ناوليٽ- آخري قسط : “هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ” : يان پال سارتر : ترجمو: منور سراج

همراهه وات چٻو ڪري ٿڪ اڇلائي چيو ”فرانس بڇڙو بيڪار فرانس“

”توکي اڃان وڌيڪ پادر کپن؟“ ڊيسپيرو اڊڙيل ساهن ۾ چيو. همراهه جي ڪن تي جونءِ به ڪانه سُري. هن پنهنجي کاٻي اک سان همراهن کي گهوري ڏٺو ۽ وري دهرايائين ”بيڪار فرانس بڇڙو فرانس“

هڪ پل لاءِ هٻڪ جو احساس اڀريو ۽ ليوسين کي لڳو ته سندس دوست هن مان هٿ ڪڍڻ وارا آهن، پر ايئن نه ٿيو. هو ٿورو اڳتي ٿيو ۽ پنهنجي پوري سگهه سان هنن تي وار ڪيائين. هن ڪنهن شيءِ جي چيرجڻ جو آواز ٻڌو ۽ بندري همراهه کي بي وسيءَ جي حالت ۾ پاڻ ڏي حيرت ۽ ڪمزوريءَ وچان گهوريندي ڏٺائين ”بيڪار…“ هن چپن ۾ مڻ مڻ ڪئي، پر سندس اڊڙيل اک پنهنجي بي نور ڳاڙهي ڌوڏي تي کلڻ لڳي. هو گوڏن ڀر هيٺ ڪري پيو ۽ وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو.

”ڍنڍ ۾ وڃي پئو“ ريمي ڀڻڪيو ۽ پوءِ وٺي هڪ ساهي ڀڳو ۽ وڃي سينٽ مائيڪل جي دروازي تي دنگ ڪيائين. ڪنهن به سندس پيڇو ڪونه پئي ڪيو. هنن پنهنجون پنهنجون ٽائيون سڌيون ڪيون شام بنا انهيءَ حادثي جي ذڪر جي گذري وئي، نوجوان هڪٻئي تي ٻلهار لڳا پيا هئا:- هنن مهذب ۽ شائسته قسم واري درندگي ترڪ ڪري ڇڏي هئي جنهن اڪثر طور سندس احساسن کي لڪائي ٿي ڇڏيو. هنن هڪٻئي سان ڏاڍي فضيلت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ليوسين سوچيو ته انهن پهريون ڀيرو ايئن اداڪاري پئي ڪئي جيئن اهي پنهنجي گهروارن سان ڪندا آهن.

پر هو مشتعل ٿي ويو هو:- هو ڪنهن ڳليءَ ۾ چوڪ چوراهي تي ڪنهن به ٺڳ ٺوڳي سان وڙهڻ جو هيراڪ نه هو. هن نرميءَ سان فيني ۽ ماد بابت سوچيو.

هن کي ننڊ نه آئي. ”آئون ايئن هلي نٿو سگهان“ هن سوچيو ”ڪنهن رنگروٽ وانگر انهن جو دُم ڇلو ٿي پٺيان لڳڻ، وزن جي خبر پئجي وئي. مون کي شامل ٿيڻو ئي پوندو.“ ليموردانت جي آڏو خوشخبري جو ذڪر  ڪندي ليوسين پنهنجي پاڻ ۾ قبرستان جهڙي ماٺ ۽ مهذب پڻو محسوس ڪيو.

”فيصلو ٿي چڪو آهي“ هن چيو ”مان اوهان سان گڏ آهيان“ ليموردانت سندس پٺي ٺپيندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سنگتين ڪيتريون ئي بوتلون خالي ڪري خوشي ملهائي. هنن پنهنجو وحشي آواز ۽ ڪم جو همراهه هٿ ڪري ورتو هو انهيءَ واقعي بابت رات تائين ڪابه چئه پئه نه ڪيائون. موڪلائڻ مهل مارڪيسو سادگيءَ سان ليوسين کي چيو ”توکي به ڏاڍو زوردار ٺونشو لڳو آهي“ ۽ ليوسين وراڻيو ”هو يهودي هو“ ان ڏينهن کانپوءِ هو هاڪي جهڙي لٺ سان ماد ڏي ويو جيڪا هن بوليوارد سينٽ مائيڪل مان خريد ڪئي هئي.

ماد سمجهي وئي:- هن لٺ ڏي ڏٺو ۽ چيائين ”معنيٰ تو به الله توهار ڪئي“

”ها، ڪيم“ ليوسين مرڪيو.

ماد چاپلوسيءَ تي لٿل نظر پئي آئي:- شخصي لحاظ کان هن کاٻي ڌر جي حمايت ٿي ڪئي، پر هوءَ کليل ذهن واري هئي ”مان سمجهان ٿي“ هن چيو ”سڀني پارٽين ۾ ڪجهه چڱو هوندو آهي“ انهن شامن دوران هن ڪافي ڀيرا پنهنجي ڳچي کنهندي کيس ”منهنجو ننڍڙو توڏڙو“ سڏيو. انهيءَ کان ڪجهه وقت بعد ۾ هڪ ڇنڇر جي رات ماد پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪيو. ”مان سوچان ٿي مان واپس موٽي وڃان“ هن چيو ”پر جي تو ۾ ڪجهه لڇڻ هجي ته تون به مون سان گڏ هلي سگهين ٿو:- تون منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي پنهنجي ننڍڙي ماد لاءِ مهربان ٿي سگهين ٿو جيڪا ڏاڍي ٿڪجي پئي آهي ۽ تون کيس ڪهاڻيون ٻڌائي سگهين ٿو“ ليوسين ۾ بنهه گهٽ گرم جوشي هئي.

ماد جي ڪمري کيس پنهنجي خبردار غربت سان پريشان ڪيو. اهو ڪنهن نوڪرياڻي جي ڪمري جهڙو هو، پر انهيءَ موقعي جو فائدو نه وٺڻ گناهه برابر هجي ها. ماد پاڻ کي هنڌ ۾ اڇلائيندي چيو ”واهه واهه ڏاڍو سٺو ٿو لڳي“ پوءِ هوءَ ماٺ ٿي وئي، ليوسين جي اکين ۾ گهوريندي، چپ ڀيڪوڙيل! هو سندس ڀر ۾ ٿي بيٺو، هن پنهنجو هٿ سندس اکين تي رکيو ۽ پنهنجون آڱريون ڦهلائيندي چيائين ”آها… ڏسي ورتم… ڏسي ورتم… توکي خبر آهي مان توکي ڏسان پئي ليوسين…“

هو پاڻ کي نرمل ۽ ڳرو ڳرو محسوس ڪرڻ لڳو. هن پنهنجون آڱريون سندس وات ۾ وڌيون ۽ هو سندس آڱريون چوسڻ لڳو ۽ پوءِ ساڻس نرميءَ سان ڳالهايائين ”ويچاري غريبڙي ماد بيمار آهي، ڇا ننڍڙي مٺڙي ماد کي سور آهي؟“ هن سندس سڄو بدن پنهنجي هٿن سان مهٽيو. هن پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون پُر اسرار مرڪ مرڪي رهي هئي. گهڙيءَ کانپوءِ هن سندس اسڪرٽ لاٿي ۽ سنجوڳ جو سواد ورتائون:- ليوسين سوچيو ”ڇا ڳالهه ڪجي!“

جڏهن ليکا چوکا لهي چڪا ته ماد چيو ”شرارتي ڇورا! واهه واهه ٿي وئي“

ليوسين چيو آئون به ايئن به ايئن ئي حيران ٿي ويس جيئن تون ٿئين“ هن وڌيڪ چيو ”ان ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي.“

هوءَ ڪجهه پل سوچيندي رهي پوءِ ڳنڀيرتا مان چيائين ”مون کي ڪنهن به ڳالهه جو افسوس ڪونهي، شايد اهو سڀ ڏاڍو شفاف هو، پر اهو ڪافي مڪمل نه هو“

ميٽرو ۾ سفر ڪندي ليوسين سوچيو ”مان به هڪ عدد سنگتياڻيءَ وارو آهيان.“

هو خالي خالي، ٿڪل، شراب ۽ سڄر مڇيءَ جي بوءِ سان ڀريو پيو هو:- هو سيٽيل ۽ پگهر ۾ شل قميص ڏي ڏسڻ کان لنوائيندي هيٺ ويهي رهيو. هن کي پنهنجو جسم ڦٽل کير جهڙو محسوس ٿيو. هن زور ڏيئي وري دهرايو ”مون کي هڪ يارڙي آهي“ پر هن پاڻ کي ذهني طور اڊڙيل اڊڙيل محسوس ڪيو.

هڪ رات اڳ کيس ماد مان ڇا جي خواهش هئي؟ سندس سوڙهو، کليل چهرو، جيڪو ناقابل بيان پئي ڏسڻ ۾ آيو، سندس سنهڙو نازڪ نفيس پاڇولو، باوقار ڏيک، هڪ ڳنڀير ڇوڪري هئڻ واري ساک، مرداڻي نفس کان سندس نفرت، سڀ اهي شيون جن کي کيس هڪ عجيب وجود ٿي بڻايو. صحيح معنيٰ ۾ ”ڪا ٻي شيءِ“ سخت ۽ قطعي! هميشه ڪنهن به پهچ کان پرانهين، پنهنجي صاف ۽ ننڍڙين سوچن سان، سندس شائستگيون، سندس ريشم جا گهنجهيل ويس وڳا، ڇلا ڇلا وار ۽ اهو سمورو سنهون پرت هن جي ڀاڪرن ۾ رجي ويو هو، رڳو وڃي گوشت بچيو هو. انهيءَ عمل هنن کي ”هڪ“ ڪري ڇڏيو هو:- هو پنهنجو گوشت پوست ماد کان ڌار نه پئي ڪري سگهيو. زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن به ڪنهن به کيس اهڙو بيمار ڪري وجهندڙ پنهنجائپ جو احساس نه ڏنو هو. سواءِ ڪنهن حد تائين ريريءَ جڏهن کيس ٻُوڙن جي پٺيان پنهنجي لُلي ڏيکاري هئي يا جڏهن هو پنهنجي پيٽ ڀر ليٽي پاڻ کي وساري ويٺو هو ۽ اگهاڙو ئي هيئن مٿي ٿيڻ لڳو هو!

ليوسين گيگارد بابت سوچيندي ڪجهه سڪون محسوس ڪيو: سڀاڻي هو کيس ٻڌائيندو ته ”آئون ماد سان ستو آهيان، هوءَ ڏاڍي مٺي ڇوڪري آهي، او پوڙها ماڻهو! اهو مٺاڻ سندس رت ۾ آهي“ پر هو بي چين هو ۽ پاڻ کي ميٽرو جي ڌوڙ هاڻي گرميءَ ۾ اگهاڙو محسوس ڪيائين، ڪپڙن جي سنهڙي ڄاريءَ ۾ ننگو، ڪنهن پادريءَ جي ڀر ۾ اگهاڙو ۽ اڪڙيل، ٻن سمجهدار بالغ تالغ عورتن جي آسپاس ڪنهن سڄيل ڦنڊيل اڪ مڪڙ جهڙو!

گيگارد کيس گرم جوشيءَ سان مبارڪ ڏني. هو ڪنهن حد تائين فيني کان بيزاري ٿڪل پئي لڳو. ”هوءَ سچ ته پاروٿي مزاج واري ڇوڪري آهي، ڪالهه هن سڄي شام دوران مون کي گندا اشارا ڪيا.“

هو ٻئي متفق ٿيا ته:-

زندگيءَ ۾ اهڙي قسم جون عورتون ضرور هجڻ گهرجن، ڇاڪاڻ، بهرحال، شاديءَ تائين اوهين پاڪ پوتي نٿا رهي سگهو ۽ ٻي ڳالهه ته هو ٻئي ڪنهن جي به محبت ۾ مبتلا نه هئا، نه ئي انهن لاءِ ساهه ٿي ڏنائون. البته انهن سان تعلق ۾ رهڻ هڪ غلطي ثابت ٿي پئي سگهي. گيگارد ڏاڍي شائستگي سان حقيقي ڇوڪرين جو ذڪر ڪيو ۽ ليوسين کانئس سندس ڀيڻ جي خبر پڇي.

”اها ٺيڪ ٺاڪ آهي“ گيگارد چيو، ”هوءَ چوندي آهي ته تون هڪڙو ماٺيڻو شخص آهين. توکي خبر آهي؟“ هن ڪجهه وڌيڪ حجتي ٿيندي چيو ”مون کي ان تي ڪوبه افسوس ڪونهي جو مان هڪ ڀيڻ وارو آهيان. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي اهڙيون شيون به لڀي پونديون آهن جنهن جو اوهان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو آهي“

ليوسين ڳالهه جي ڳر تائين پهچي ويو. نتيجي طور هو ٻئي گهڻي ڀاڱي ڇوڪرين بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پاڻ کي شاعريءَ سان ڀريل ڀريل محسوس ڪيائون ۽ گيگارد پنهنجي ان چاچي جا لفظ دهرائي خوشي محسوس ڪرڻ لڳو جنهن جو عورتن جي سلسلي ۾ وڏو ڀاڳ هو.

”ممڪن آهي ته مون پنهنجي هن اڀاڳي زندگيءَ ۾ ڪوبه چڱو ڪم ورلي ڪيو هجي، پر رب ٿو ڄاڻي ته ڪنهن ڪنواري سان هٿ چراند ڪرڻ کان هٿ ڪپائڻ بهتر ڄاتو هوندم.“

ڪڏهن ڪڏهن اهي گڏجي گيگارد جي سنگتياڻين سان ملڻ ٿي ويا. ليوسين پائريٽري کي ڏاڍو پسند ٿي ڪيو:- هن ساڻس وڏي ڀاءُ وانگر ٿي ڳالهايو، ڪنهن مهل کيس ڪنهن ڳالهه تان چيڙايائين ته ڪنهن مهل سندس تعريف ٿي ڪيائين. هو مڪمل طور پنهنجي سياسي سرگرمين جي حوالي ٿي ويو هو. هر آچر جي صبح نيئولي Neuilly چرچ جي اڳيان اخبار Action Francaise وڪڻڻ ٿي ويو. ٻه اڍائي ڪلاڪ کن شڪ ۾ هيٺ مٿي پنڌ ڪرڻ لڳو، هِتان هُتان ايندڙ ڇوڪريون ڪنهن ڪنهن مهل پنهنجائپ ڀريون نگاهون کڻي ڏانهس ڏسڻ ٿي لڳيون. تڏهن ئي ليوسين پاڻ کي خوش، سگهارو ۽ متفق ڀانئڻ ٿي لڳو. هو مرڪي انهن ڏي ڏسڻ ٿي لڳو. هن يارن جي جٿي جي اڳيان وضاحت ڪئي ته هو عورتن جي عزت ڪندو آهي ۽ هو انهيءَ سمجهه جي حاصلات تي ڏاڍو خوش آهي جنهن جي کيس ڏاڍي ڳولا هئي.

17 اپريل تي گيگارد پنهنجي ڀيڻ پئريٽي جي ارڙهين سالگره تي ناچ پارٽيءَ جو اهتمام ڪيو ۽ ان ۾ فطري طور ليوسين کي دعوت ڏني وئي. هن جي پئريٽي سان اڳ ئي سٺي دوستي هئي:- هوءَ کيس پنهنجو ”رقص جو ساٿي“ سڏيندي هئي ۽ هو ڪنهن حد تائين ان خيال ۾ مبتلا هو ته شايد هوءَ ساڻس پيار ٿي ڪري.

مادام گيگارد دعوت جي ماني ٺاهڻ ۽ وڌائڻ لاءِ الڳ سان عملو گهرايو هو. ليوسين ڪافي ڀيرا پئريٽيءَ سان رقص ڪيو. جنهن کانپوءِ گيگارد سان ملڻ ويو جيڪو ايندڙ دوستن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۾ مصروف هو.

”هيلو“ گيگارد چيو ”مون کي لڳو اوهين سڀ اڳ ئي هڪٻئي کي سڃاڻو ٿا:- فليوريئر، وئنس، ليڊوڪس“ جنهن مهل گيگارد دوستن جا نالا پئي کنيا ان مهل ليوسين گهنڊيدار ڳاڙهن وارن واري کير جهڙي چمڙيءَ سان، گهرن گهاٽن ڪارن ڀروئن واري هڪ نوجوان کي هٻڪندي سندن ويجهو ايندي ڏٺو ۽ ليوسين ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. ”هي ماڻهو هتي ڇا پيو ڪري؟“ هن حيرت مان چيو، گيگارد کي خبر به آهي ته مان يهودين کي برداشت نه ڪندو آهيان“

هو پٻن ڀر کڙو ٿي مهمانن جي تعارف کان لنوائڻ لڳو.

”اهو يهودي ڪير آهي“ هڪ گهڙيءَ کانپوءِ هن پئريٽيءَ کان پڇيو ”اهو وئل آهي“

”مون کي يهودين کان نفرت آهي“ ليوسين چيو. پئريٽي مرڪڻ لڳي.

”هي ڀلو ماڻهو آهي“ پئريٽي چيو، ”مون کي مانيءَ واري ٽيبل ڏي وٺي هل.“

ليوسين شئمپين جو هڪڙو گلاس پيتو. کيس رڳو ايستائين صبر کان ڪم وٺڻو هو جيستائين هو گيگارد ۽ وئل جي آمهون سامهون ٿئي.

هن گيگارد ڏي گهوريو ۽ پوءِ ڏانهنس پٺي ورائي ڇڏيائين، پر پئريٽي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ گيگارد کين ويجهو ٿيندي چيو، ”منهنجو دوست فليوريئر، منهنجو دوست وئل“ هن آرام سان چيو، ”اوهان جو تعارف ٿي ويو دوستو!“ وئل پنهنجو هٿ پوئتي ڪيو ۽ ليوسين پاڻ کي تڪليف ۾ مبتلا محسوس ڪيو. خوش قسمتيءَ سان ان مهل کيس ديسپيرو ياد اچي ويو:- ”فليوريئر يهوديءَ کي کڻي درياهه ۾ اڇلائي ها“ هن پنهنجا ٻئي هٿ پينٽ جي کيسن ۾ وڌا ۽ گيگارد ڏي پٺ ورائي روانو ٿيو. ”مان هن گهر ۾ وري ڪڏهن به پير نه رکندس“ هن پنهنجو ڪوٽ کڻندي سوچيو. هن پاڻ ۾ ڪڙو ڪسارو غرور محسوس ڪيو.

”اهو ڪجهه آهي جنهن کي تون پنهنجي خيالن ۽ نظرين جي پاسداري ڪرڻ ٿو چئين. تون سماج ۾ وڌيڪ رهي نه سگهندين.“ رستي ۾ هلندي هيڪر سندس سڄو غرور رجي ويو ۽ پاڻ ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويو.

”گيگارد ضرور ڪاوڙ ۾ هوندو“ هو پنهنجو مٿو ڌوڻيندي پنهنجو پاڻ کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ”هن جيڪڏهن مون کي دعوت ڏني هئي ته پوءِ کيس هڪ يهوديءَ کي گهرائڻ جو حق نه هو.“ پر هن جي ڪاوڙ سندس ساٿ ڇڏي ڏنو هو. هن وري بيچينيءَ سان وئل جو حيران منهن ڏٺو، سندس هٿ مان نڪتل هٿ ۽ هن محسوس ڪيو ته هن ساڻس مفاهمت ڪرڻ پئي گهري، پئريٽي سوچيندي هوندي ته مان صفا ڪو ڄٽ آهيان ۽ مون کي ساڻس هٿ ملائڻ گهربو هو. ان سان ڀلا منهنجو ڇا وڃي ها! هن سان دعا سلام ڪريان ۽ پوءِ پنهنجو رستو وٺان ها… بس… مون کي رڳو ايترو ئي ڪرڻ گهربو هو“ هن حيرت مان سوچيو ته آيا وٽس گيگارد جي وڃڻ جو وقت آهي الائي نه! کيس سڌو وئل ڏي وڃڻ گهرجي ۽ چوڻ گهرجي ”معاف ڪجان… مان ٺيڪ ته هئس“ کيس ساڻس هٿ ملائي ٻه چار لفظ ڳالهائڻ گهرجن. نه، گهڻي دير ٿي چڪي آهي، منهنجو طريقو ناقابل تلافي هو.

هن اذيت ۽ چڙ مان سوچيو ”مون کي ڪهڙو لاچار آهي ڀلا انهن ماڻهن کي پنهنجو رايو ڏيکارڻ جو جيڪي سمجهي نٿا سگهن“ هن پريشانيءَ جي عالم ۾ پنهنجا ڪلها لوڏيا: اهو هڪڙو وڏو حادثو هو. ٺيڪ ان مهل گيگارد ۽ پئريٽي سندس رويي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا هئا. گيگارد چئي رهيو هو ”هيءُ مڪمل طور چريو آهي“ ليوسين جون مُٺيون ڀيڙجي ويون“ ”اف خدا“ هن سوچيو ”آئون انهن کان ڪيڏي ٿو نفرت ڪيان؟ خدايا مان يهودين کان ڪيڏي ٿو نفرت ڪيان!“ ۽ هن پنهنجي انهيءَ اٿاهه نفرت مان سگهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو سڀ هڪ نهار سان رجي ويو ۽ بنهه فضوليات ۾ جين ليوئس بابت سوچيو جنهن جرمني مان ڏوڪڙ هٿ ڪري فرانسيسين کان نفرت ڪئي. هن مايوسيءَ سان ڀريل لاپرواهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه نه محسوس ڪيو.

ليوسين ڀاڳ وارو هو جو کيس ماد جو گهر لڀي ويو. هن کيس ٻڌايو ته ”آئون توسان ڏاڍو پيار ڪريان ٿو“ ۽ کيس پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو قصو به ٻڌايائين. ”سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو“ هن پنهنجو پاڻ کي چيو ”مون کان ڪجهه به ڪونه پڄندو“

”نه… نه“ ماد چيو ”ماٺ ڪر، ايئن نه چئو وڏا، ايئن چوڻ کان منع ٿيل آهي“ پر پوءِ هوءَ چپ ٿي وئي:- ليوسين سندس انگ انگ ٿي چمڻ چاهيو کيس سڀ ڪجهه ٻاراڻو ۽ نا معقول محسوس ٿيو، هن روئڻ چاهيو.

ٻي صبح هن اسڪول ۾ گيگارد کي ڏٺو ته کيس سيني ۾ سوڙهه محسوس ٿي. هو کيس مڪار محسوس ٿيو جنهن کيس نه ڏسڻ جي اداڪاري پئي ڪئي. ليوسين ڪاوڙ ۾ ايڏو تتل هو جو کانئس نوٽس کڻڻ به رهجي ويا. ”حرامي“ هن سوچيو ”حرامي ڪلاس کانپوءِ گيگارد وڌي اچي ساڻس مليو. صفا ڦڪو لڳو پيو هو.

”هن هڪڙو لفظ به ڪڍيو ته“ ليوسين سوچيو ”ڏند ڀڃي ڇڏيندومانس“

هو ٻئي ڪجهه لمحا هڪٻئي جي ڀر ۾ بيٺا پنهنجي پنهنجي پيرن جي آڱوٺن ڏي ڏسندا رهيا. پوءِ نيٺ گيگارد زخمي آواز ۾ چيو ”معاف ڪجانءِ جهونا! مون کي توسان ايئن نه ڪرڻ گهربو هو“

ليوسين بي يقيني مان ڏانهس نهاريو، پر گيگارد ساڳئي ذهني آواز ۾ ڳالهائڻ لڳو ”منهنجي هن سان ڪلاس روم ۾ ملاقات ٿي وئي… ڏس… ان ڪري مون سوچيو… مطلب هن مون کي پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏني… پر مان سمجهان ٿو… توکي خبر آهي… مون کي ايئن نه ڪرڻ گهربو… مون کي خبر ناهي ته اهو سڀ ڪيئن ٿي ويو، پر جنهن مهل مون دعوت ناما پئي لکيا ان مهل مون هڪ لمحي لاءِ به نه سوچيو ته…“ گيگارد کان وڌيڪ ڳالهايو نه ٿيو، ڇو جو سندس وات مان لفظ ٻاهر نه پئي نڪتا. هن پاڻ کي معافي جو طلبگار محسوس ڪيو… گيگارد ڪنڌ هيٺ ڪري چيو ”جيڪا سزا ڏين سا قبول…“ ”بس هاڻي ٺهيو معتبر…“ ليوسين سندس ڪلهي تي ٿڦڪي ڏيندي چيو ”مون کي خبر آهي ته تو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪونه ڪيو“ هن سخاوتي لهجي ۾ چيو ”مان به پنهنجي جاءِ تي غلط هئس… مون کي به اهڙو ورتاءُ: نه پيو جڳائي… پر تون ڪهڙي توقع ٿو ڪرين، هو مون کان وڌيڪ طاقتور آهي… مان انهن کي برداشت نٿو ڪري سگهان… اها حقيقت آهي… مون کي لڳندو آهي انهن جي هٿن تي ڇلر آهن… پئريٽي ڇا چيو؟“

”هوءَ چرين وانگر کلڻ لڳي“ گيگارد رحمدليءَ سان چيو.

”۽ هن همراهه“

”اهو سمجهي ويو، مون کان جيڪو پڳو سو مون چيو، پر پوءِ به هو پندرهن منٽ کن مس ويٺو.“

اڃان به وڌيڪ عاجزيءَ سان هن ڳالهه ۾ واڌارو ڪيو.

”منهنجي والدين جو چوڻ هو ته تون پنهنجي جاءِ تي صحيح هئين. پنهنجي اعتقاد جي تناظر ۾ ٻيو ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهئين!“

ليوسين ساڳئي لفظ تي زور ڏنو ”اعتقاد“ هن گيگارد کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ گهريو، ”اهڙو ڪجهه به ڪونهي جهونا مڙس!“ کيس چيائين ”اهڙو ڪجهه به ناهي، ڇو جو پاڻ اڃان به دوست آهيون.“

هو هيٺ بوليوارد سينٽ مائيڪل ڏي ڪنهن غير معمولي آزادگي ۽ وقار سان پسار ڪندو هليو. کيس پنهنجو پاڻ نظر نه پئي آيو. هن پاڻ کي چيو ”اهو سڀ ڀوڳ آهي، اهو مان نه آهيان، آئون پاڻ کي ڪونه ٿو سڃاڻان.“

موسم گرم ۽ وڻندڙ هئي:- ماڻهو پنهنجن چهرن تي بهار جي پهرين پرڪشش مرڪ ويڙهي گهمي رهيا هئا. ليوسين پاڻ کي انهيءَ نرم انبوهه ۾ اسٽيل جي سُنبي جيان کوڙي ڇڏيو. ”اهو آئون ڪونه آهيان، رڳو ڪالهه تائين آئون فيرولس جي ڪنهن ڍير ۾ پيل ڦنڊيل ڪيڙو هئس“

هاڻي ليوسين پاڻ کي گهڙيال وانگر صاف ۽ بلڪل صحيح محسوس ڪيو. هو ريسٽورينٽ لا سورس ۾ گهڙي ويو ۽ سونف جي شراب جو آرڊر ڏنائين. سندس يار دوست ڪونه آيا ڇو ته ريسٽورينٽ پناهگيرن سان ڏٽيو پيو هو، پر ان ڏينهن پناهگيرن ۽ يهودين کيس پريشان نه ڪيو. هن پاڻ کي انهن ٺوڙهه کي تيل لڳل وجودن جي وچ ۾ ڪجهه ڊنل ۽ غير رواجي حالت ۾ ڦاٿل محسوس ڪيو جن ۾ اهڙي هلچل متل هئي جيڪا هوا جي ڪري جون جي فصل ۾ متل هوندي آهي. هڪڙو اجگر جهڙو، ڳاڙهو گهڙيال بار ۾ لڙڪي رهيو هو.

هن خوشگوار حيرت سان جي پي نالي هڪ ننڍي قد واري يهوديءَ کي سڃاتو جيڪو ڊي ڊورئت فيڪلٽي جي ڪوريڊور ۾ آخري سيميسٽر دوران زخمي ٿي پيو هو. ٿلهي ۽ پريشان حال ننڍڙي درندي پاڻ وٽ ان ڌماڪي جا نشان سانڍي ڪونه رکيا هئا. هو ڪجهه دير تائين ضرور اونڌو ٿيو پيو هوندو ۽ پوءِ وري پنهنجو ساڳيو گول مول نمونو حاصل ڪري ورتو هوندو، پر منجهس ڪنهن حد تائين بي حيائيءَ جهڙي شڪست جي قبوليت موجود هئي.

في الحال هو خوش هو:- هن جيءُ ڀري اوٻاسيون ڏنيون. سج جو هڪ تجلو سندس ناسن سان اچي ٽڪريو. هو نڪ کنهندي مرڪڻ لڳو. ڇا اها مرڪ هئي؟؟ يا ان جي بجاءِ ڪو ننڍڙو ارتعاش هو جيڪي ٻاهر ڪٿي ڪنهن جاءِ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڄائو هو ۽ اچي مئو هو! سمورا پناهگير ڳري پاڻيءَ جي گهرائيءَ ۾ وهندا پئي ويا جنهن جي ڪُنن سندن کنئور جهڙي ليسدار جسم کي لوڏيو پئي، سندن ٻانهن کي مٿي اڀاريائين سندن آڱرين کي اشتعال ڏنائين ۽ سندن چپن سان ٿوري ٿوري راند ڪيائين. ويچارا حرامي! ليوسين کي مٿن ترس پئي آيو. اهي فرانس ڇو آيا آهن؟ ڇا انهن کي سامونڊي لهرون کڻي آيون آهن ۽ اچي هتي انهن کي کوڙيو اٿن. اهي ڪنهن ”جيلي فش“ کان وڌيڪ حيثيت نٿا رکن. ليوسين سوچيو، هو پاڻ ڪا جيلي فش ناهن، هنن جو انهيءَ بيعزتي نسل سان ڪو تعلق ناهي. هن پاڻ کي چيو ”آئون هڪڙو ٽوٻو آهيان“ پوءِ هو پناهگيرن ۽ انهن جي خبرن کي وساري ويٺو. هن رڳو هڪ پُٺي ڏٺي، هڪ موڪري، ڪُٻ نڪتل، ڳُرٽن واري اڳتي کان اڳتي ويندڙ، پنهنجي پاڻ ۾ شڪست کاڌل، ناقابل تسخير، ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل. هن گيگارد کي ڏٺو:- گيگارد صفا هيڊو لڳو پيو هو. هن پنهنجي اکين سان پٺيءَ جو پيڇو ڪيو ۽ نظر نه ايندڙ پئريٽي کي چيائين ”واهه! ڇا ڳالهه آهي“ ليوسين برداشت کان گهڻي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو. اها سگهاري ۽ تنها پٺي سندس پنهنجي ئي پٺي هئي ۽ اهو لقاءُ ڪالهه هڪ شديد قسم جي ڪوشش جي نتيجي طور هڪ لمحي لاءِ نظر آيو هو، هو گيگارد هو، هن گيگارد جي عاجزي ڏٺي ۽ پاڻ کي وڏي لطف اندوزي سان ڊنل محسوس ڪيائين.

”ڀلي انهن کي اهو سبق هجي“ هن سوچيو. منظر بدلجي ويو:- اها پئريٽي جي نويڪلائيءَ ۾ ويهڻ واري جاءِ هئي. اهو سڀ مستقبل ۾ رونما ٿي رهيو هو. گيگارد ۽ پئريٽي هڪ دعوت نامن جي لسٽ ۾ لکيل نالن مان هڪ نالي ڏي اشارو پئي ڪيو. ليوسين اتي موجود نه هو، پر سندس سگهه انهن جي مٿان هئي. گيگارد چيو پئي ”اوهه! نه…! اهو ته نه! اهو ليوسين لاءِ صحيح نه رهندو. ليوسين يهودين کي برداشت نه ڪري سگهندو آهي“

ليوسين هڪ ڀيرو وري پنهنجو پاڻ کي پڙهيو، هن سوچيو ”مان ليوسين آهيان، هڪ شخص جيڪو يهودين کي برداشت نه ڪندو آهي. هن اهو جملو اڳ به ڪئي ڀيرا اچاريو هو، پر هن دفعي اهو اچار اڳ کان بلڪل مختلف هو. بلڪل ظاهر ظهور اهو هڪ سادو بيان هو، بلڪل ايئن جيئن ڪنهن چيو هجي ”ليوسين کي پٽاٽا پسند ڪونه آهن“ يا ”ليوسين نچڻ ٿو چاهي“ پر ان ۾ غلطيءَ جي ڪا گنجائش نه هئي. ممڪن آهي ته نچڻ لاءِ رغبت ان ڄامڙي يهوديءَ ۾ به هجي جنهن جي ڪنهن ڪيڙي ماڪوڙي يا مک جهڙي حيثيت به نه هجي:- اوهان سڀني کي ان لاءِ رڳو ايترو ڪشٽ ڪرڻو پوندو جو اوهان کي ڪنهن لعنتي يهودي ڏي رڳو اهو ڄاڻڻ لاءِ نهارڻو هوندو ته ڪيئن سندس پسند ۽ نا پسند ساڻس سندس بوءِ جيان چنبڙيل هوندي آهي، سندس چمڙيءَ جي عڪسن جيان جيڪي سندس اکين جي ڳئورن چيرن جي هڪ ڇنڀڪي سان گم ٿي ويندا آهن. سندس ڀاري ڀرڪم، گپ جهڙي مرڪ وانگر، پر ليوسين جو تعصب اڃان ڪنهن ٻئي قسم جو هو:- اڻ ڌريو ۽ نج نبار! اسٽيل جي بليڊ وانگر ٻاهر نڪتل ۽ ٻين جون ڇاتيون ڇليندڙ! ”اهو… پوتر آهي“ هن سوچيو. کيس ٻاروتڻ ۾ ٻڏل ماءُ جو هڪ يقيني انداز ۽ آواز ۾ چيل مخصوص جملو ياد آيو ”پڻهين آفيس ۾ ڪم پيو ڪري.“

اهو جملو ڄڻ ڪو اهڙو مقدس قائدو هجي جيڪو منجهس اوچتو ڪو مذهبي فرض جو دائرو جوڙي وجهندو هو جيئن پنهنجي هوائي بندوق سان نه کيڏڻ ۽ نه ئي هن طرح رڙيون ڪرڻ ”تارا را را را بوم…“

هو پٻن تي هلندو هال کان هيٺ لٿو ۽ ايئن هلڻ لڳو ڄڻ ڪنهن گرجا گهر ۾ هجي. ”هاڻي منهنجو وارو آهي“ هن اطمينان سان سوچيو، هنن پنهنجو آواز ڌيمو ڪندي چيو ”ليوسين يهودين کي پسند نٿو ڪري“ ۽ ماڻهو پاڻ کي معذور محسوس ڪندا، ڦڦڙن مان پار ٿيل ننڍڙن تيرن جو ايذائيندڙ جٿو. ”گيگارد ۽ پئريٽي“ هن نرميءَ سان چيو ”صفا ٻار آهين“

اهي کڻي ڏوهاري هجن، پر ليوسين لاءِ کين ڏنڍو ڏيکارڻ ڪافي هو ۽ اهي پڇتاءُ ۾ مبتلا ٿي وڃن! انهن سرٻاٽن ۾ ڳالهايو هو ۽ پٻن ڀر هلڻ لڳا هئا.

ليوسين ٻيو دفعو پاڻ کي پنهنجي لاءِ گهڻي عزت نفس سان ڀريل تريل محسوس ڪيو، پر هن دفعي کيس گيگارد جي گناهن جي گهرج نه پئي. هو پاڻ پنهنجي اکين ۾ قابل عزت ظاهر ٿيو، چنجهون اکيون جن نيٺ سندس گوشت پوست جو يا پسند نا پسند، عادتن ۽ طنز جو پردو ڦاڙي ڦٽي ڪيو.

”مون جتي پنهنجي پاڻ کي ڳوليو“ هن سوچيو ”آئون پاڻ کي لڀي نه سگهيس“

ايئن مڙئي پنهنجي خوشيءَ لاءِ هن ان جي ڳڻپ ڪئي جيڪو ڪجهه هو ”هئو“. ”پر جيڪڏهن آئون رڳو اهو ٿي سگهيس جيڪو ڪجهه آئون آهيان ته پوءِ منهنجي حيثيت ڪنهن ٽڪي جي ڄامڙي يهودي کان وڌيڪ نه هوندي.“

هن لئي جهڙي مادي واري قربت مان ڪو آخر ڇا ٿو دريافت ڪري سگهي؟ جيڪڏهن گوشت جو لوٿڙو نه هجيس ته! برابري ۽ ذهني انتشار جو واحيات ڪوڙ؟؟

”پهريون اصول“ ليوسين چيو ”ڪوشش نه ڪرڻ ۽ پنهنجي اندرئين پاسي نه ڏسڻ، ان کان وڌيڪ خطرناڪ غلطي ڪابه ناهي. حقيقي ليوسين، جنهن کي هاڻي هو سڃاڻي ٿو، کي ٻين جي اکين ۾ ڳولڻ گهريو ٿي، پئريٽي ۽ گيگارد جي ڊنل فرمانبرداريءَ ۾ انهن سمورن وجود جي پر اميد اوسيئڙن ۾ جيڪي هن لاءِ وڌيا ويجهيا ۽ پچي راس ٿيا. هي جواڻ جماڻ شاگرد جيڪي سندس ڪارڪن بڻيا، فيرولس جا ماڻهو، عظيم ۽ پتڪڙا جن جو هڪ ڏينهن هو مالڪ بڻجندو.

ليوسين گهڻي ڀاڱي ڊنل هو، هن پنهنجو پاڻ لاءِ ڏاڍو شاندار بلڪه عظيم احساس محسوس ڪيو. گهڻا ماڻهو سندس اوسيئڙي ۾ هئا، پوري توجهه سان:- ۽ هو ٻين لاءِ هميشه هڪ وڏو انتظار هو ۽ ”انتظاري“ بڻجي رهڻو هو. ”اهو آهي سرواڻ“ هن سوچيو ۽ هن هڪ ڳرٽن واري ڪُٻي پٺي ظاهر ٿيندي ڏٺي ۽ ان کان سُتت پوءِ ان جي پويان ۽ گرجا گهر. هو اندرئين پاسي هو ۽ پٻن ڀر هلڪي روشنيءَ جي دائري ۾ بيٺل هو، جيڪا روشني دريءَ مان ڇڻي رهي هئي. ”فقط هن دفعي مان هڪڙو گرجا گهر آهيان“

هن پنهنجي دراز قد ڪيوبائي پاڙيسريءَ ڏي گهوري ڏٺو جيڪو ڪنهن سگار وانگر ناسي هو. کيس لازمي طور اهڙا لفظ ڳولڻا پوندا جن ۾ هو هن غير معمولي دريافت جو اظهار ڪري سگهي.

هن خاموشي ۽ احتياط سان پنهنجو هٿ پنهنجي منهن تائين آندو ڪنهن ٻرندڙ قنديل جيان، سوچ ۾ ٻڏل ۽ ڪنهن مقدس احساس هيٺ هڪ لمحي لاءِ ڪنهن آنڌ مانڌ ۾ مبتلا رهيو ۽ لفظ پاڻ مرادو اڀري آيا ”مون کي حق آهن“ حق:- دائرن ۽ ٽڪنڊن جهڙي ڪا شيءِ: اهو اهڙو ته ڪامل هو جو ان جو وجود نه هو. توهان ڪنهن قطب نما سان فضول ۾ هزارين دائرا ڳولي پئي سگهيا، پر اوهان ڇڙو هڪ دائرو به ٺاهي نه پئي سگهيا. پورهيتن جا ڪيئي نسل ليوسين جي حڪمن جي هوشياريءَ سان تعميل ڪري سگهن ٿا:-

اهي سندس حڪم جي حق جي انحرافي ڪڏهن به نٿا ڪري سگهن. حق حسابي ڪتابي فارمولا ۽ مذهبي اصولن وانگر وجود کان پري جي شيءِ آهن ۽ هاڻي ليوسين فقط اهو هو:- حقن ۽ ذميوارين جو گلدستو.

هن جو خيال هو ته هو اتفاقي طور گهڻي وقت کان موجود رهيو آهي، پر ايئن سمجهه جي ڪافي کوٽ جي ڪري ٿيو آهي. سندس ڄم کان گهڻو وقت اڳ ئي سج جي هيٺان سندس جنم اسٿان فيرولس ۾ نشانبر ٿي چڪو هو. اهي سندس پيءُ جي شاديءَ کان اڳ ئي وڏي وقت کان سندس انتظار ڪري رهيا هئا. ڄمڻ جي صورت ۾ کيس ان جاءِ تي ئي قبضو ڄمائڻو هو.

”مان موجود آهيان…“ هن سوچيو ”ڇاڪاڻ جو مون کي موجود هجڻ جو حق آهي“ شايد پهريون ڀيرو پنهنجي قسمت بابت هڪڙو چمڪندڙ دمڪندڙ شاندار تصور جڙيو هو.

دير سوير هو سينترال وڃڻو هو ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي. جنهن کانپوءِ هن کان ماد مان جند ڇڏائڻي هئي (جنهن هميشه ۽ هر وقت ساڻس سمهڻ ٿي چاهيو، اهو ڏاڍو ٿڪائيندڙ هو:- بهار جي شديد گرميءَ ۾ سندن منڌل گوشت پوست مان اوڀارا ڏيئي نڪرندڙ سڙيل ڪوئي جهڙي بدبوءِ! ”۽ ها ان کان سواءِ ماد جو واسطو سڀني سان آهي. اڄ مون سان ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي سان! اها ته ڪا چڱي ڳالهه نه چئبي!“) هو ضرور ويندو ۽ وڃي فيرولس ۾ رهندو. فرانس جي ڪنهن ڪُنڊ ڪناري تي هڪ ڀوري وينگس رهي ٿي جنهن جو نالو پئريٽي آهي. ٻهراڙيءَ جي هڪ نينگري جنهن جا نيڻ گلن جهڙا آهن، جنهن پاڻ کي هن لاءِ اڃان پاڪ پوتر رکيو آهي: ڪنهن ڪنهن پل هن پنهنجي مستقبل جي ڀُتار جو تصور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن نرم ۽ خطرناڪ شخص جي تصور جي ڪوشش، پر ڪامياب نه ٿي سگهي! اها ڪنواري آهي! جنهن پنهنجي بدن جي سڀ کان وڌيڪ لڪل حصي ۾ ليوسين جي مالڪيءَ واري حق تي کيس حاصل ڪرڻ لاءِ سڃاتو! هو ساڻس وهانءُ ڪندو، هوءَ سندس وني ٿيندي، سندس حقن جي حقي وار جي مالڪياڻي! جڏهن شام جو هوءَ نفيس ۽ مقدس نهار سان ننگي ٿيندي ته ڄڻ تباهي مچي ويندي. هو کيس پنهنجي ٻانهن ۾ کڻندو، سڀني ماڻهن جي راضپي ۽ اجازت سان ۽ کيس چوندو ”تون مون سان وابسته آهين، منهنجي آهين“

هوءَ کيس ڇا ڏيکاريندي، هن کي پنهنجو سڀ ڪجهه کيس ڏيکارڻ جو حق حاصل هوندو، فقط هن لاءِ پيار جو عمل سندس شين جي خوشگوار جنسي ڳڻپ بڻجندو. سندس وڌ ۾ وڌ نصيب حق، هن جو انتهائي ويجهڙائپ وارو حق، جسم جي گهرائيت جي احترام جو حق! بستر تائين فرمانبرداري جو حق!

”آئون نوورتيءَ سان پرڻجندس“ هن سوچيو.

هن اهو پڻ سوچيو ته هو چاهيندو ته کيس گهڻا ٻار هجن. پوءِ هن پنهنجي پيءُ جي ڪم بابت سوچيو. ان بابت هو ڏاڍو بي صبرو هو ۽ حيرت مان سوچيائين ته جيڪڏهن پڻس جلدي نٿو مري ته پوءِ؟

گهڙيال منجهند جي نهل جو اعلان ڪيو:- ليوسين اٿي کڙو ٿيو:- هاڻي فرانسيسين جي وچ ۾ هڪ مرد هڪ اڳواڻ ڇڏي ويو.

ليوسين فرانسيسي صبح جي حسناڪ سهائيءَ ۾ چند قدم کنيا. ريو ڊيس ايڪولس ۽ بوليوارد سينٽ مائيڪل جي هڪ ڪنڊ ۾ موجود هڪ دڪان تي وڌي ويو ۽ اتي لڳل درسنيءَ ۾ پاڻ کي ڏٺائين. هن پنهنجي منهن تي ليموردانت وارو اهو ناقابل تسخير تاثر ڏسڻ چاهيو ٿي جنهن کي هن ڏاڍاو ساراهيو هو، پر درسني ان وڻندڙ سرڪش ننڍي چهري جو عڪس ظاهر ڪيو جيڪو اڃان ايترو گهڻو ڀوائتو نه هو.

”آئون مُڇون رکائيندس“ هن فيصلو ڪيو. …(پورو ٿيو)…

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments