خاص

عوام جي حمايت سان سمورين ڏکائين باوجود ملڪ جو دفاع ڪندا رهنداسين: آرمي چيف

  1.  

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان جي آزادي ۽ امن شهيدن جي بي مثال قربانين جو نتيجو آهي، شهيدن جي بي مثال قربانين عيوض اسان جي جهنڊي جو ڳاٽ اوچو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو يوم دفاع ۽ يوم شهداءِ جو پيغام جاري ڪيو, جنهن ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته قوم پنهنجي هيروز کي سلام پيش ڪري ٿي. عوام جي حمايت سان سمورين ڏکائين باوجود ملڪ جو دفاع ڪندا رهنداسين، سائي جهنڊي جي سربلندي لاءِ اسان جي آزادي ۽ امن شهيدن جي امانت آهي