بلاگ

نوجوانن سان مخاطب ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي : شوڪت لوهار

اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، جتي ڄاوا نپيا آهيون، اسين سڀ ان جو ئي عڪس هوندا آهيون. ظاهر آهي ته جيڪو گهر، گهٽي ۽ پاڙي ۾ ٿي رهيو هوندو آهي، اسين هوبهو ان جي ئي تصوير بڻجندا آهيون. مائٽن جون خواهشون ڪجهه هونديون آهن ۽ اسان جون ترجيحون ڪجهه ٻيون هونديون آهن، اهو ئي سبب آهي ته اسان جو نوجوان هڪ وڏي بحراني حالت مان گذري ٿو ۽ هو بيوس ۽ لاچار ٿي اهڙن هٿن ۾ هليو وڃي ٿو جيڪي کيس هڪ اونداهي کاهي ۾ ڪيرائي وجهن ٿا. اسان وٽ نوجوان سان ڪلام ڪرڻ، ان سان گفتگو ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي، اعتماد جي کوٽ، سياسي سماجي طرح اڻ ڄاڻائي کيس بند گلي ۾ اچي بيهاري ٿي ۽ اسان جو نوجوان ڪنهن ريڊيڪل تنظيم جو آسان شڪار ٿي سندس لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي ٿو. اصل نقصان، ناقابل تلافي نقصان ته انهن والدين جو ٿئي ٿو جيڪي باقي زندگي بس ايئن لاش بڻجي گذارين ٿا.

ذاتي منهنجو ڪِرت اهڙو آهي، جنهن ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت سنڌ صوبي جي نوجوانن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو ڪافي موقعو ملي ٿو ۽ پوءِ انهن وٽ جيڪي مونجهارا آهن انهن سان منهن هان منهن ٿيڻو پوي ٿو.

جنهن دور ۾ اسين رهون پيا، عجيب ويڳاڻپ جو دور آهي، هڪ بلڪل ئي نه سمجهه ۾ ايندڙ دور، هڪ طرف غربت جي اها حالت آهي جو ماڻهو ٻن ويلن جي ماني پٺيان خوار ٿي رهيا آهن. ملڪ جي اڌ کان مٿي آبادي کي کاڌ خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن. وطن عزيز ۾ هٿيار ته موجود آهن، پر ڪورونا جهڙي وبا لاءِ ويڪسين ڪونه آهي، ويڪسين جي موجودگي جي حوالي سان اسان جا پاڙيسري ملڪ انڊيا، سريلنڪا، بنگلاديش به اسان کان ٻه قدم اڳتي آهن. مهانگائي جي حالت اها آهي جو ڪنهن به شيءِ جا اگهه پار مقرر ڪونه آهن. جنهن کي جيئن وڻي ٿو، اهو ايئن ئي وڪڻي ٿو. اسان جهڙا ملڪ هونئن ئي، ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن تي هلندا آهن ۽ غريب جي رت جو سودو ڪري حڪمران پنهنجي حڪومت جو عرصو پورو ڪندا آهن. ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن، روزگار جا سڀ وسيلا بند آهن، ڪورونا عام عوام جي چيلهه چٻي ڪري ٻه اڌ ڪري وڌي آهي. ٻيو پاسو اهو آهي ته شاپنگ مال ماڻهن جي هجومن سان ڀريا پيا آهن ۽ روز روز نت نوان برانڊ متعارف ٿي رهيا آهن. گاڏين جون قيمتون روزانو جي حساب سان وڌي رهيون آهن. هڪڙي ڳالهه ته طئي آهي ته هي ملڪ صرف شاهوڪار ماڻهن جي رهڻ جي جڳهه آهي، هتي غريب جي ڪابه گنجائش نه آهي. ماڻهن کي قرضي ڪرڻ لاءِ بئنڪون روزانو نت نوان ٽڪساٽ ٺاهي نمائندن کي عوام جي زندگي تيل ڪرڻ لاءِ لاهين ٿيون. بئنڪن جو سڄو ڪاروبار وياج تي هلندو آهي. پوري خطي ۾ اسان وٽ وياج جو ريٽ سڀ کان وڌيڪ آهي. انهيءَ کان به ابتر ڳالهه آهي شخصي وياج يعني ڪي ماڻهو ڪجهه غريب ماڻهن جي مجبوري جو فائدو وٺي انهن کي وياج ڏين ٿا. اهو شخصي وياج پنهنجي پنهنجي طريقي ۽ شرطن تي طئي ڪيو وڃي ٿو. اها ئي وجهه آهي جو وياج جا اصل پئسا لهي وڃن ٿا، پر وياجي جي وياج مان جان نٿي ڇٽي. ضلعي تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي حڪومت کي هن مسئلي کي ائڊريس ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وياج تي پئسا وٺندڙ مجبور ماڻهو وياج جا پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ گهر، مال، ملڪيت وڪڻي آخر ۾ خودڪشيون ڪريو ڇڏين ٿا، پر وياجي مان جان نٿي ڇٽي. ان طرف سوچڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

نوجوانن جي ڳالهه ڏانهن موٽ کائون ٿا، ڳالهه ٻول ۾ ڪجهه هيٺيان مسئلا آهن، جيڪي نوجوانن کي درپيش آهن. اعتماد جي کوٽ آهي. ڊجيٽل نشو ايتري حد تائين وڌي ويو آهي، جو هاڻ اهو بي قابو لڳي ٿو. مائٽن ۽ پاڻ کان وڏن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. موجود تعليم جو سندن لاءِ بي لاڀ ٿي وڃڻ، منجهن تنقيدي سوچ جو نه اڀرڻ ۽ ان بابت ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ جي ڪري ڪو فيصلو نه ڪري سگهڻ ۽ شين ۽ لقائن کي سائنسي انداز ۾ سمجهڻ جي اڻاٺ عام آهي. نوڪري وغيره ڪرڻ کان عار محسوس ڪرڻ، صرف سرڪاري نوڪري جو انتظار ڪرڻ، ڪوبه ننڍو وڏو ڪاروبار نه ڪرڻ يا ان جي ڪرڻ لاءِ ارادي جي کوٽ، ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت بحث نه ٿيڻ، مذهبيت ۽ فرقيواريت بابت صفا تيز ۽ تکا خيال رکڻ وغيره وغيره.

جنس بابت صحيح معلومات نه هئڻ ۽ مونجهارن ڪري نفسياتي اوجهڙن ۾ ڦاسڻ وغيره. اڄ جي نوجوان کي ڪوبه گهڻي ڀاڱي پاڙيوارو خراب يا بگاڙي نه رهيو آهي، بلڪه موبائل نالي هڪ عجيب شيءِ اسان نوجوان توڙي وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ هاڻ هڪ عذاب بڻجي ويئي آهي. ٽيڪنالاجي پنهنجو پاڻ خراب ناهي، اهو اسان تي آهي ته اسان ان مان ڇا کڻون ٿا؟ ڇري جو ڪم سبزي وغيره ڪٽڻ آهي يا اها ساڳي ڇُري ماڻهو مارڻ جي به ڪم اچي ٿي. ڳالهه اها آهي ته آخر احتياط به ڪيستائين؟ چويهه ڪلاڪ ڪير هجي جيڪو بيهي نگراني ڪري ته ٻار موبائل ۾ ڇا ٿا ڏسن ۽ هو ان جو ڪهڙو استعمال ڪن ٿا؟ اهو ناممڪن آهي. موبائل جي غلط يا صحيح استعمال جو فيصلو آئون نٿو ڪري سگهان، پر ان جو گهڻو واهپو اسان جي نوجوان کي ناڪاره ضرور ڪري رهيو آهي. مون اها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته اڄ جي نوجوان جا اکر اهڙا ناهن جيڪي اڳ پٽي تي تيار ٿيل شاگرد جا هئا يا هن وٽ اهو ڏانءُ ڪونه آهي جيڪو کيس ڪجهه وقت لاءِ فطرت سان جوڙي سگهي. اسان جي چوڌاري وڻ، پکي، آسمان، هوائون ۽ ڍنڍون ڍورا به آهن، راند يا اسپورٽ ڪنهن به نوجوان جي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پر اسان وٽ هاڻ راند به ايئن ختم ٿيندي پئي وڃي، جيئن دنيا مان پانڊا ختم ٿي رهيو آهي. نتيجي ۾ ننڍي عمر ۾ روڳ، بيماريون ۽ ابتي ٿيل ديڳ جهڙا اسان جا وڌيل پيٽ انهيءَ ڳالهه جي چغلي هڻن ٿا ته هاڻ ڪم پورا آهن. رانديون سڀ موبائل ۾ پب جي وغيره هاڻ راند چئبو ئي انهي کي آهي جيڪا ميدان تي کيڏي وڃي، هي ڪهڙي راند آهي جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ اکيون اسڪرين ۾ ڦاسائي ڪئي وڃي. ظاهر آهي جو هاڻ ويهه يا ٽيهه سالن ۾ جهڙو ڦيرو اسان جي زندگين ۾ آيو آهي، اهو گذريل چاليهه سالن کان به وڌيڪ آهي. هن وقت زندگي هڻ هڻا، وٺ وٺان جو شڪار ٿي ويئي آهي. وفا، سچائي، ايمانداري، ڪردار، تخليقيت، نواڻ، گرم جوشي وڏن جو احترام، مهمان نوازي سڀ ڪجهه تڇ بڻجي رهجي ويا آهن.

ماڻهو اسان وٽ پڙهيل گهٽ هوندا آهن، پر ان جي نمائش ايتري ڪندا آهن، جو اوهان جو پڙهڻ مان ارواهه ئي کڄي ويندو آهي.

شل نه ڪو غريبڙو، ڪو شاگرد، ڪو حاضرين مان مسڪين ماڻهو اٿي سوال ڪري يا ڪتاب پڙهڻ جو پڇي بس پوءِ ته اسان وارا راٻڙي چي گويرا ۽ ڪوڙا دانشور ان غريب تي اڌ ڪلاڪ ته ٽوڪ ڪندا جيئن هو وري زندگي ۾ ڪڏهن اٿي نه سگهي ۽ جيڪو علم سڄڻن وٽ آهي بس اهو آخري علم هو باقي دڪان ئي بند ٿي ويو. پاڻ کي ذري گهٽ ڏيڍ سقراط سمجهندڙ انهن ماڻهن علم دوست شعور دوست ماڻهن جو اڳتي وڌڻ کان ارواهه ئي کڻائي ڇڏيو آهي.

درسگاهن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب شاگردن ۾ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ناڪام ويو آهي. اهو ڪهڙو سبب آهي جو هو ڪوڙ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل ڪنهن پکي جيئان محسوس ڪري ٿو. ڪجهه دوست ڪتاب پڙهن ٿا، پر اهو ٽرينڊ عام نه ٿي سگهيو آهي. درسگاهن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ هڪ عام شاگرد کي ڳالهائڻ، سوال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. استادن جون پنهنجون مجبوريون آهن، هو پروموشن جي چڪر ۾ پنهنجي اصلي ڪرت يعني درس ۽ تدريس کي اها اهميت نٿا ڏين جيڪا انهن کي گهربل آهي. ايم. فل پي. ايڇ ڊي ڪرڻ ۽ مقالا پورا ڪرڻ جي موت جي کوهه ۾ هلندي هو به شاگرد جي سهائتا لاءِ بي لاڀ آهن. شاگرد تنظيمن تي پابندي جي ڪري شاگرد جي سياسي سماجي تربيت ڪونه پئي ٿئي. اسان وٽ ڪيريئر جي چوائس ايتري گهٽ آهي جو ان لاءِ اسان کي وڌيڪ پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. پڙهائي دوران انگريزي نه اچڻ به هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي، جيڪو ڪنهن چڱي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. انگلش تي مهارت يا ان بابت جوڳي قابليت حاصل ڪرڻ ايترو ڏکيو عمل به نه آهي جو اهو ناممڪن هجي. ٿوري محنت ۽ لڳاتار مشق سازي ڪري اوهان انگلش سکي سگهو ٿا. انگريزي اسان کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ جي ڪم اچي ٿي، ان کي سکڻ لاءِ انگريزي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان اوهان ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ ڀڙ ٿي سگهو ٿا. ان لاءِ هڪ مطالعاتي رٿاStudy Plan  ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ٽي يا ڇهن مهينن تي مشتمل هجي. گوگل اڄ جو وڏو استاد آهي، ان مان تمام گهڻو لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. انگريزي سکڻ لاءِ پڻ يوٽيوب ۽ گوگل گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. انهيءَ کان علاوه ڪوبه انگريزي ٻوليءَ جو ڄاڻو اسان جي ان ڏس ۾ رهنمائي ڪري سگهي ٿو، پر اسان وٽ 16 درجا پڙهڻ جي باوجود اسان انگريزي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ايترائي جڏا ۽ مُڏا هوندا آهيون، جيترو ڪو عربي ڳالهائيندڙ سنڌي سکڻ دوران. اسان جي نوجوان کي تڪڙا ۽ فوري حل گهرجن صبر ان وٽ بلڪل نه آهي، صبر سکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. انتظار ڪرڻ ۽ مشڪلن جو مقابلو ڪرڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت جي ضرورت آهي. اسان سڀني کيSWOT  فارمولي تحت پنهنجي مشڪل کي حل ڪرڻ گهرجي.

يعني: SWOT=Strength, Weakness, Opportunities, Threats

اوهان جي طاقت، اوهان جي ڪمزوري، اوهان وٽ موقعا ڪيترا آهن ۽ اوهان کي ڪهڙا ڪهڙا خطرا درپيش آهن. جيڪي مائٽ هي لکڻي پڙهي رهيا آهن ته انهن لاءِ عرض آهي ته پٽ ۽ ڌيءَ کي هڪ جهڙو ٽريٽ ڪريو. پٽ کي گهر جي ڪم ڪار ۾ شامل نه ڪري ان کي ٻاهرين دنيا لاءِ به اوهان نڪمو بڻائي رهيا آهيو. ضروري نه آهي ته هر وقت ڀيڻ ئي ڪپڙا استري ڪري ڏي، ڀاءُ کي ڪپڙا استري ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ رڌ پچاءُ اچڻ گهرجي. اهو هڪ هنر آهي، پر نه اسان جو امڙيون پيار ۽ پاٻوهه ۾ پٽن تان سِر پيون گهورينديون ۽ ان کي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ نه ڏينديون، ان سان هو سماجي طرح به بار بڻجي پوي ٿو.

پنهنجي ٻارن کي ٽي سال ٽي مهينا يا گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن تائين اڪيلو رهڻ سيکاريو. ان دوران بنا موبائل جي رهڻ، پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي پئسي ڏوڪڙ جو حساب ڪتاب پاڻ رکڻ جي ننڍڙي مشق ضرور ڪرڻ گهرجي. ان سان هڪ ته اجائي انا ختم ٿيندي ٻيو ته ماڻهو کي احساس ٿيندو ته جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڪن ٿا اهو انهن لاءِ ڪيترو اهم آهي. سنڌ ۾ هن وقت گهڻن ئي گريجوئيٽ نوجوانن کي سٺيون نوڪريون ملي رهيون آهن. سياست جي سرڪڻ ڦاهي کي هڪ پاسي تي رکي جيڪڏهن اسان جا پڙهيل ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون مقابلي جي امتحان جي سٺي تياري ڪن ۽ پنهنجي انگريزي لکڻ، ڳالهائڻ جي مهارت حاصل ڪن ته هو ضرور ڪامياب ٿيندا. ويجهڙائي ۾ اهڙا کوڙ چٽاڀيٽي وارا امتحان ٿيا آهن جن ۾ سنڌ جا نوجوان ڊي ايس پي ۽ مختيارڪار جهڙين پوسٽن تي فائز ٿيا آهن.

سرهائي آهي جو جيڪب آباد جي هڪ هندو نياڻي به پوليس کاتي ۾ ڊي ايس پي ٿي آهي. تنهنڪري اجاين ڪمن ۾ توانائيون وڃائڻ کان بهتر آهي ته اچو لائبريريون وسايون ۽ اکرن جي ڳوٺن جي ڳلين ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيون. مطالعو ڪرڻ تمام ضروري آهي. ياد رکو جڏهن ڪنهن لائبريري ۾ پڙهڻ لاءِ ويهو يا ڪنهن مقابلي جي امتحان يا يونيورسٽي امتحان لاءِ پڙهو ٿا ته پوءِ ٻه چار ڇهه اٺ ڪلاڪ موبائل بند ڪري ڪتاب تي هاءِ لائٽر سان رنگ ڀريندا وڃو ۽ ڪتاب مان ڏهه ويهه نوٽس وٺو ۽ اهو نوٽ بڪ يا ڳاڙهي نيري پرچي وري وري ڏسو ڪتاب مان گهڻو ڪجهه ياد ٿي ويندو. باقي اوهان جو واٽس ايپ سوشل ميڊيا به هلي پيو، موبائل به کليل هجي ۽ اوهين عالم فاضل ٿي وڃو اهو مشڪل آهي. منطق ان کي مڃي ڪونه ٿو. اڄ ڪلهه ڪتابن جي خريداري زورن تي آهي، ڪتاب خريد ڪرڻ کان پهرين هڪ فهرست تيار ڪري پوءِ ڪتاب وٺو. ڪوبه هڪ ڪتاب شروع ڪريو ڀل ان کي پورو ڪرڻ ۾ مهينو لڳي وڃي. ڪتاب پڙهي پورو ڪري ويهه سٽن ۾ ئي صحيح ان جو خلاصو تت ضرور لکو. ورزش، هلڪي واڪ جي عادت پيدا ڪيو، واندن گروپن ۽ دوستن کان پاسو ڪريو، زندگي خوبصورت آهي. غصو نه ڪريو، گهر ۾ ننڍن ڀيڻ ڀائرن سان سٺو سلوڪ ڪريو، ڪوشش ڪري نشي پتي کان پاسيرا رهو، پنهنجي مائٽن سان سچ ڳالهايو، پيءُ ماءُ کي دوست بڻايو، پنهنجي چڙ تي قابو رکو. ذهن برف جيان ۽ زبان ماکي جهڙي هجي، کاڌي پيتي جي شين مان عيب نه ڪڍو. اهو سوچيو ته اوهان کي پوءِ به اهو ٻوڙ ميسر ته ٿيو آهي، متان اوهان کان سٺو نوجوان بکيو سُتو هجي؟ ڏاڏيءَ، ڏاڏي، نانيءَ ناني يا ڪنهن به بزرگ کي گهٽ پڙهيل يا گهٽ عقل وارو نه سمجهو. اوهان ڊجيٽل دور جي پيداوار آهيو ته هو هڪ پوري عهد کي پنهنجي تجرباتي جيئدان ۾ لاهيو ويٺا آهن، تنهنڪري انهن سان جيترو ٿئي اوترو گهڻو وقت گذاريو. ذهن کي مضبوط ڪريو، پاڻ کي سنڀالڻ ۽ گهر کي سنڀالڻ لاءِ اڳيان اچو، گهر پاڙي ۽ درسگاهه جي هر شيءِ کي امانت سمجهي ڪتب آڻيو.

اهڙي وبا جي وقت ۾ توهان نوجوان پاڻ ملهائي سگهو ٿا. تنهن ڪري اچو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو صحيح استعمال ڪري سنڌ لاءِ لاڀائتا بڻجون.