نانگن ڪيمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن کي به نه ڇڏيو
سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي جڏهن ته ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن جن مان پاڻي نيڪال ۾ ڪجهه مهينا لڳي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ نانگ ۽ ٻيون بلائون نڪري آيون آهن جيڪي متاثرن کي سندن خيمن ۾ به وڃي ڪکي رهيون آهن. دادو ويجهو کپر نسل جي نانگ 25 ورهين جي زيب النساءِ بروهي کي ٻه ڀيرا ڪکي مرڻينگ ڪري وڌو جنهن کي سول اسپتال ۾ اينٽي سنيڪ وينم ويڪسين لڳائي وئي. سندس حالت نازڪ هجڻ سبب کيس رت جون ٿيلهيون به چاڙهيون ويون. زيب النساءِ جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ واهڙ ويجهو رئيس نگر آهي جيڪو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، هاڻي هو حفاظتي بندن تي ويٺل آهن جتي نانگ نڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به سندس ڪٽنب جي هڪ عورت نانگ کي ماريو هو. زيب النساءِ کي دادو آڻڻ لاءِ ٻيڙي جو بندوبست ڪري سندس پير کي ٻڌي پهچايو ويو، هوءَ اڃان به علاج هيٺ آهي.