مها راڻي گياتري قسط-4
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-4
مها راڻي گياتري
الطاف شيخ
اسان به ڪجهه ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪجهه سامونڊي سفرن ۾ انڊيا جي نوابن/راجائن بابت نه فقط انگريزن جا لکيل ڪتاب چشڪي سان پڙهندا رهياسين، پر رکي رکي اخبارن ۾ ايندڙ انهن بابت ڌماڪي خيز خبرون به پڙهيون ٿي. سامونڊي نوڪريءَ دوران مون کي ڪن بندرگاهن يا جهازن جي لائبررين مان انڊيا جي راجائن جي زندگي بابت پڙهڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ ئي ڪتاب ملي ويا. انهن بابت تمام گهڻو پڙهڻ بعد ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هئس ته ڪجهه لکان، پر گهڻو تڻو Scandals جون ئي ڳالهيون هونديون هيون، پر هڪ ڳالهه آهي ته انهن عياشين جي باوجود ڪيترن نوابن ۽ راجائن عوام لاءِ به بهتري جا ڪم ڪيا ٿي… خاص ڪري تعليم ۽ صحت جي معاملي ۾. گياتري ديويءَ جي پنهنجي توڙي مڙس جي ۽ نانيءَ جي خاندانن جي نوابن جو ان معاملي ۾ جواب ناهي.
گياتريءَ جي ماءُ اندرا جو هڪ وڏي راجا گواليار جي حاڪم سان مڱڻو ختم ڪري ڪوچ بهار جي شهزاديِ راجا سان، جنهن جو رتبو ايڏو وڏو نه هو، شادي ڪرڻ تي اندرا جي خاندان (بڙودا جي راجائن) کي ڏاڍي شرمندگي ٿي. دراصل انگريزن انڊيا جي راجائن جي پنهنجو پاڻ ۾ ڇڪتاڻ پئدا ڪرڻ لاءِ هنن جي درجا بندي ڪئي هئي. اهي جيڪي انگريزن کي گهڻو مال ڏيندا هئا ۽ انهن جي مدد لاءِ پنهنجا سپاهي موڪليندا هئا اهي مٿانهين درجي جا سڏيا ويا ٿي جيئن گواليار جي مها راجا جو رتبو 21 بندوقن جي سلامي وارو هو. بهرحال گياتري جي ماءُ اندرا ۽ پيءُ جيتندرا جي شادي انڊيا بدران لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ ٿي جنهن ۾ اندرا جي خاندان جو ڪوبه ماڻهو نه آيو. ان وقت ڪو چ بهار جو مها راجا گياتري جو چاچو راجيندرا هو. هڪ اها به ڳالهه هئي جيڪا اندرا جي مائٽن کي نٿي وڻي ته هنن جي اڪيلي ۽ سڪيلڌي ڌيءَ گواليار جي مها راجا کي ڇڏي هڪ ننڍي رياست ڪوچ بهار جي شهزادي سان شادي ڪري رهي آهي، پر اتفاق اهڙو ٿيو جو اندرا جي شادي وارن ڏينهن ۾ اندرا جو ڏير مها راجا راجيندرا سخت بيمار ٿي پيو. گهڻي شراب پيئڻ هن کي ڳاري ڇڏيو هو. گهڻي بيمار هجڻ دوران به هو نشو ڪندو رهيو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد گذاري ويو. اهڙي طرح اندرا جي شاديءَ بعد سندس مڙس جيتندرا ڪوچ بهار جو مها راجا ۽ پاڻ مها راڻي ٿي وئي. ٻئي زال مڙس خوشحال زندگي گذاريندا رهيا ۽ هڪٻئي پويان کين ٻه پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ٿيون، پر جيئن ته ڪوچ بهار جي هنن راجائن ۾ گهڻي شراب پيئڻ جي پِٽ هئي سو جيتندرا به شادي کان ڏهن سالن بعد ننڍي عمر (38 سالن جي ڄمار) ۾ 1922 ۾ نشي وگهي گذاري ويو.
اندرا جو ان وقت وڏو پٽ به اٺ سالن جو مس هو سو حڪومت جون واڳون هن پاڻ سنڀاليون. هوءَ ڪافي همت سان رياست جو ڪاروبار هلائيندي رهي ۽ وچ وچ ۾ ڊگهو عرصو يورپ جي ملڪن ۾ رهي پئي ٿي. 1936 ۾ سندس وڏي پٽ رياست جون واڳون سنڀاليون ته پاڻ فل ٽائيم يورپ ۾ اچي رهي. اندرا ديويءَ جي زندگيءَ ۾ کيس ڪجهه صدما به رسيا. سندس هڪ پٽ باهه جي حادثي ۾ مري ويو ۽ وڏي ڌيءَ ”ايلا ديوي“ (بالي وڊ ائڪٽريس: رائما ۽ ريا جي ڏاڏي) شاديءَ بعد سگهوئي وفات ڪري وئي.
گلئمر ۽ رومنس جي “باربي ڊال” _ گياتري ديوي
راج ماتا گياتري ديوي 90 سالن جي ڄمار ۾ 29 جولاءِ 2009 تي جئپور ۾ گذاري وئي. هوءَ اها انڊين شهزادي هئي جنهن جي حسن جي هاڪ سڄي انگريز راڄ ۾ هئي. هوءَ گلئمر ۽ رومانس جي “باربي ڊال” هئي.
پڙهندرن جي ڄاڻ لاءِ هتي ٻن ٽن لفطن جي وضاحت ڪندو هلان جيئن پڙهندڙ ان مونجھاري ۾ نه پون ته گياتري ديوي ”شهزادي“ هئي يا ”مهاراڻي“ يا ”راج ماتا“. دراصل ڪنهن به رياست جي راجا جا پٽ شهزادا ۽ ڌيئرون شهزاديون سڏائين ٿيون. ڪنهن به شهزاديءَ جي شاديءَ بعد هن جو مڙس راجا ٿئي ٿو ته هن جي شهزادي زال راڻي يا مها راڻي ٿئي ٿي. مها راجا مڙس جي مرڻ بعد جيڪڏهن راڻي جيئري آهي ته تخت تي سندس پٽ وهي ٿو ته هونئن ان رياست جي ”راج ماتا“ سڏجي ٿي. گياتري به شادي کان اڳ شهزادي سڏي وئي ٿي. شادي بعد جيئن ئي سندس مڙس مها راجا ٿيو ته هوءَ مهاراڻي سڏي وئي. سندس مڙس ننڍي عمر ۾ مري ويو. وڏو پٽ اٺن نون سالن جو مس هو ۽ جيسين هو بالغ ٿي رياست جو حاڪم ٿئي گياتري ديوي Regent يعني حاڪم جي غير موجودگي ۾ راڄ هلائيندي رهي. پٽ جي راجا ٿيڻ تي هوءَ راج ماتا سڏائڻ لڳي.
گياتري ديوي 1919 ۾ لنڊن ۾ ڄائي. انڊيا جي مشهور شاعره امرتا پريتم به ان سال ڄائي هئي جيڪا گياتري ديويءَ کان 4 سال اڳ 2005ع ۾ گذاري وئي. گياتري ديويءَ اڳتي هلي سياست ۾ به حصو ورتو ۽ هن نه فقط سونهن ۾ پر سياست جي دنيا ۾ به نالو پيدا ڪيو. هن شروع جي تعليم لنڊن مان حاصل ڪئي. ان بعد رابندر ناٿ ٽئگور جي شانتي نڪيتان جي وسوا ڀارتي يونيورسٽيءَ مان ۽ بعد ۾ سئٽزرلئنڊ جي هڪ آڳاٽي ۽ مشهور يونيورسٽي Lausanne مان تعليم ورتي. هن يونيورسٽي بابت لکندو هلان ته اٽڪل 5 صديون اڳ سن 1537 ۾ هيءَ يونيورسٽي هڪ مذهبي اسڪول جي حيثيت ۾ سئٽزرلئنڊ جي شهر لوساني شهر ۾ کلي هئي. يونيورسٽي جو درجو هن کي 1890 ۾ مليو. اڄ هن ۾ 15000 شاگرد ۽ 3000 کن ريسرچر پڙهن ۽ کوجنائون ڪن ٿا. سئٽزرلئنڊ کان علاوه دنيا جي 120 ملڪن جا 1500 کن شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. منجهس آرٽس، بايولاجي، ايڪانامڪس، جيو سائنس ۽ ماحوليات (GSE)، قانون، ڪرمنل جسٽس ۽ پبلڪ ائڊمن (FDSC)، سوشل ۽ پوليٽيڪل سائنسز، ٿيولاجي ۽ ٻيون Faculties آهن. منهنجو مطلب آهي ته هيءَ ڪا ٺڙڪو قسم جي چئن ڪمرن تي ٺهيل يونيورسٽي ناهي جتان اسان جا ڪيترا سياستدان ۽ ٻيا پئسا ڏئي، ٺلهي داخلا وٺي بنا حاضريءَ جي ڊگريون حاصل ڪن ٿا. گياتري ديويءَ پاڻ يا سندس مائٽن کيس هن يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو هوندو ته صحيح معنيٰ ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ ۽ پاڻ پڪ وڏي محنت ڪئي هوندائين. سو اها ڳالهه ڪن ڪن نوابن، راجائن ۽ بادشاهن جي تعريف جوڳي آهي ته هنن پنهنجي اولاد کي سکيو رکڻ سان گڏ سخت تعليم به ڏياري ۽ اهو ئي نظر اچي ٿو ته ان قسم جا ٻار بعد ۾ جڏهن پنهنجي رياست، صوبي يا ملڪ جا حاڪم ٿيا ته هنن پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ به تعليمي ادارا کوليا جيئن ملائيشيا جو بادشاهه سلطان ازلان شاهه جيڪو هاڪي جي ٽورنامينٽن لڳائڻ کان اسان جي ملڪ ۾ مشهور آهي، پاڻ انگلينڊ جي ناٽگهام يونيورسٽي مان لا پڙهيو ۽ جج به ٿي رهيو ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي ملئي حاڪمن جا ٻار آهن جن کي هنن جي والدين ننڍي هوندي سختي ۾ رکي اعليٰ تعليم ڏني. ويندي پاڙي جي ملڪ ٿائلينڊ جي هاڻوڪي بادشاهه ڀوميبل عدولياديج، ان جي ڀاءُ آنندا ماهيدل ۽ ڀيڻ گلياني واڌانا اعليٰ تعليم حاص ڪئي. بلڪه انهن ٽنهي ڄڻن سئٽزرلئنڊ جي هن ساڳي يونيورسٽي لائوساني (Lausanne) مان تعليم حاصل ڪئي. ٿائلينڊ جو بادشاهه ڀوميبل جيڪو ”راما نائون“ به سڏجي ٿو 1946 ۾ تخت تي ويٺو ۽ بادشاهت هلائيندي هن کي 70 سال اچي ٿيا آهن. هي دنيا جو وڏي کان وڏو عرصو رهندڙ بادشاهه آهي. ڀوميبل پڪ گياتري ديوي کان ڇهه ست سالن بعد سئٽزرلئنڊ جي هن يونيورسٽي ۾ آيو هوندو جو ڀوميبل گياتريءَ کان ست سال کن ننڍو آهي. …(هلندڙ)…