موسمي تبديليون ۽ ٽين دنيا تي ان جا اثر
هن ڌرتي کي حقيقي خطرو ڪنهن ملڪ جي تهذيب، ثقافت، سرحد يا ڪنهن گروھ جي مذهبي خيالن کان ناهي بلڪه ڏسڻ ۾ ايئن پيو اچي ته اصل خطرو موسمي تبديلي آهي، جنهن کي ڪلائيميٽ چينج ۽ گلوبل وارمنگ چيو وڃي ٿو. ان موسمي تبديلي جو ڪارڻ به انسان خود آهي، وڌندڙ آبادي ۽ صعنتن موسمي تبديلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صنعتن جي وڌڻ سان جتي ٽيڪنالاجي کي عروج حاصل ٿيو آهي، اتي فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ دونهون ۽ ڪيميڪل ڌرتي جي موسم تي خراب اثر ڇڏي رهيو آهي، جنهن سان هر سال گرمي جي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن وقت دنيا موسمي تبديلين جي ڪري خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي. ڇو ته ڌرتي تي زندگي جي بقا موسم تي آهي ۽ انسان سميت هر جاندار زمين جي قدرتي موسم جي ڪري ئي وجود رکي ٿو، جيڪڏهن ڌرتي جي موسمن ۾ غير فطري تبديلي ايندي ته پوءِ هن ڌرتي تي انسان لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي پوندو، ان لاءِ عالمي ادارا ڌرتي جي تبديل ٿيندڙ موسم لاءِ فڪرمند آهن، پر پوءِ به بدقسمتي سان انسان جو گهڻو ڌيان سماجي ۽ سياسي مسئلن ڏانهن آهي. هن وقت موسمي تبديلي يا گلوبل وارمنگ ڪنهن هڪ ملڪ جو مسئلو ناهي، بلڪه هي ڌرتي تي رهندڙ هر جيو ۽ هر خطي جو مسئلو آهي. ان لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته جيڪڏهن ان جي لاءِ سڀني ملڪن گڏجي اپاءُ نه ورتا ته موسمي تبديلي جي ڪري دنيا تباھ ٿي ويندي ۽ پوءِ شايد ڪير به نه بچندو. جيڪڏهن انسان کي پاڻ سميت ٻين جاندارن جو وجود هن ڌرتيءَ تي قائم رکڻو آهي ته موسمي تبديلي جي ڪارڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو.
موسمي تبديلي جو ڪو هڪ ڪارڻ ناهي بلڪه گهڻا ئي ڪارڻ آهن ان جو تعلق انسانن جي وڌندڙ آبادي ۽ انهن جي موجوده طرز زندگيءَ سان آهي. وڌندڙ آبادي جي ڪري هر شيءِ جي گهرج پهرين کان وڌندي ٿي وڃي، انسان قدرتي شين کان وڌيڪ هٿرادو ٺهيل شين کي استعمال ڪري ٿو، اهي سڀ شيون مشينن ذريعي ٺاهيون وڃن ٿيون. ظاهر آهي ته جڏهن آبادي وڌندي ته انهن شين جو استعمال به وڌندو ۽ ايئن فيڪٽريون مسلسل هلنديون جنهن سان ڌرتي جي ماحول تي فرق پوي ٿو. تنهن کانسواءِ موٽر ڪارون جن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي تيل تي هلندڙ ڪار موسمي تبديلي جو اهم سبب بڻجي ٿي. دنيا ۾ روزانو ڪروڙين گيلن تيل گاڏين، جهازن ۽ مختلف فيڪٽرين ۽ انجڻين ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ڪاربان جي صورت ۾ ڌرتي جي هوا ۽ ماحول سان وڃي گڏجي ٿو، جنهن سان ڌرتي جي آب هوا ۾ تبديلي اچي ٿي. بهرحال! انسان پنهنجي زندگي کي پرآسائش بنائڻ لاءِ هن ڌرتي جو ماحول خراب ڪيو آهي. موٽر ڪار، فيڪٽريون، جهاز، ٽرينون اهي سڀ موسمي تبديلي جو ڪارڻ بڻجن ٿيون ۽ اهي سڀ شيون اڄ انسان جون بنيادي ضرورتون به بڻجي چڪيون آهن، پر ٻئي طرف انهن شين جو گهڻو استعمال ڌرتي جي قدرتي موسم ۾ تبديلي جو سبب به بڻجي ٿو. تنهن کانسواءِ وڌندڙ آبادي جي ڪري شهرن جي آبادي وڏي تيزي سان وڌي ٿي ۽ هر 10 سالن ۾ هڪ نئون شهر ٺهي ٿو. وڌندڙ آبادي جي ڪري وڌيڪ گهر ٺاهيا وڃن ٿا، جنهن ۾ وڌيڪ ساز و سامان جي ضرورت پوي ٿي، جنهن سان فيڪٽرين ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ فيڪٽريون ڌرتيءَ جي ماحول لاءِ خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون. ان کان علاوه وڌندڙ آبادي سان ڪاٺ جو استعمال به وڌي ٿو ۽ ڪاٺي جو ڪمرشل استعمال وڻن کي وڍي ڪيو وڃي ٿو. وڻ آڪسيجن پيدا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو، بغير وڻ جي ڪابه جاندار شيءِ ڌرتيءَ تي ساھ نٿي کڻي سگهي، پر انسان پنهنجي ضرورت ۽ شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ وڻن کي روزاني جي بنيادي تي وڍي ٿو. وڻ جو وڌيڪ ڪمرشل استعمال ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ماحولياتي بحران هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن تي تفصيل سان ڳالھ ڪري سگهجي ٿي. انسانن جو مستقبل انهن جي پنهنجن هٿن ۾ آهي ته اهي هن ڌرتي کي ڪيئن ٺاهڻ گهرن ٿا. انسان جي فطرت آهي ته هو ڪنهن وڏي واقعي ۽ نقصان کانپوءِ ئي سبق حاصل ڪندو آهي. هن ڌرتي ۽ ڪائنات ۾ ڪجھ قانون آهن جيڪي هر صورت ۾ ڪم ڪن ٿا، جيڪڏهن انهن جي خلاف ڪم ڪبو ته اهي رد عمل ڏيندا. اسان جي ڌرتي به ماحولياتي تبديلين جي ڪري رد عمل ڏيندي آهي، پر جيڪڏهن انسان اڃان به ان لاءِ اپاءُ نه ورتا ته تباهي يقيني آهي.
ماحولياتي تبديلي جي ڪري پيدا ٿيندڙ گلوبل وارمنگ مطلب ته وڌندڙ گرمي ٻوڏن جو سبب بڻجي رهي آهي، جنهن سان مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ به ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هاڻي گرمي پد هر سال وڌندو وڃي ٿو، جنهن سان گليشيئر پگهرجن ٿا. دنيا ۾ جيڪڏهن ڄميل برف ختم ٿي وئي يا گهٽ ٿي وئي ته يقينن پاڻيءَ جو شديد بحران پيدا ٿيندو ۽ پوءِ انسان تيل بدران پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ ڪندو. بهرحال! هن سال اسان ڏٺو ته يورپ ۾ گرمي جي لهر هئي ۽ گرمي پد تمام وڌي ويو هو. مغربي ملڪ ڌرتي جي جنهن جاءِ تي آهن اتي گهڻو ڪري سيءُ رهندو آهي، پر هن دفعي موسمي تبديلي جي ڪارڻ اتي تاريخي گرمي پئي جنهن جي نتيجي ۾ انساني زندگي متاثر ٿي. ياد رکڻ کپي ته قدرتي طور تي گرمي ۽ سردي جو پنهنجو پنهنجو وقت آهي. مثال طور: نومبر تائين موسم گرم رهندو آهي، پر اڄ کان 30 سال اڳ سيپٽمبر کان ئي سرد موسم شروع ٿيندي هئي، ان جو ڪارڻ موسمي تبديلي آهي. مطلب ته گرمي جي موسم ۾ سيءُ پوي ۽ سيءُ جي موسم ۾ وڌيڪ گرمي پوي. اهڙي موسم جتي انسانن لاءِ نقصان آهي اتي انهن موسمن ۾ پيدا ٿيندڙ اناجن لاءِ به خراب آهي. ڌرتيءَ تي فصل کي جيڪڏهن موسم مطابق ماحول نه ملندو ته ڌرتي اناج نه ڏيندي. ان کان علاوه موسمي تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد تباهه ڪندڙ برساتن جو سبب به بڻجي ٿي. مثال طور: برساتن جي موسم ۾ برسات نه پوڻ ۽ خشڪ سالي يا وري برساتن جي جڏهن موسم نه هجي ۽ سيلابي برسات پوڻ. ياد رهي ته جڏهن موسمي تبديلي جي ڪري گرمي گهڻي پوندي ته برساتون به گهڻيون پونديون ۽ اهي برساتون پاڪستان جهڙن ملڪن کي تباهه ڪري ڇڏينديون.
گلوبل وارمنگ هن وقت سڄي دنيا جو مسئلو آهي، پر هن وقت ان جو شڪار مغربي ملڪن کان وڌيڪ پاڪستان جهڙا غريب ملڪ آهن. ڇو ته مغربي ملڪن پنهنجي انفرااسٽرڪچر کي مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هنن ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري پنهنجو پاڻ کي انهن خطرن سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي، پر ٽين دنيا جي غريب ملڪن ۾ پاڪستان سميت ڪرپشن هڪ وڏو سبب رهي آهي جنهن جي ڪري اسان جو انفرااسٽرڪچر تمام گهڻو بگڙيل آهي ۽ اسان جا فنڊ جنهن جاءِ تي استعمال ٿيڻ گهرجن انهن جاين تي استعمال نه ٿيڻ ڪري ملڪ جو انتظامي ڍانچو انتهائي بدتر حالت ۾ اسان جي اڳيان موجود آهي. ادارا ته موجود آهن، پر انهن ۾ بدعنواني ۽ ڪرپشن جي ڪري مسئلو حل ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي. برسات پوي ٿي ته شهر ٻڏن ٿا ۽ سيوريج جي گندي زهريلي پاڻيءَ سان سامونڊي زندگي کي نقصان پهچي ٿو. هڪڙي ڳالھ سمجهڻ کپي ته ڌرتي جي موسم ۾ سمنڊ جو وڏو اهم ڪردار ٿئي ٿو جيڪڏهن سامونڊي حيات ۽ ماحول کي خراب ڪيو ويندو ته نتيجي ۾ سمڊ مان حاصل ٿيندڙ کاڌ خوراڪ جون شيون ختم ٿي سگهن ٿيون يا انهن ۾ ڪمي اچي سگهي ٿي جيڪا انساني زندگيءَ کي متاثر ڪري سگهي ٿي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ واهن جي صفائي، سيوريج جي پاڻي کي فلٽر ڪرڻ، ڪچري کي صحيح طرح ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ ادارا ٺهيل آهن، جن لاءِ هر سال بجيٽ ۾ ڪروڙين رپيا رکيا ويندا آهن، پر پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ اهي فنڊ ڪرپشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ نتيجي ۾ ٻوڏون اينديون آهن. 2010 واري ٻوڏ پاڪستاني آفيسرن جي ڪرپشن جو نتيجو هو. ڇو ته واهن جي صفائي، بندن جي مضبوطي لاءِ مختص رقم انهن جاين تي استعمال نه ٿيندي آهي، نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو منهن غريب عوام کي ڏيڻو پوندو آهي. ظلم اهو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ جو شڪار ٿيندڙ غريب ماڻهن لاءِ جيڪا امداد ملي ٿي ان ۾ به ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي ۽ مستحق متاثرين بدران امداد من پسند ماڻهن کي ڏني وڃي ٿي. بهرحال! هن سال 2022 ۾ پاڪستان ۾ مون سون جي برساتن تمام وڏي تباهي آندي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ڇو ته اسان جي رياست ۾ سڀني کان نظر انداز ٿيل صوبا سنڌ ۽ بلوچستان ئي آهن. لکين خاندان ٻوڏ جو شڪار ٿيا آهن، هن برسات ۽ ٻوڏ فصل سميت هر شيءِ کي تباھ ڪري ڇڏيو ايترو نقصان ٿيو آهي جنهن جو ازالو ناممڪن آهي ۽ ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.
وقت اچي ويو آهي ته وڏن شهرن سان گڏوگڏ ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ک به ترقي وٺرائي انهن جي انفرااسٽرڪچر کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ ان کي عوام دوست بڻايو وڃي ته جيئن بار بار عوام اهڙين تڪليفن کان بچي سگهي.
موسمي تبديلي سان ساھ جي بيمارين ۽ مختلف قسمن جا انفيڪشن پيدا ٿين ٿا. انهن کان بچاءُ جي لاءِ حڪومت کي تڪڙا حفاظتي قدم کڻي عوام کي انهن بيمارين کان محفوظ ڪيو وڃي.
سنڌ ۾ وڏن شهرن ۾ به صفائي جو فقدان آهي جنهن جي ڪري بيماريون عام آهن. ننڍن وڏن شهرن ۾ صفائي جي انتظام کي بهتر بنائڻ لاءِ تڪڙا ۽ بهتر اپاءُ وٺڻ گهرجن ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.
ڪجھ شيون اهڙيون ٿين ٿيون جن جي ذميواري رياست تي هوندي آهي ۽ ڪجھ اهڙا عمل هوندا آهن جن جي ذميواري عام شهري تي به هوندي آهي. مثال طور: ڪچري کي روڊ تي اڇلائڻ بدران ڪنهن هڪ جاءِ تي رکيو وڃي ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهي کي گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪيو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ ان کي روڊ تي ڦٽو نه ڪيو وڃي. ڇو ته پلاسٽڪ جي ٿيلهي سيوريج جي لائين ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي. بهرحال! حڪومتن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ڪمپين هلائڻ کپي جيئن عام شهري جي ذهن ۾ پنهنجي ذميوراي جو احساس پيدا ٿئي. اها سٺي ڳالھ آهي ته دنيا ۾ هاڻي موسمي تبديلين کي ڏسندي ڪارن جهازن ۾ اهڙيون انجڻيون ٺاهيون وڃن ٿيون جيڪي ماحول دوست هجن ٿيون ۽ انهن تي وڌيڪ تحقيق ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه بجلي تي چارج ٿيندڙ انجڻين بابت به سٺي پيش رفت ٿي آهي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته تيل جي جڳهه تي بيٽري تي انجڻ کي هلايو وڃي. انهن کي عام ۽ سستو ڪيو وڃي، ان سان گڏوگڏ ڊجيٽل ٽيڪنالوجي سان پيپر يعني ڪاغذ جي استعمال ۾ به گهٽتائي آئي آهي ۽ جيڪر ايئن رهيو ته اڳتي هلي ڪاغذ جو استعمال ختم ٿي ويندو جيڪو پڻ ڌرتي جي ماحول لاءِ بهتر هوندو. ڇو ته ڪاغذ ڪاٺي مان ٺهندو آهي، پر ٽين دنيا کي ترقي يافته ۽ سرمائيدار ملڪن کي اهو مڃرائڻو پوندو ته اهي ڪاربن گهٽ ۾ گهٽ پيدا ڪن يا جيڪڏهن پيدا ڪن ٿا ته ان جي اثرن کي زائل ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙين ته جيئن ان جي اثرن کان دنيا کي بچائي سگهجي ۽ گلوبل وارمنگ کان هن دنيا کي محفوظ رکي سگهجي.
***