مڇرن جو پسنديده شڪار ڪهڙا ماڻهو هوندا آهن؟ بچڻ جو راز به ڄاڻي وٺو
گرمين جي مند دوران ماڻهو سير سفر ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڊگهن ڏينهن سبب گهر کان ٻاهر وقت گذارڻ سٺو لڳندو آهي، پر هي اها ئي موسم آهي جڏهن مڇرن جي ڀرمار هوندي آهي، خاص طور برساتن جي سيزن ۾. مڇرن جي چڪ پائڻ سان رڳو خارش جو منهن ناهي ڏسڻو پوندو، پر مختلف بيمارين جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته توهان جي ويجهو ڪو اهڙو فرد به هجي جيڪو اها دعويٰ ڪندو آهي ته کيس ڪڏهن به مڇر چڪ ناهي پاتو ته پوءِ ڇا ائين واقعي ممڪن به آهي؟ يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو، پر اهڙا سائنسي ڪارڻ موجود آهن جنهن مان اهو اشارو ملي ٿو ته خاص ماڻهو مڇرن جو پسنديده شڪار ڇو هوندا آهن. پهرين اهو ڄاڻي وٺو ته رڳو مادي مڇر ئي توهان جو رت چوسيندي آهي ته جيئن اسان جي رت مان حاصل ٿيندڙ پروٽين ذريعي واڌ ويجهه جي شرح کي بهتر ڪري سگهي. مڇر گهڻي قدر پنهنجي اکين جي روشني کي شڪار لاءِ استعمال ڪندا آهن، گهري رنگ جهڙو ڪارو، نيوي بليو ۽ ڳاڙهو رنگ انهن جي ڌيان جو مرڪز هوندا آهن. هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته ڪارو رنگ مڇرن جو پسنديده آهي. اکين جي روشني سان گڏوگڏ مڇر سونگهڻ جي حس کي به شڪار ڳولڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، ڪنهن ماڻهو جي جسم مان خارج ٿيندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ان جي توجهه حاصل ڪندي آهي. هي گئس ساهه کڻڻ واري عمل دوران خارج ٿيندي آهي، هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڇر ان گئس کي 164 فوٽ جي مُفاصلي تان به سونگهي وٺندو آهي ته پوءِ جيڪي ماڻهو گهڻي مقدار ۾ اهو گئس خارج ڪندا آهن، مطلب وڌيڪ جسماني وزن وارا يا ورزش دوران گهرو ساهه کڻڻ وارا، مڇرن لاءِ وڌيڪ پرڪشش ٿي ويندا آهن. ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ سان گڏوگڏ مڇر جسماني بوءِ ۽ پگهر مان خارج ٿيندڙ مرڪب ڏانهن به حملي آور ٿيندا آهن. يورڪ ايسڊ، ايمونيا ۽ ليڪٽڪ ايسڊ جهڙا مرڪب به انساني چمڙي ۽ پگهر ۾ موجود هوندا آهن. سائنسدان لڳاتار ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته آخر خاص جسماني بوءِ مڇرن لاءِ وڌيڪ پرڪشش ڇو هوندي آهي. هاڻ اهو واضح ٿي چڪو آهي ته جينز، چمڙي تي موجود بيڪٽريا ۽ ورزش وغيره ان حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ وارا عنصر آهن. هڪ عام خيال اهو پڻ آهي ته مڇر رت جي خاص گروپن کي وڌيڪ پسندا ڪندا آهن. بلڊ گروپ جو تعين جينز ذريعي ٿيندو آهي ۽ هر گروپ لاءِ مخصوص پروٽينز جي ضرورت هوندي آهي. اي بي، اي بي ۽ او 4 وڏا بلڊ گروپس آهن. هونئن ته ان ڏس ۾ حتمي طور تي طئي ناهي ٿي سگهيو ته رت جو ڪهڙو گروپ مڇرن لاءِ وڌيڪ پرڪشش آهي، پر ڪجهه تحقيقي رپورٽن ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته او بلڊ گروپ مڇرن جو اشتها وڌائيندو آهي، پر جيئن ته مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته في الحال ڪجهه به حتمي ناهي ۽ ان بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

