ادبماهوار ميگزين

ننڍڙي عمر جو وڏو ماڻهو: احمد شاڪر : عاشق چانڊيو

ھونئن ته ھن سان ادبي واسطو آهي، پر ھاڻي اھو واسطو ذاتي تعلق ۾ به بدلجي ويو آهي، پر اسان ٻنھي ۾ جيڪو گھڻو اُنس آهي اھو اصل ۾ ڪاڇي جي ڪري آهي، جو ھن جو اباڻو ڳوٺ به ڪاڇو آهي. جيتوڻيڪ ھو پيدا سعودي عرب ۾ ٿيو هو جو سندس ابو امڙ اتي به رھيا ھئا. ھن جو والد شايد مزدوري سانگي ئي سعودي عرب رھيو ھو يا ھن جي دماغ ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي اولاد کي سُکيي رکڻ جي خواھش ھئي يا ته وري سندس والد ڀَلي پارَ ھئڻ جي سِڪ کڻي ھتي زيارتون ۽ عبادت گذاري ڪرڻ لاءِ رھي پيو ھو! اھا ته مون کي مڪمل ڄاڻ ناھي، پر شايد اُھا ته کيس به خبر نه ھوندي جو احمد شاڪر تنھن وقت اڃان ننڍو ئي ھو جو سندس والد گھڻو ڏور ھليو ويو ھو.

پنھنجي والد جي وفات کانپوءِ احمد ۽ سندس گھر وارن جيڪا نه ڏُکي زندگي گذاري ھوندي، اُھا ته کين ئي سُڌ ھوندي، پر ڪڏهن ڪڏهن احمد کي انھن ڏُکن جا پُور پوندا آهن ته ھو ڪي ڳالھڙيون پني تي اتاري ڇڏيندو آهي ۽ اُھي ڳالھيون جڏهن پڙھبيون آهن پوءِ ھيڪرَ ته دل سَٽَ کائي ويندي آهي ته ”اُن ننڍڙي ٻار تان ڇا گذري ھوندي جنهن کي پنهنجي پيءُ جو پيار پلئه ته نه پيو، پر کيس اھا به خبر نه آهي ته ھن جو چھرو ڪھڙو ھو ۽ ھو پنھنجي قد بُت ۾ ڪيئن ھو ۽ پنھنجي طبيعت ۾ ڪھڙي مزاج جو مالڪ هو.“ ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ ھن جي اڍائي سالن جي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو هو.

ھونئن ته احمد شاڪر ڏک لڪائيندو به آهي جو ھو ھڪڙو پڙھيل لکيل نوجوان ته آهي ئي، پر شاعر به آهي ۽ لطيف سان اُنس به اٿس ۽ لطيف چيو آهي ته؛

”ڏک سُکن جي سونھنَ، گھوريا سک ڏکن ريءَ“

۽ احمد به سمجهي ورتو آهي ته ”ڏک سُکن جي سونھن آھن ۽ اھڙي سونهن ڀَري دولت ورھائبي آهي ڇا!؟“ صرف ايستائين ئي نه پر ھو درد لڪائڻ به ڄاڻي ٿو. ھڪ ڀيري آئون ساڻس ميھڙ ۾ مليو ھئس ۽ اتي پاڻ ڪچھري پئي ڪئي سين ۽ اُتي مون احمد کان ھڪڙو اھڙو سوال پُڇي ورتو، جنھن تي احمد جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا، پر ان کان اڳي جو سندس ڳوڙھا ڳلنَ تي ڪِرن، ھو لبن تي مسڪراهٽ آڻي اُھو سڄو درد پي ويو. مون کي اُن مھل نارائڻ شيام جو ھي شعر دل تي تري آيو ھو ته؛

”ڳوڙها ڳڙي ڳلَ تي ڪِرن، ان کان اڳ

مسڪراهٽن کي جي لبن تي نچائين ته مڃانءِ.“

مون کي ھينئر اھو سوال ياد نٿو اچي. باقي ڪڏهن ڪڏهن ته سمنڊ به ڪناري تي ڪا تيز ڇولي اُڇليندو آهي سو احمد به ڪڏھن ڪا اھڙي ڳالهه لکي ويھندو آهي جو پڙھندڙ جي اکين ۾ به ڳوڙھا اچي ويندا آهن.

ھن کي شاعري احمد علي مان احمد شاڪر بڻائي ڇڏيو، پر ھو شاعر ڪيئن بڻيو!؟

ان لاءِ ھو ٻڌائي ٿو ته؛

”امان جو ڏاڏو لوڪ گيتن جو شاعر ۽ وڏو ڀاءُ علي دوست عاجز به شاعر ته امان ۾ به شاعراڻيون خوبيون آهن ۽ اُن سلسلي جي ڪڙي ڪونه ٽُٽي ۽ آئون به شاعري جي راھ تي رمندو رھان ٿو.“

سو احمد کي شاعري ڏانھن پنھنجو بنياد کڻي آيو آهي. جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته؛ ”ڀِت بنياد تي ويندي آهي.“

احمد شاڪر ڏکن جي ڏيھ ۾ رھندي ڏک سھڻ جو عادي ٿي ويو آهي جو ھن ڪڏهن ته اَنَ جي بدران درد به کاڌا آهن. ھاڻي ھن ڏکن کي پاسيرو ڪري خوش رھي جيئڻ به سِکي ورتو آهي ۽ جيئڻو به ته آهي! ھو ننڍڙي عمر جو وڏو ماڻهو آهي. ڇو ته ھن ڏک ڏٺا آهن ۽ ڏُک ئي ماڻهو کي وڏو ماڻهو بڻائين ٿا ۽ جيئڻ جو گَسُ ڏيکارين ٿا.

”ڏکڻ ڏيکاريس، گوندر گسُ پرينءَ جو.“ (شاهه)

ھاڻي ھو ميھڙ ۾ رھي ٿو. ھو محنتي به ڏاڍو آهي جو پنهنجي ھن ننڍڙي عمر ۾ ھن سنڌي ادب کي ڇھ ڪتاب ڏنا آهن ۽ پنهنجي ھڪڙي دوست رحمت سومري سان گڏجي ڪتابي سلسلو ”ابابيل“ به آڻي رھيو آھي جنھن جون ھينئر تائين اٺَ ڪڙيون شايع ٿي چڪيون آهن. احمد پنھنجي باري ۾ چوندو آهي؛ ”ڇا ھو جان ڪيٽس جيتري عمر ماڻي سگھندو!؟“ پر اسان چئون ٿا ته ”جان ڪيٽس جيتري عمر ڇو احمد! مولا شل تنھنجي عمر دراز ڪري!“