خاص

نواز شريف جي لنڊن روانگي، پي ٽي آءِ کي شديد جهٽڪو: فواد چوڌري

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لنڊن روانگي پي ٽي آئي کي وڏو جهٽڪو قرار ڏنو آهي. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جي واپسي لاءِ برطانوي حڪومت سان رابطو صحيح فيصلو آهي، نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽن جي انڪوائري به درست آهي. هن چيو ته نواز شريف جي لنڊن روانگي پي ٽي آءِ بيانيي ۽ احتساب جي عمل کي شديد جهٽڪو ڏنو، ڪوڙين رپورٽن جي تياري ۾ جن ماڻهن جو ڪردار آهي انهن کي عبرت جو نشانو بنائڻ گهرجي.