انٽرويوخاص

موهن جي دڙي جي وارث اِندُو- اندرا پونا والا کان (جون 2017) ۾ ورتل انٽرويو.

موهن جي دڙي جي وارث اِندُو- اندرا پونا والا

کان (جون 2017) ۾ ورتل انٽرويو

 ارم محبوب

سن 2013 کان فيس بُڪ جي دنيا ۾ هڪ رنگ برنگي ادبي صورت ڇانئجي وئي، سندس دلڪش شاعري، زندگيءَ سان ڀرپور نِت نيون تصويرون، سماجي توڙي ادبي سرگرميون ۽ ٻيون بيشمار پوسٽون تقريبن هر سنڌي ليکڪ جي وال تي ڏسڻ لاءِ ملنديون آهن. سنڌ مان تقريبن هر ٽهي جا ليکڪ، شاعر ۽ شاگرد سندس فرينڊ لسٽ ۾ شامل ڏسي اهو اندازو ڪرڻ ۾ ذري به دير نه لڳي ته اندرا هند ۾ رهندي به سنڌين جي دلين تي راڄ پئي ڪري ان خوبصورت قلمڪار سان ٿيل ڳالهه ٻولهه اوهان جي نذر.

ارم محبوب: اندرا پونا والا کي همسري ۾ ڀليڪار چوندي سڀ کان پهرين توهان جو تعارف پنهنجي پڙهندڙن سان ڪرايون ته جيئن کين  خبر پوي ته توهان ڪڏهن ۽ ڪٿي جنم ورتو ۽ ادبي دنيا ۾ ڪڏهن کان اچڻ ٿيو.

اندُو: سرتي اِرم مون کي تمام گهڻو سٺو محسوس ٿي رهيو آهي “همسري” لاءِ انٽرويو ڏيندي. مان ادبي دنيا ۾ 1967ع کان آيل آهيان ۽ 2017ع تائين لاڳيتو لکندي پئي اچان، منهنجا قلمي نالا شبنم ۽ اِندو آهن. منهنجو جنم 24 نومبر 1956ع ڪراچي ۾ ٿيو ان کان اڳ اسين لاڙڪاڻي ۾ رهندا هئاسين. منهنجي بابا جو لاڳاپو شهدادڪوٽ سان به رهيو هو. مون لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي پر ڪتاب گهڻو دير سان ڇپيا، ڇاڪاڻ جو پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ وري جاب ۾ مگن رهيس. هيل تائين منهنجا 21 ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. جڏهن ته 8 ڪتاب ڇپجڻ لاءِ تيار آهن سنڌي ۾ منهنجا 7 ڪتاب ڇپيا آهن، جڏهن ته هندي ۾ به 7 ڪتاب لکيا اٿم، اردو ۾ 7 ڪتاب، مراثي ۾ 5 ڪتاب ۽ هڪ اڻ ڇپيل انگريزي ڪتاب ڇپائي هيٺ آهي، مون منهنجا ئي ڪتاب ترجمو به ڪيا آهن. مراثي، اردو، هندي، گجراتي ۽ انگريزيءَ ۾.

اِرم محبوب: (تمام سٺو) ادب سان ايڏي لڳاءُ جو ڪو خاص ڪارڻ؟

اندُو: ادبي دنيا ۾ اچڻ ۽ ان سان لڳاءُ جو سبب ادبي ڪتاب بڻيا، جن کي پڙهڻ سان ادب ۾ داخل ٿيڻ لاءِ Inspiration ملي. مون 9 ورهين جي ڄمار کان ئي اردو، هندي ۽ سنڌي ۾ کوڙ سارا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ڏنا. ٻيو ته سنڌ مان لڏپلاڻ مهل منهنجي ڀاءُ گهنشام داس ٽرڪون ڀري پاڻ سان گڏ ڪتاب آندا هئا، جيڪي اڪثر هو اسان کي گهر ۾ پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ اهو ئي سمورو ماحول مون لاءِ ادب ڏي چاهه وڌائڻ جو سبب بڻيو.

ارم محبوب: هِند ۽ سنڌ جي ادب ۾ مکيه فرق ڪهڙو ٿا ڏسو.

اندُو: ٻنهي ملڪن جي ادب ۾ تمام گهڻو فرق آهي، هتي هندوستان ۾ اسين اتي جي سڀني لوڪل ڪردارن تي لکون ٿا. سنڌ ۾ صرف اتي جي محدود دائري کي کڻي لکن ٿا.

ارم محبوب: اهو اوهان ڪيئن ٿا چئو ته اِتي محدود دائري ۾ لکجي ٿو، هتي جا ليکڪ هر سماجي موضوع تي لکن ٿا. موضوعن ۾ نواڻ به آهي ۽ ڪيئي تخليقون عالمي معيار جون به آهن.

اندُو: ها، ڪنهن حد تائين درست ٿا چئو پر مون عطيه دائود جي هڪ ڪويتا پڙهي ته منهنجي ڌيءَ تون ڀلي ڪاري مرجانءِ پر پيار ضرور ڪجان. ته ڏس اهو اتي جو مسئلو آهي. اسان وٽ اتي انڊيا ۾ 90 سيڪڙو شاديون ٿينديون ئي پيار جون آهن. اسان وٽ اهڙو ماحول ناهي ته پيار نه ڪيو ٻيو ته سوشل ميڊيا تي به جيئن نذر ٿي وجهجي ته سنڌ جي سڪ ۽ حب جي حوالي سان ئي اسان کي وڌ کان شيون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. ها پر تنهنجي ڳالهه صحيح آهي ته ڪتاب جي دنيا جا موضوع محدود ناهن.

ارم محبوب: جيئن سنڌ ۾ مقابلي جي فضا آهي ته ڇا هند جي ليکڪن وٽ به اهڙو ماحول ملي ٿو.

اندُو: نه هتي هند ۾ ساهتڪارن وچ ۾ ڪوبه مقابلو ناهي. هڪ پيڙهي ۽ ٻي پيڙهي، وري ٽين پيڙهي جي سوچڻ سمجهڻ ۽ لکڻ ۾ رات ۽ ڏينهن جو فرق آهي، وشه ۽ لپيءَ ۾.

ارم محبوب: هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل ڪئين ٿا ڏسو.

اندُو: سچ ٻڌايائين ارم… اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل صحيح ڪونهي جو لپي واري مامري ۾ منجهيل آهيون. لکڻ جي حساب سان ديو ناگري رومن يا عربي لپي ٿي هلي. مٿان وري اڄ جي شاعرن ليکڪن کي عربي لپي پڙهڻ ۽ لکڻ به ڪونه ٿي اچي سو هو سٺن ليکڪن کي پڙهڻ کان لاچار آهن ۽ جيستائين سٺو ساهت نه پڙهبو تيستائين سٺو لکي به ڪين سگهبو. باقي ڪلچرل روپ ۾ انڊيا ۾ سنڌي زنده رهندي ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندي اتي هند ۾ اسان وٽ ڏينهون ڏينهن سنڌين جو جذبو وڌندو پيو وڃي ۽ سنڌي سڏائڻ ۾ فخر ٿا محسوس ڪيون. سرڪار به سنڌين کي تمام گهڻو اهميت ڏي پئي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ مالي مدد به ڪري رهي آهي ته گڏوگڏ سنڌي ادارن کي همٿائي به رهي آهي.

ارم محبوب: ادب جو مکيه ڪردار ڇا هئڻ گهرجي.

اندُو: زندگيءَ مان جيڪو به آزمودو ملي پنهنجي ڪلپنا ان ۾ وجهي سماجِڪ اوڻاين کي ظاهر ڪجي، پنهنجي جذبن کي پسي سگهجي ۽ اُن کي لفظن جي سهڻي پوشاڪ پارائي لکي سگهجي. هند ۾ ڏيتي ليتيءَ جو مرض تمام گهڻو وڌيل آهي ۽ انهن مسئلن کي به کڻي گهڻو ڪجهه لکجي ۽ لکڻ به گهرجي. اهڙيءَ ريت ٻيون به تمام گهڻيون سماجي برايون ٿي ويون آهن، انهن تي به لکڻ گهرجي.

ارم محبوب: موهن ڪلپنا، ريٽا شاهاڻي، سُندري اُتم هري ۽ ڪيئي ٻيا هند جا ليکڪ سندن وڇوڙو هڪ دور جي پڄاڻي ڇا انهن نالن جو ادبي خال ڀرڻ لاءِ هند ۾ ڪي نوان نالا اڀريا آهن.

اندُو: تو جن ادبي شخصيتن جا نالا کنيا آهن ته سچ پڇين ته ارم تن جو خال ڀريندڙ ته هاڻ ڪوبه ليکڪ ناهي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ائين ئي ٿو محسوس ٿئي پر نون ويشن تي ضرور لکيو پيو وڃي، جيئن واسديو موهي، هري همٿاڻي، ارجن ۽ مان…. منو وگيان جون وشيون لکيون آهن ۽ لکون پيا.

ارم محبوب: توهان ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ڪهڙي صنف وڌيڪ پسند آهي.

اندُو: ها، مون ادب جي تقريبن هر صنف تي قلم آزمائي ڪئي آهي پر مون کي ڪهاڻي جي صنف وڌيڪ پسند آهي سنڌي ۾ منهنجا ٻه ڪهاڻي ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن “عبادت” ۽ “ضمير پنهنجو پنهنجو” ڪهاڻي لکڻ ان ڪري وڌيڪ پسند آهي جو ڪردار اکين آڏو ڦرندا گهرندا رهندا آهن، آئون انهن ڪردارن ۾ جذب ٿي ويندي آهيان، انهن کي Observe ڪندي انهن جا سمورا سک ڏک آزموده منهنجا پنهنجا بڻجندا ويندا آهن ۽ ڪهاڻي لکندي مان انهن سان جيئندي مرندي رهندي آهيان.

ارم محبوب: (تمام زبردست) ادب کانسواءِ ڪي ٻيون مصروفيتون.

اندُو: ادب کانسواءِ مون کي نرتيه، راڳ، ترڻ، گهوڙي سواري، الڳ الڳ سنستائن ۾ شامل ٿيڻ، الڳ ديش، الڳ شهرن جي ماڻهن سان گڏجڻ بيحد وڻندو آهي. مون ۾ هڪ سيلاني روح آهي جو مون کي هڪ هنڌ ويهڻ نه ڏيندو آهي ۽ سرتي انسانن سان، قدرت سان گڏجبو نه، ته ساهتڪار ڇا لکي سگهندو. ڪردارن سان گڏجي، ڄاڻجي محسوس ڪجي ته ئي ان ۾ جذب ٿي لکي سگهبو، جهولي پينگهه تي لڏڻ، ٻيڙي جو سير ڪرڻ، ادبي ميڙاڪن، سماج ۾ اٿڻ ويهڻ، ملڻ جُلڻ، سڀني قسمن جي ماڻهن کي دوست ڪرڻ بيحد وڻندو آهي.

واهه اسان جي اندُو ته زندگيءَ سان ڀرپور شخصيت آهي. (ارم)

ارم محبوب: اڄ جيڪو ادب ۾ سرجي پيو ان کي ڪيئن ٿا ڏسو.

اندُو: مان 2012ع ۾ جڏهن سنڌ آئي هئس ته پاڻ سان گڏ کوڙ ڪتاب آندم ان عرصي ۾ تخليق ٿيل سمورو ادب پڙهي پورو ڪيو اٿم، انهن مان ڪيترائي ڪتاب بيحد سٺا لڳا پر ڄاڻ وري به محدود رهڻ جو احساس ٿيو پورو اندازو نه لڳائي سگهي آهيان توڙي جو کوڙ نون ۽ سينئر ليکن کي پڙهيو اٿم. مون 5 ٻولين جو اڀياس ڪيو آهي ته گڏوگڏ انهن ٻولين جي ليکڪن کي پڙهيو ۽ پرکيو به آهي جن ۾ سنڌي، هندي، اردو، مراٺي، انگريزي ۽ بنگالي جا ترجما ٿيل ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان مون کي شرت چندر جون ڪهاڻيون بيحد گهڻو متاثر ڪنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃان اهڙا ڪردار خلقڻا پوندا پر ان لاءِ ٻين ٻولين کي پڙهڻ لازمي آهي.

ارم محبوب: اوهان جي فيملي ۾ ادب سان ڪنهن کي چاهه آهي يا رهيو.

اندُو: ها، منهنجي ماءُ گرمکيءَ ۾ ساهت پڙهندي هئي منهنجو ڀاءُ گهنشام داس ٽيڪمچند شهدادپوري 15 سالن جو هو ورهاڱي مهل اهو آرسي، لوپن ۽ الف ليليٰ جا ڪتاب صندوقون ڀري پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو ان ڪپڙن بدران ڪتاب کنيا هِن جو هڪ وشه اردو به هو جنهن ۾ هُن تمام گهڻيون مارڪون کنيون هيون سو کوڙ مئگزين “شمع” منٽو جا ڪتاب خوب آندائين هو روز رات جو گهر وارن کي پڙهي ٻڌائيندو هو. پونا ۾ به لائبريري مان ڪتاب آڻيندو هو، سو پيڪي گهر ۾ ساهت پڙهڻ جو بيحد چاهه رهيو. ريڊيو، ٽي. وي، موبائل جو ته زمانو ئي نه هو، بس وڏا گڏجي ويهندا هئا ۽ سنڌ جون ڳالهيون پيا ٻڌائيندا هئا ۽ ڪتاب به پڙهندا هئا. مون به ڪچي عمر ۾ ئي وڏي ڀاءُ کان اردو سکي ورتي، امان کان گرمکي سکيم ۽ ٻئي نمبر ڀاءُ جواهر لعل کان هندي سکيم، ۽ پوءِ هند ۾ رهندي هندي اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيم.

ارم محبوب: ڀلا اِندو شاعرن يا ليکڪا نه هجي ها ته پوءِ.

اندُو: (کلندي) جي شاعرا ليکڪا نه هجان ها ته بيرودا جيل پوني جي وارڊن هجان ها يا شايد ڪرائيم انويسٽيگيٽر هجان ها، ٽيچر، پروفيسر، وائيس پرنسپل هجان ها ۽ هي سڀ عهدا مان ننڍي عمر ۾ ئي ماڻي چڪي آهيان ۽ ها شايد اِندو ايئڪٽريس به هجي ها، ان لاءِ مون هڪ تصوير Dj College جي فلماليه سيڪشن ۾ موڪلي هئي ۽ انهن مون کي سڏايو به هو، پر جڏهن وڏي ڀاءُ گهنشام کي ٻڌايم ته وڏي چماٽ کاڌم ته گڏ تعليم ڇڏائڻ ۽ شادي ڪرائڻ جي ڌمڪي ملي. ته منهنجي پياري ارم… اندرا هڪ اداڪارا نرتڪي، ڪلاسيڪل ڳائڻي يا آرٽ سان ئي جڙيل هجي ها، شايد ليڊر به هجان ها ڪا جو منهنجي وڏي ڀاءُ جواهر لعل منهنجو نالو اندرا رکيو ڇو ته منهنجو نڪ ۽ اکيون اندرا گانڌي جهڙيون هيون ته شايد هن سوچيو هوندو مان سياست ۾ وينديس، منهنجو بابا ٽيڪمچند شهدادپوري، جڏهن مان سال جي مس هونديس تڏهن هانگ ڪانگ ۾ سنڌوري پائيندو هو ان کي ناچ گانو ۽ اداڪار بيحد پسند هئا هو هارمونيم ۽ پيانو تمام سٺو وڄائيندا هئا اها ڳالهه مون کي امڙ ٻڌائي هئي سو مون بابا جي اِڇا پوري ڪرڻ پئي چاهي ننڍي هوندي کان ئي نرتيا سکڻ توڙي ناٽڪن ۾ حصو وٺڻ بيحد وڻندو آهي.

ارم محبوب: سنڌ مان من پسند ليکڪ.

اندُو: ها کوڙ کوڙ هڪ تمام وڏي لسٽ آهي انهن ليکڪن جي جن مان ڪيترن سان تمام يادگار ملاقاتون به ٿيل آهن، اهي سمورا اديب دوست پل پل دل سان ڳنڍيل آهن.

ارم محبوب: انڊيا جي اديبن لاءِ عام راءِ اها آهي ته اهي پاڻ لکن ۽ پاڻ ئي پڙهن ٿا ڇو جو نوجوانن لاءِ سنڌي ٻولي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ڏکيو مسئلو آهي ان ۾ ڪيتري حقيقت آهي.

اندُو: ها تنهنجي ڳالهه درست آهي ارم! هتي جيڪي عربي سنڌي ۾ لکن ٿا، انهن جا ڪتاب ٻي پيڙهي نٿي پڙهي سگهي جيڪي اردو ۽ هندي به نه ڄاڻين اهي ديو ناگري ۽ هندي ۾ ٿا پڙهن ۽ لکن ۽ مٿان وري سوشل ميڊيا جي زور ڪتاب پڙهڻ لکڻ گهڻو ڪري بند ڪرائي ڇڏيو آهي. اسان وٽ سٺا ڪتاب پڙهڻ وارا به Whatsapp ۽ Face book جي گليمر ۾ گم آهن.

ارم محبوب: ڪا اهڙي عادت جنهن مان تنگ هجو.

اندُو: تمام سهڻو سوال ڪيو اٿئي سرتي! مان اِندو مان اِندرا ٿيڻ تي پريشان آهيان. مون کي امان بابا جو ڏنل نالو، ننڍپڻ جي دوستن سرتين جو ڏنل نالو “اِندو” ڏاڍو مٺڙو لڳندو آهي. ننڍڙي اِندو چنچل شرارتي نچندڙ جهومندڙ اِندو جنهن جون ننڍڙيون پتڪڙيون ساهيڙيون ان آتما جي اوستا جي عادت مون کي پنهنجو پاڻ مان تنگ ڪري ڇڏيندي آهي. (شايد تڏهن ئي) مون کي ننڍي ڄمار وارا فنڪار، اديب، شاعر پاڻ وانگر اِندو جا دوست خوب پسند ايندا آهن جتي ڪابه جنريشن گيپ نه هوندي آهي. امڙ، جيجان، ناني، ڏاڏي جهڙا لقب حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا اٿم. Iam Just Indoo هڪ آتما جيڪا موهن جي دڙي جي وارث آهي…. شاهه صاحب جي ڪا سورمي آهي…. يا سمبارا، موهن جي دڙي جي ناچڻي، Iam ageless

ارم محبوب: واقعي اوهان Ageless آهيو ۽ ان جو ثبوتf.b Friends list ۾ موجود اوهان جي سوين هزارين دوست آهن، ڪو لمحو، جنهن ۾ اوهان کي اداسي ورائي ويندي هجي.

اندُو: بيشڪ! اُن اداسي جي حالت ۾ ياد ايندا آهن اهي لمحا جڏهن مان 4/5 سالن جي هيس ته خبر پئي منهنجو پيءُ هانگ ڪانگ ۾ گذاري ويو، مون کي پيءُ جي پيار کان محروم ڪري ويو. هند سنڌ جي حالتن جو ٻڌي، مان صرف پنهنجي پيءُ جو فوٽو، پنهنجي پيءُ جي پسند ناپسند جي باري ۾ ئي ٻڌندي رهندي هئس ۽ پنهنجي ماءُ وانگر انڌو وشواس رکيو ويٺي هئس ته بابا جي مرڻ جي خبر ڪنهن ڪوڙ ۾ پکيڙي آهي. منهنجي امڙ نيم پاڳل پڻي واري حالت ۾ چوندي رهندي هئي “اِندو تنهنجو پيءُ ضرور ايندو” وري ٽنهي وڏن ڀائرن جا اوچتا موت، نانو، ناني، امڙ، مامو سڀ هڪٻئي پويان لاڏاڻو ڪندا ويا، جن سان جيءُ جڙيل هو، جان جُڙيل هئي، سنڌ ۽ سنڌيت جُڙيل هئي انهن لمحن تي جڏهن سوچيندي آهيان ته من ڏاڍو اداس ٿي ويندو آهي.

ارم محبوب: (اِندو کي اداسي جي منڊل مان ڪڍي وري رنگا رنگ ماحول مان ٿا آڻيون اِن سوال سان ته توهان جي ڊريسنگ ۽ f.b تي نظر ايندڙ تصويرن مان اندازو ٿئي ٿو ته اوهان گهمڻ ڦرڻ ۽ سهڻي ڊريسنگ جا شوقين آهيو.

اندُو: (ٽهڪ ڏيندي) ها ارم سچ ٿي چوين، مان سدائين منفرد پر ڍڪيل ڊريسن پائڻ جي شوقين رهي آهيان جن کي ڊزائين به آئون پاڻ ڪندي آهيان ۽ پوءِ ٽيلر کان سبرائيندي آهيان. مون کي مڙني سهڻن ۽ نکريل رنگن سان پيار آهي. زيور به Antique وٺندي آهيان سي به مخصوص ۽ خاص دڪانن تان ۽ سڀني سرتين کان لڪائيندي آهيان، کلندي آرٽيفيشل جيولري خريد ڪندي آهيان، چوڙيون وڻنديون آهن ۽ هٿن پيرن ۾ ڇلا ۽ منڊيون پائيندي آهيان، پيرن ۾ پازيب پسند آهن، آخر موهن جي دڙي جي ناچڻي جو پاڻ کي ننڍي هوندي کان سمجهندي آئي آهيان.

ارم محبوب: تمام زبردست! پوءِ ته سنڌ حيدرآباد مان جيڪي به دوست انڊيا وڃن موهن جي دڙي جي ان Dancing girl اندو لاءِ چوڙين جا ٽوڪرا ضرور ڀري کڻي وڃن!

ارم محبوب: ادب هڪ ذميداري آهي، اوهان جي راءِ موجب هند توڙي سنڌ جي اديبن مان ڪير وڌيڪ بهتر نموني سان اها ذميداري نڀائي رهيو آهي.

اندُو: يقينن سنڌ جا اديب اسان کان وڌيڪ جوابداري سان لکي رهيا آهن، اتي اسان وٽ گهڻو ساهت رڳو ڪتابن تي رکيل انعامي رقم جيڪا سرڪاري ادارن يا اڪيڊمي پاران ملي ٿي، ان کي ماڻڻ لاءِ لکيو ٿو وڃي جنهن ۾ دل گهٽ دماغ گهڻو آهي، جڏهن ته سنڌ جا تمام گهڻا ليکڪ ۽ شاعر دل سان لکن ٿا جيڪو سٺو عمل آهي. ايئن ئي اڳ انڊيا جا به اديب هوندا هئا، پر هاڻي ايئن ناهي ڪتاب پڻ گهٽ پيا ڇپجن، انعام ۽ رقم جي چڪر ۾ اسان وٽ ادب ٻوساٽجي ويو آهي.

ارم محبوب: تنقيد ليکڪ کي ڊاهي ٿي يا ٺاهي.

اندُو: صحتمند تنقيد ليکڪ جي فن کي اجاگرڪري ٿي ۽ ان کي عروج ٿي بخشي ۽ بي ايمان تنقيد اديب کي دل برداشته ڪري ٿي. تنقيد نگاري جو پهريون اصول اهو هئڻ گهرجي ته جيڪو ليکڪ ڪا صنف تنقيد لاءِ چونڊي ٿو هو پاڻ به ان جو سٺو پارکو ۽ ڄاڻو هجي، ڪو سيکڙاٽ لکندڙ هر گز نه هئڻ گهرجي.

ارم محبوب: ادب جي واڌ ويجهه لاءِ سرڪار جيڪي ادبي وفد مختلف ملڪن ڏانهن موڪلي ٿي ان مان ادب کي ڪيترو فائدو رسي ٿو.

اندُو: سرڪاري طور موڪليل ادبي وفدن جي صورت ۾ ليکڪن جو هڪٻئي جي ملڪن ۾ اچڻ وڃڻ ۽ اتي جي اديبن سان لهه وچڙ ۾ رهڻ سٺو عمل آهي ان سان ٻنهي ملڪن جي اديبن ۾ ويجهڙائي اچڻ سان گڏ سنڌيت ۽ سنڌي ادب کي وڌائڻ ويجهائڻ جو سهڻو موقعو ملي ٿو ته گڏ هڪٻئي جا ويچار به ٻڌڻ جو وجهه ٿو ملي، پر ان سڀ هوندي به هڪ راءِ ضرور ڏيڻ چاهينديس ته وفدن ۾ ساڳيا ساڳيا اديب نه دهرايا وڃڻ گهرجن هر سال الڳ الڳ اديب اچڻ گهرجن خاص طور تي نئين ٽهي کي نمايان ڪجي ته جيئن هو پنهنجا خيال شيئر ڪري سگهن.

ارم محبوب: “همسري” ذريعي سنڌ لاءِ ڪو پيغام.

اندُو: اوهين سڀ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيو، شال اڃان وڌو ۽ ويجهو ۽ پنهنجن خوابن جي ساڀيان ماڻيو، سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل اوهان وٽ نهايت شاندار آهي.

همسري ٽيم ۽ انٽرويو ڪندڙ ارم محبوب لاءِ شڀ ڪامنائون.