۽ انڊين رفيوجي جيڪي زئنزيبار ۾ رهيل هئا، زئنزيبار ڇڏي ڀڄي ويا. ملڪ کي هلائڻ لاءِ هڪ سياسي پارٽيءَ سوشلسٽ حڪومت ٺاهي ۽ 1964ع ۾ ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار جي حڪومتن گڏجي هڪ نئون ملڪ ٺاهيو، جنهن جو نالو رکيائون “تنزانيا” پر اهو آهي ته زئنزيبار کي ڪافي خود مختياري ڏني وئي جيئن ملائيشيا ۾ صباح ۽ سراواڪ رياستن کي ڏني وئي. ايتري قدر جو صباح ۽ سراواڪ جا ماڻهو ڪوالالمپور پاسي يعني ويسٽ ملائيشيا اچي سگهن ٿا ۽ جائيداد به خريد ڪري سگهن ٿا، پر ملايا جا بنا موڪل جي صباح سرواڪ وڃي نٿا سگهن. اهڙي طرح ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار جيتوڻيڪ گڏجي هڪ ملڪ تنزانيا ٿي ويو آهي، پر ٽانگانيڪا وارا زئنزيبار ۾ بنا موڪل جي نه اچي سگهن ٿا ۽ نه جائيداد خريد ڪري سگهن ٿا. دارالسلام کان زئنزيبار 80 کن ڪلو ميٽر آهي ۽ فيري ٻه کان ٽي ڪلاڪ وٺي ٿي. يعني فيريءَ تي مدار آهي ته ڪهڙي رفتار جي آهي ۽ سمنڊ تي پڻ، جو ڇوليون ڪڏهن سامهون جون آهن ته ڪڏهن پٺيان جون. فيريءَ مطابق ان جي ٽڪيٽ 35 کان 50  آمريڪن ڊالر آهي. ممباسا کان زئنزيبار اچڻ لاءِ مون کي پهرين ممباسا کان دارالسلام بس ذريعي اچڻو پيو، جيڪو 500 ڪلو ميٽر فاصلو ٿيندو. بس بارڊر واري شهر نمانگا ۾ بيهڻ کان علاوه ڪينيا توڙي تنزانيا جي ٻن ٽن شهرن ۾ ترسي ٿي جيئن  مسافر ساهي پٽي سگهن. اسان جي ماڻهن کي هن پاسي سفر ڪندي حيرت ضرور ٿيندي ته آفريڪا جا شهر ٿي ڪري ڇا ته اسان کان وڌيڪ ماڊرن آهن ۽ اهو ئي بهتر حال هتي جي بسن، روڊن ۽ پيٽرول پمپن ۽ اسٽاپن جو آهي، جتي بهترين ريسٽورينٽن ۽ کاڌي پيتي جي شين کان علاوه مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ Toilets آهن ۽ بيحد صاف سٿري حالت ۾ آهن. اهائي حيرت مون کي انڊيا جي شهرن ۾ سفر ڪندي ٿي جتي جي بس اسٽاپن تي ديسي توڙي ولائتي فاسٽ فوڊ ريسٽورينٽون ۽ مسافرن جي آرام لاءِ ٻيون سهولتون ۽ صفائي سٿرائيءَ واريون حالتون مهيا ٿيل آهن. پوني، کنڊالا/ لوناوالا جهڙا  بس اسٽاپ ته يورپ جي سئٽزرلئنڊ جهڙن ملڪن جو ڏيک ڏين ٿا.

ڪينيا ۽ تنزانيا جيتوڻيڪ آفريڪي ملڪ آهن جن لاءِ ٻاهر جي دنيا کي اهو ئي خيال هجي ته اتي جا ماڻهو ڄٽ ۽ حڪومتون ڪرپٽ هونديون. پاڙي جا ملڪ هجڻ ڪري هنن جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر آئون ڏسان پيو ته ڌارين ملڪن جي سياحن (Tourists) کي پنهنجن ملڪن ۾ اچڻ ۽ سک جي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن هڪ ٿي اهڙا ته قاعدا قانون ٺاهيا آهن، جو اسان ڌارين کي سهولت رهي، جيئن هو هنن جي ملڪ ۾ ايندا رهن، خوب پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪندا رهن جن مان انهن ٻنهي ملڪن جي حڪومت ۽ عوام خوب ناڻو ڪمائي ٿي.

هي ائين آهي جيئن ملائيشيا ۽ سنگاپور يا ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ! هونئن ڀلي سندن هڪ ٻئي سان کِٽ پٽ لڳي پئي هجي، پر ٽوئرسٽن کي ان جو ڪو سيڪ نٿو رسي. بارڊر ٽپڻ ۾ منٽن جا فيصلا ٿيو وڃن. سٺا رستا، سٺيون بسيون ۽ ڪارون، ويزا ڏيڻ وارا آفيسر مددگار ۽ ڪمپيوٽر جي ڪم ۾ ايڪسپرٽ، ڪينيا کان يوگنڊا وڃ يا تنزانيا کان برونڊي، ڪا تڪليف ۽ ٽينشن ناهي. ماڻهو پنهنجين ڪارن ۾ پيا بارڊر ٽپن. هڪ اسانجو ملڪ آهي جنهن ۾ اهي ڳالهيون اڃان ناممڪن آهن. چاهي انڊيا وڃ يا ايران- ايران وڃڻ ۾ کڻي ٻي تڪليف ناهي پر ڪوئيٽا کان بارڊر تائين ڇا چيلهه چٻي ڪرڻ وارو رستو آهي ۽ هوڏانهن امرتسر ويندي اسانجي بارڊر تي اسان جا سرڪاري ڪامورا اسان کان ئي رشوت وٺڻ جي چڪر ۾ ڇا ته ذهني طرح پريشان ڪن ٿا!

ڪينيا تنزانيا وارو بارڊر مختلف هنڌن تان ڪراس ڪري سگهجي ٿو جيئن ته نامانگا (Namanaga) ۽ هوليلي (Holili) وٽان. نامانگا شهر جيڪو نئروبيءَ کان 180 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي ٻنهي ملڪن ۾ اچي ٿو. تنزانيا جي شهر اروشا (Arusha) ۽ نامانگا جي وچ ۾ 110 ڪلو ميٽرن جو فاصلو آهي. نامانگا شهر جي ٽوئرزم مان وڏي ڪمائي آهي. شهر جي ٻنهي پاسي، يعني ڪينيا ۽ تنزانيا پاسي جبل ئي جبل آهن. هتي جو مشهور جبل ڪِليمانجارو به پري کان نظر اچي ٿو. اهڙي طرح هوليلي (Holili) به بارڊر تي بين الاقوامي شهر آهي، جيڪو موشي شهر کان 40 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. هتي به ايندڙ ويندڙ سياحن جي يڪدم اميگريشن ۽ ڪسٽمس ٿيو وڃي ۽ هو هڪ کان ٻئي ملڪ پهچيو وڃن. ان ڪري هن شهر کي به “ون اسٽاپ بارڊر پوسٽ” سڏين ٿا. اهڙي طرح بارڊر جي ڪينيا پاسي تاويٽا (Taveta) ۽ ووئي (Voi) شهر ۽ تنزانيا پاسي اروشا، موشي (Moshi)، هوليلي مشهور آهن، جتي دنيا جا- خاص ڪري يورپي ٽوئرسٽ ترسن ٿا.

ڪينيا جو ممباسا اهم بندرگاهه آهي ۽ تنزانيا جو دارالسلام کان علاوه توارا (Mtwara) ۽ ٽانگا (Tanga) به مشهور بندرگاهه آهن. بارڊر واري شهر نامانگا کان تنزانيا جي بندرگاهه دارالسلام تائين 700 ڪلو ميٽر فاصلو آهي۽ بس ۾ ويهه ڪلاڪ کن لڳيو وڃن. بسون تمام ماڊرن، نيون ۽ آرمده آهن ۽ 60 کان 70 ڊالر يعني نو هزار رپيا ڀاڙو اٿن. رستي تي موشي ۽ اروشا جهڙن شهرن ۾ به بس ترسي ٿي ۽ اهي شهر اهڙا آهن، جتي ڏينهن اڌ گذاري هن پاسي جي دنيا جو واءُ سُواءُ لهي سگهجي ٿو، پر توهان جيڪڏهن دارالسلام وڃي رهيا آهيون ته اهو هڪڙو شهر ئي “لکان جو مَٽُ” آهي. دارالسلام آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي مڙني شهرن ۾ وڏي ۾ وڏو ٽاپ جو شهر آهي. هونئن سڄي آفريڪا کنڊ ۾ ستين نمبر تي وڏو شهر آهي. آفريڪا کنڊ ۾ نائيجيريا جو لاگوس سڀ کان وڏو شهر آهي. ان بعد مصر جو قاهره، الجيريا جو الجيريس، مراڪش جو ڪسب لنڪا، ڪانگو جو ڪن شاسا، سائوٿ آفريڪا جو جهانسبرگ- ان بعد ستين نمبر تي دارالسلام آهي. آئوري ڪوسٽ جو عابد جان، سوڊان جو خارطوم ۽ مصر جو السڪندريا ان بعد اچن ٿا.

زئنزيبار ٻيٽ دارالسلام بندرگاهه جي بلڪل سامهون آهي. دارالسلام جي Sokoine ڊرائيو (روڊ) تان اعظم مئرين ڪمپنيءَ جي فيري بڪنگ آفيس مان فيريءَ جي ٽڪيٽ خريد ڪري سگهجي ٿي. فيري زئنزيبار ٻيٽ جي اسٽون ٽائون ۾ اچي ڇڏي ٿي، جتي نريري (Nyerere Road) ۽ مالاوي روڊ ملن ٿا. ڀر ۾ ڪينياٽا روڊ آهي.. …(هلندڙ)…

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments