خاص

 منڇر ڍنڍ ۾ لڳايل ڪٽ به ڪم نه آيا، ڍنڍ جو پاڻي درياهه ۾ وڃڻ بدران الٽو وهڻ لڳو

پاڪستان جي سڀ کان وڏي منڇر ڍنڍ ۾ لڳايل ڪٽ به ڪم نه آيا، سنڌو درياهه جي سطح  وڌڻ سان ڍنڍ جو پاڻي درياهه ۾ وڃڻ بدران الٽو وهڻ لڳو. ڍنڍ جي پاڻي جي دٻاءَ سبب ٽلٽي جي ويجهو انڊس  لنڪ سم نالي ۾ گهارو لڳو، جنهن سان ڀان سعيد آباد شهر لاءِ خطرو وڌي ويو  آهي، جنهن سبب شهرين جي لڏپلاڻ جاري آهي. منڇر ڍنڍ مان نڪرندڙ طاقتور ريلن سبب تباهي مچي وئي آهي، انهن ريلن سان  سيوهڻ جي 7 يونين ڪائونسلن جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جا ڏيڍ لک کان وڌيڪ رهواسي متاثر آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون ريسڪيو ڪارروايون جاري آهن. قمبر شهدادڪوٽ کان منڇر ڍنڍ تائين ڏيڍ سئو ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقن ۾ پاڻي ئي پاڻي آهي. هوڏانهن خيرپور ناٿن شاهه شهر ، وارهه، سجاول ۽ دادو تعلقن ميهڙ ۽ جوهي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ٻئي طرف هزارين متاثر امداد جا منتظر آهن، راشن، دوائن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ متاثرن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي