منڇر ناول هڪ مختصر جائزو عطيه دائود
منظور ٿهيم جو لکيل هي موضوعاتي ناول حقيقي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ منڇر ڍنڍ جي باري ۾ آهي. اصل ماڳن، مقامن ۽ تهذيب بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا تجربا ٿي چڪا آهن. مثال طور: علي بابا جو ناول “موهن جو دڙو” ۽ اشتياق انصاري جو ناول “اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ” سنڌ جي تاريخ تي ٻڌل سراج جا مختلف دورن تي لکيل ناول ۽ ٻيا به گهڻا مثال آهن. هونئن ته ناول فڪشن جو حصو آهي، ليکڪ پنهنجي تخيل جي دنيا جوڙي سگهي ٿو، پر کيس اها آزادي ناهي جيڪا پرين، جنن ۽ بادشاهن جي باري ۾ بيان ڪيل آکاڻين قصن ۾ هوندي آهي. فنڪارن ۽ تخليقڪارن کي سکيا ڏيندي اهو سمجهايو ويندو آهي ته ڪڏهن به پنهنجي ٻڌندڙن، ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن کي گهٽ نه سمجهو. موضوع نهايت اهم ۽ وقتائتو آهي. هن وقت ماحوليات بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ جي مهم هلندڙ آهي ۽ اهڙي ڄاڻ پکيڙڻ ۾ هر باشعور ذهن پنهنجي ذميواري محسوس ڪري ٿو. منظور ٿهيم انهيءَ موضوع تي ريسرچ ڪئي آهي اهو ته ان لکڻيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو، اهو فن سندس لکڻي ۾ ڇُلڪي ٿو. منظر نگاري، خوبصورت شاعراڻي انداز ۾ بيان ڪئي اٿس. هتي ڪي به چوٽيءَ وارا پهاڙ ناهن پر پاڻيءَ جي لهرن جهڙا پهاڙ آهن. قطار در قطار جن مان اٺن جي قافلن جهڙا ننڍا “جيڪي پري کان ڪنھن لڪير جھڙا نظر اچن ٿا.”
ھڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو ته:
“لونگي ۽ اڪڙي جا نيرا ۽ سفيد گل به، جن ۾ يقين ۽ انتظار جا پوشيدہ پل سمايل آھن. جن جي خوشبو سان کيرٿر جھومي ٿو.”
ڀڳي ٺوڙھي جبل مان گذرندي ريل ڪاغذ تي لڪير جيان لڳي ٿي.
صفحو 71 تي ٻيڙين جو جلوس.. سڙہه سنڀالي ھلو.. خوبصورت منظر ڪشي آھي.
انھي کانسواءِ سندس ڏنل معلومات جيڪا جبلن ۽ پکين بابت آھي اھا نھايت مفيد آھي. خاص طرح سان منڇر تي پکين بابت تفصيل ڏنل آھن.
ڪردار نگاري:
ڪردار نگاري جو پاسي تي ڪجھ جھول نظر اچن ٿا. ڪردارن کي تخليق ته ڪيو ويو آھي، پر انھن کان گھڻو ڪم نه ورتو ويو آھي جڏھن ته ناول جا مکيه ڪردار ماڻڪ ۽ سومار جو ڪردار جاندار ناھي.
منڇر 1933:
صفحو نمبر 28 کان صفحي نمبر 50 تائين ناول جا ڪردار گم ٿي وڃن ٿا. ليکڪ فقط معلومات ڏئي ٿو… منڇر 1933 ۾ 53 صفحي تي ھڪ نئون ڪردار مھاڻو آھي باقي منظر نگاري آھي.. ڪھاڻي جو ھن باب ۾ تسلسل ناھي.
بوبڪ شھر 1940:
صفحو نمبر 56 کان وري ڪھاڻي جا نوان ڪردار اچن ٿا، جن ۾ لعل ۽ ٻيا آھن. ڪجھه پراڻا ڪردار واپس ظاھر ٿين ٿا. ماڻڪ ان جو پٽ سومار، ساجن ڪھاڻي ۾ وري داخل ٿين ٿا.
ڪھاڻي اتي بھتر ٿئي ٿي جڏھن ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام جي خلاف ماڻڪ، سومار ۽ ساجن سرگرم ٿين ٿا، پر ڪھاڻي بياني آھي. ان ڪري مضمون جھڙو تاثر ڇڏي ٿي.
صفحي نمبر 86 کان 101 تائين سوڍي ۽ ساجن جي ھڪڙي ننڍڙي پيار ڪھاڻي آھي جيڪا بھتر طور ڏنل آھي ۽ ان ۾ ڪجھه ڊائلاگ به ڳالھائڻ واري ٻولي ۾ آھن ورنه ليکڪ لکڻ واري ڪتابي ٻولي استعمال ڪندو رھيو آھي.
“اڄ تون اڪيلي آھين، پڻھين ڪٿي آھي؟”
ساجن انگريزن سان ۽ سرڪار سان مزاحمتي انداز اختيار ڪري ٿو ھن کي ماري ٿا ڇڏين. اھا ناول جي وچ ۾ ھڪ الڳ ڪھاڻي لڳي ٿي.
سکيرو جو ڪردار، ھي سومار جو پٽ آھي، 112 صفحي تي اچي ٿو. سکيرو به پيءُ جي جواني وانگر منڇر کان الڳ رھي شھر وڃڻ ٿو چاھي سومار ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
صفحي نمبر 127 کان 130 تائين ٻن ڪردارن سکيرو ۽ صدوري بابت تفصيل ڏني وئي آھي، جيڪا ناول ۾ عجيب ٿي لڳي. ڪردار جي سمجھاڻي ڏيڻ کان بھتر ھو ته ڪردار نگاري کي اڀارجي ھا ته ڪردار پنھنجو تعارف پاڻ بڻجي وڃن ھا.
صفحي نمبر 131 کان منڇر ۾ ماحولياتي گدلاڻ جو ذڪر آھي جيڪا گدلاڻ ھٿرادو پيدا ڪئي وئي آھي. اھڙي پاڻي پيئڻ ۽ ان ھوا ۾ ساھه کڻڻ سبب سکيرو ۽ صدوري جو پٽ ڪاري ڪامڻ سبب سيوھڻ جي اسپتال ۾ مري ٿو وڃي. سکيرو به مزاحمتي ڪردار بڻجي ٿو، پر حالتن کان مجبور ٿي منڇر مان ھليو ٿو وڃي.
بيمارين سبب ميرڻ مھاڻو منڇر ڇڏي ڪراچي ابراھيم حيدري اچي ٿو.
ڪردار پاڻ کي ايڪسپلور نٿا ڪن پنھنجي ڳولا نٿا ڪن. سڀ ڪجھه انھن کي پليٽ ۾ ملي ٿو. جڏھن شروعات ۾ ماڻڪ ۽ سومار جي وچ ۾ ھڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ھئي ته اھا اميد ھئي ته سومار ھن ماحول کان نڪري پنھنجي سر ڪجھه ٻيو ڪجھه نئون دريافت ڪندو ھن وٽ اھڙو خوب ماحول ھو ۽ ليکڪ وٽ اھڙي معلومات پڻ ھئي، پر ليکڪ ڪردار مان ڪم وٺڻ بدران پاڻ ئي اھا معلومات بياني انداز ۾ پيش ڪري ٿو. بوبڪ، جوھي،کيرٿر جبل انھن منظرن کي سومار ايڪسپلور ڪري ھا ته بھتر لڳي ھا.
ڊائلاگ:
ڪھاڻي جا ڊائلاگ ڪتابي ۽ پڙھڻ واري ٻولي ۾ آھن ۽ اھي وڏا به آھن. ان کانسوءِ جنھن ماحول ۽ منظر جي ھيءَ ڪھاڻي آھي ان ۾ مھاڻن جي ٻوليءَ جو عڪس نٿو ملي. جڏھن ته سنڌ جي ھر علائقي جو پنھنجو لھجو ۽ انداز آھي، مھاڻن جو لھجو انداز لفظ گھڻا مختلف ھجن ٿا جيڪي ھي ڪردار نٿا ڳالھائين.
ماڻڪ پنھنجي پٽ سومار کي چئي ٿو:
* “شھر ۾ تنھنجي حيثيت ھڪ پائي برابر به ناھي. ھڪ مھاڻي جي بلڪل مختلف دنيا آھي. تون پنھنجي وسوسن کي قابو ۾ رکندين ته توکي منڇر جو قدر ٿيندو. اسان کي پنھنجي عمر جي حيثيت سان ان وقت تائين صبر ڪرڻو پوندو، تنھن کانپوءِ ئي تون منڇر کي سمجھي سگھندين.”
* “مان ڄاڻان ٿو، مون کي سڄي حال جي خبر آھي. سومار مون کي سڀ ڪجھه ٻڌايو آھي ته ڪالھه تنھنجي ۽ ھن جي وچ ۾ ڇا ٿي گذريو. ھو منھنجو دوست آھي، مون کي ان جو بيحد ڏک ٿيو آھي.”
* تنھنجي ماءُ بيمار آھي، سڄو ڏينھن بخار ھئس ۽ دانھون ڪندي رھي، پر شام جو چنڊ ڏانھن نھاريندي ڄڻ ته سندس روح ۾ ھڪ قسم جي خوشي پيدا ٿي ويس، چوڻ لڳي ته برڪتن واري پير ڏانھن مان به ھلنديس.
ان منظر ۾ جڏھن ماءُ پٽ اوچتو ملن ٿا ته ماءُ به ايڏو ڊگھو ڊائلاگ ٿي ڳالھائي:
* “مون کي ڪو بخار ڪونھي، منھنجي وھمي حالت ٿي وئي آھي. تون عقل جون ڳالھيون ڇو نٿو ڪرين. چڱو ائين آھي ته تون مون کي ٻڌائي تنھنجي ھتي دل ڇو نٿي لڳي. تنھنجي ۽ تنھنجي پيءُ جي وچ ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو ان تي پورو راڄ کلي ٿو. يقين ڪر ته مان ايئن نه مرنديس، پر جي تو منڇر ڇڏي ته مري وينديس، منھنجا ھي آخري لفظ اٿئي، ڇاڪاڻ ته تو ۾ منھنجو ساھه آھي. تون شھر وڃي جوکم کڻندين، ڏوھاري ٿيندين. مون ان لاءِ پير جو پلئه پڪڙيو ھو ھاڻي مان ٻي ڪنھن ڳالھه تي نه ڳالھائينديس. تون ان ڳالھه کي وساري ڇڏ يا ھو سامھون پير ڏسين ٿو. مان ان جو وري پلئه پڪڙيندس ته جيڪو تو ڏنو واپس وٺ.”
ڊائلاگ مھاڻن جي حوالي کان عام فھم نٿا لڳن.
ٻولي جي حوالي کان ڪٿي ڪٿي ته تشبيھن جي ذريعي ليکڪ نھايت خوبصورت ٻولي لکي آھي، پر ڪٿي ان ۾ مونجھارو نظر اچي ٿو.
“خدا ڄاڻي استاد پرشوتم ھندو مسلم جي نعرن کان ان قدر خوفزده ٿي ويو جو ھن پاڻ کي گھر ۾ بند ڪري ڇڏيو.”
ان قدر اردو ۾ چوندا آھن ته اس قدر، پر سنڌي ۾ چوندا آھن ته ايترو، ايڏو، ايتري حد تائين. ان قدر لفظ ناول جي ٻين ڪيترن ئي جڳھين تي پڻ نظر آيو ھو.
تاريخي سچائي:
ڌمڻ پير جي ميلي تي مائي بيگم روھڙي واري جو احوال سٺو لڳو، پر ٻيو حوال جين مندر بابت آھي، ليکڪ بيان ڪري ٿو ته هي 1930 ۾ جوھي شھر، جوھي جين ڌرم جي ماڻھن جي درسگاہه آھي شھر جي وچ ئي وچ ۾ جين ڌرم جو مندر آھي. جنھن جي درشن لاءِ ڏور ڪاشي، مٿرا کان تيرٿ ياتري قيمتي سوال کڻي اچن ٿا.
شام ٿيندي ئي مندر جا گھنڊ وڄڻ شروع ٿين ٿا. لوبان ۽ چندن جي خوشبو سان جين مندر مھڪي پوي ٿو. مندر جي چوکٽ کان ھزارين پوڄاري ان احساس مان مندر جو گھنڊ وڄائين ٿا.
ياد رھي ته ھندو، ٻڌمت ۽ جين مذھب ھڪٻئي کان مختلف آهن جين مذهب جا مندر ٿر ۾ برابر موجود آهن، پر جوهي ۾ اهڙو مندر ناهي اتي شو جو مندر آهي، پر جي اتي جين مذهب جو مندر هجي به کڻي ته هيءَ ڪهاڻي گهڻين صدين تي ٻڌل ناهي، 1930ع کان ذڪر آهي جڏهن ته جين مذهب جو زور 1375ع کان 1449ع ۾ ڪارونجهر واري پاسي هو. جين مذهب اٺين صديءَ کان آهي سو اهو ممڪن ناهي ته ويهين صديءَ ۾ ان مندر ۾ راجسٿان ۽ ٻين جاين کان هزارين ماڻهو ايندا هجن.
عورت ڪردار:
هي ڳڻپ ۾ ڪي 200 مهاڻا آهن جن ۾ اهي عورتون به آهن جن پنهنجي پوري حياتي مڇي مارڻ ۽ ٻيڙي هڪلڻ وارو ڪم ڪيو آهي، هنن کي اڄ وارو ڪو تجربو ڪونهي ته حق حاصل ڪرڻ جي ويڙهه ڪيئن هوندي آهي. هي ته پنهنجي گهوٽن سان گڏ بيٺيون آهن، هي سمجهن ٿيون ته ان سان هنن کي طاقت ملندي ڪجهه ته معصوم ٻارن کي به جهولي ۾ کڻي آيون آهن، ٺيڪيدار جي منڇر کي باهه لڳل آهي ته هي ڪيئن ٿيون خاموش رهي سگهن.
اهڙي ويڙهه جو، جيڪڏهن عورتن کي تجربو ناهي ته مردن کي به ڪونهي اهي وري ڪهڙا سياسي ليڊر يا سکيا ورتل سياسي ڪارڪن آهن. مهاڻيون عورتون ته اهڙن ڪمن، جهيڙن جهٽن ۾ اڳ ڀريون هونديون آهن. ليکڪ اهڙيون سٽون به لکي ٿو ته وري عورتن جي ڪردار حاجران جي واتان هڪ ٻي مهاڻي عورت حوران جيڪا صديق جي هٿان حراسمينٽ جو شڪار ٿي ان جو احول کلي طرح ٻڌائي ٿي جيڪو صحيح لڳي ٿو ته عورتون اهڙا مسئلا ضرور اجاڳر ڪن ٿيون.
مهاڻن جي نفسيات:
ميرڻ ڪردار ابراهيم حيدري پهچي ٿو، پر ان ماحول کي پسند نٿو ڪري حقارت سان ڏسي ٿو. ماحوليات جي گدلاڻ پنهنجي جاءِ تي، پر درياهه ۽ ڍنڍن جا مهاڻا سمنڊ جي ماهيگيري ۽ سمنڊ جي خزاني کان واقف هوندا آهن. اتي پهچڻ سندن لاءِ حسرت هوندي آهي. هڪ مهاڻي کي اها خبر هئڻ گهرجي ته هڪڙي ٻيٽ تان يا ڪناري تان بيهي هو سمنڊ جو مشاهدو نٿو ڪري سگهي، ان جي گدلاڻ کي ڏسڻ بدران هو سمنڊ جي لڪيل خزاني ۽ ان ڏانهن ڏورانهون سفر ڪرڻ بابت سوچيندو جتي اها گدلاڻ نه هوندي. هونئن به ماحول ۾ گدلاڻ جي رفتار ڪيترن سالن کان مسلسل رهي آهي اوچتو ظاهر نه ٿي آهي جو ڪردار هڪدم سان مايوسيءَ ۾ هليو ويو آهي. فقط سمنڊ ئي نه ماحولياتي گدلاڻ سڀني شهرن ۾ به آهي. درياهه، ڍنڍون، واهه، کڏون سڀ پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۽ گند سان ڀريل آهن، ان زندگيءَ سان واسطو نه رکندڙ ڪنهن عام ماڻهو کي شايد اتي ڪشش نظر نه اچي، پر هڪ مهاڻي ڪردار جو سمنڊ تي ٿيل مشاهدو ۽ ان جا احساس سمجهه ۾ نٿا اچن. حقيقت اها آهي ته سامونڊي ملاح خود احساس برتري ۾ هوندا آهن ۽ اهي درياهه ۽ ڍنڍن جي مهاڻن کي پاڻ کان گهٽ سمجهندا آهن، ٻيا مهاڻا ته انهن تي رشڪ ڪندا آهن. سامونڊي ماهيگيري مشڪل ڪم آهي اها جهڙي تهڙي جو ڪم ناهي. ميرڻ کي ان بابت مشڪل پيش اچي ها، پنهنجي گهٽتائي جو احساس ٿئي ها ته اها سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه هئي، پر ان کي سامونڊي افاديت جي خبر نه هوندي، ويساهه جوڳي ڳالهه نٿي لڳي.
پان، گٽڪو يا اهڙا نشا ڪرڻ اهڙي گندگي پکيڙڻ پڻ اهڙين اڻانگين راهن ۾ سفر ڪندي يا اتي زندگي گهاريندڙ ماڻهو ڪن ٿا جنهن کي نا پسنديدگي سان ڏسي سگهجي ٿو، پر انهيءَ لاءِ کين ڏوهه ڏيڻ بدران پڻ سندن زندگيءَ جي وهنوار ۾ انهن جي ذهني ڪيفيت ۽ نفسياتي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. روڊن تي هيوي ٽريفڪ هلائيندڙ ڏينهن رات مسلسل ڊرائيونگ ڪندڙ نسوار جو ۽ ٻين نشن جو استعمال ڪن ٿا. پاڻيءَ جي دنيا ۾ مسلسل رهڻ ۽ ڊگها سفر ڪندڙ ملاح به ڪڏهن ڪيئن ۽ ڇو گٽڪي، ڪچي شراب ۽ تماڪ واري پان ۽ سوپارين کائڻ جا عادي بڻجي ويا..؟ ان تي تحقيق ضرور ٿيڻ کپي، پر انهن جي تذليل نه ٿيڻ گهرجي. ڌارين جي يلغار ضرور انهن وسيلن تي قابض ٿي آهي، پر اڄ به سنڌي مهاڻا وڏي تعداد ۾ اتي ڪم ڪن ٿا. سندن ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن ۽ انهن جو ڪلچر ۽ ٻولي قائم آهي. هو سمنڊ تي پنهنجو پورو حق سمجهن ٿا، شاهه ڀٽائيءَ جا ٽي سُر سمنڊ جي زندگيءَ بابت آهن ۽ انهن سُرن سان تعلق رکندڙ زنده ڪردار اڃان به سامونڊي زندگيءَ سان سلهاڙيل آهن. هنن سمنڊ جي ماحولياتي آلودگي ۽ ان تي قبضن متعلق ڪڏهن به همت نه هاري آهي. هنن جو جيئڻ مرڻ سمنڊ سان آهي. بهتر اهو هجي ها ته منڇر سان گڏ سامونڊي ملاحن ۽ سمنڊ جي زندگي جو مثبت رخ ڏيکارجي ها پوءِ کڻي ڪجهه سٽن ۾ يا لفطن ۾ هجي ها، پر ان جو مثبت اثر پوي ها، ان ۾ ڪا وڌاءُ واري ڳالهه ناهي ته سمنڊ اڄ به هزارين ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري ٿو.
منظور ٿهيم هڪ اهم موضوع کي ادب جو حصو بڻائي زنده ادب جي روايت کي سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ حصو ورتو آهي، اميد آهي ته اهو سلسلو ۽ روايت ان کانپوءِ ايندڙ اديب به جاري رکندا.
***