نياز پنهور جي ڪتاب هِنئڙي سَڄَڻَ ساريا تي تبصرو آرسي ۽ عڪس غلام نبي سومرو
“هنئڙي سڄڻ ساريا” نياز پنهور جو لکيل هي ڪتاب گهڻو اهم آهي. هي ڪتاب سوانحي ادب يا ايئن به چئجي ته شخصي خاڪن يا پروفائلز تي مشتمل آهي، اهي هڪ اهڙي طرز تحرير ۽ تخليقيت سان لکيل آهن جو ڪتاب ادب جي دنيا ۾ هڪ تازگي کڻي آيو آهي. اسان وٽ سوانحي ادب ۾ پير علي محمد راشدي، جي ايم سيد، حسام الدين راشدي، عبدالقادر جوڻيجو ۽ غلام رباني آگري جهڙا قدآور ليکڪ موجود رهيا آهن. جن جا ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن”، “جنب گذاريم جن سين”، “هو ڏوٿي هو ڏينهن”، “شڪليون”، “جهڙا گل گلاب جا” ۽ “ڀينر هن ڀنڀور ۾” آهن. اهي ڪتاب جڏهن کان شايع ٿيا آهن تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪيندا رهيا آهن. انهن ۾ تازو اضافو نياز پنهور جو ڪتاب “هنئڙي سڄڻ ساريا” جو سال 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي- ۽ ڪتاب ڇا آهي ڄڻ تحرير جو هڪ نئون جادو آهي. انتهائي سادگي سان ڳالهه کي بيان ڪرڻ جو هنر ڪو نياز پنهور کان سکي. ايڪيهن شخصيتن کي هن ڪوشش ڪئي آهي ته ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري. انهيءَ ڪري اهي خاڪا اچت آهن انهن ۾ ڪا ڊيگهه ناهي. ڪنهن شخص جي سڄي زندگيءَ کي ٽو دي پوائنٽ بيان ڪجي جو انهيءَ جي جيون جو چريتر اکين جي سامهون اچي وڃي. نياز ايئن ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. منهنجي نظر ۾ شخصيتن تي خاڪا لکڻ ۽ ڪنهن جي زندگي، ڪم تخليق ۽ تحرير جو جائزو ڪا آسان ڳالهه ڪونهي. جڏهن ته ڳالهه انهي شخص جي سڄي حياتي ۽ حاصلات جي متعلق هجي. نياز جي انهيءَ شخصي خاڪن کي لکندي جيڪو هن جو شخصن کي ڏسڻ جو مزاح (هيومر) وارو فن آهي اهو غضب جو آهي. هو ان کي لکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. تحرير لکندي جتي مزاح جو موقعو آيو آهي ته هن انهيءَ کي قلمبند ڪري ڇڏيو آهي جو بي اختيار چپن تي مرڪ اچيو وڃي. تحرير جو اهو انداز نياز جو پنهنجو آهي ۽ Unique آهي. ۽ اسان وٽ ويجهڙ ۾ ايئن لکڻ جو رواج نه هو جو ليکڪ هن ڪتاب ۾ کڻي آيو آهي. مون هي ڪتاب دل سان پڙهيو آهي. وري ڪتاب ۾ آيل شخصن جي درد جي بيان ڪرڻ جي هن جي صلاحيت به اتم آهي. هو اکين جي پاڻيءَ کي جو درد جي نشاني آهي ۽ مرڪ جيڪا خوشي ۽ انسباط کي ظاهر ڪري ٿي. هن ٻنهي ڪيفيتن کي هڪ ڪامل تخليقڪار جيان بيان ڪيو آهي. جو ٻئي شخص جي اندر ۾ جو ڪجهه آهي هو انهيءَ کي ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اسان مان گهڻا اهڙا ليکڪ آهن جن کي اهڙي نظر آهي. بلا شڪ هو هڪ صاحب طرز ۽ نظر نواز ليکڪ آهي، هو اهڙو ڪتاب لکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. جنهن ۾ وقت ۽ شخصيتن جي سفر جي روداد آهي. وقت ليکڪ تي مهربان آهي جو هن پنهنجي سموري زندگي انهن شخصن تي جن تي هن لکيو آهي کين پڙهندي، ساڻن گڏ زندگي جا تڙ اوتڙ اڪرندي، ڪجهه سکندي، ڪجهه سيکاريندي گذاري آهي. هو انهن جو رفيق رهيو آهي. رفاقت جو حق هرڪو ئي ادا نه ڪندو آهي جيئن نياز پنهور ادا ڪيو آهي. تحريري ۽ تخليقي حق ادائي بنهه اهم صفت آهي. بلا شڪ نياز پنهور هڪ وفادار شخص آهي ۽ سندس وفائن جو نتيجو مذڪوره ڪتاب آهي. ڪتاب کان وڌيڪ معتبر گواهي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. اچو ته ڪتاب جو جائزو وٺون. ڪتاب جو مهاڳ حسن مجتبيٰ لکيو آهي. حسن اسان جو هڪ دلبر ليکڪ آهي ۽ سڀني کان الڳ- هن جو تحريري حسن زمانن تائين هلندو. مهاڳ جي شروع ۾ ئي هو لکي ٿو: “صحيح پروفائل لکڻ ماڻهو جو ايڪسري ڪرڻ جي برابر هوندو آهي… مون کي هي ڪتاب پڙهڻ ۾ پورا ٻائيتاليهه سال لڳا…” ۽ حسن مجتبيٰ پنهنجي زندگي ۾ پويان هليو ويو. حيدرآباد جيڪا حسن مجتبيٰ ۽ انهن شخصن جي زندگي ۾ اهم آهي جن تي خاڪا لکيا ويا آهن نياز جي تحرير جو اهو جادو آهي جو آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جو هي دوست ناسٽليجيا جي ڪيفيت ۾ اچي وڃي ٿو ۽ پنهنجي جوانيءَ کي ياد ڪرڻ لڳي ٿو: “ٻيو ڇا لکان زندگيءَ جي گاڏي کاتي ۾ تو سان ٻيهر ملندس” مهاڳ لاءِ حسن مجتبيٰ جي آخري سٽ- جيڪا هڪ آرزو کي ظاهر ڪري ٿي. اها آرزو “هنئڙي سڄ ساريا” ڪتاب جي رومان ان ۾ جاڳائي آهي. گذري ويل وقت، يادگيريون ۽ دوستن جا قصا جيڪي ليکڪ ڪمال خوبيءَ سان بيان ڪيا آهن. نياز پنهور ڪتاب جو پنهنجي پاران وارو حصو هڪ نئين طرز سان بيان ڪيو آهي. هڪ اخبار نويس هئڻ ڪري دل جي سموري احوال کي خبر مان ظاهر ڪيو آهي، نياز جي پنهنجي پاران کي منفرد نموني لکڻ جي ادا ڄڻ هڪ نئين تخيلقي ڪوشش آهي ته دل جي ڳالهه ائين به لکبي آهي.
ڪتاب جو پهريون خاڪو مدد علي سنڌيءَ تي آهي جو هڪ همه جهت شخص آهي: اديب، سياستدان ۽ صحافي. اسين سڀ هن جي تحريرن جا عاشق آهيون. هن جي شخصيت تي لکندي هن ڪوشش ڪئي آهي ته هو ادب ۽ صحافت جي هن غير معمولي تخليقڪار سان انصاف ڪري. جو هن ڪيو آهي. اها معلومات منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ هئي جا ڪتاب ۾ هينئن بيان ڪيل آهي: “…جڏهن قاضي محمد اڪبر جي ماڻهو شناس اک کي مدد علي سنڌيءَ ۾ اهو صحافي نظر اچي ويو ته هن کيس اخبار جوائن ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ ان سان گڏ هڪ جملو چيو. اهڙو جملو جنهن کي اهڙا شخص چوندا آهن جن جو هٿ زماني جي نبض تي هوندو آهي. بلا شڪ قاضي صاحب جي ماڻهو شناس نظر ۽ ادراڪ ئي هو، جنهن کانئس اهو جملو چورايو: “هڪ مايوس سياستدان لاءِ صحافت ئي آخري اجهو ۽ ڇپرو هوندو آهي” هن صحافت ۾ پاڻ مڃايو. حسن مجتبيٰ جهڙو صاحب طرز ليکڪ به هن کي استاد مڃي ٿو. جيئن مون اڳ به لکيو آهي ته نياز پنهور پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۾ مزاح کان بخوبي ڪم وٺي ٿو، پر هو هڪ درد آشنا ليکڪ آهي ۽ لکڻ جو اهڙو ڪاريگر جو جڏهن ڪتاب ۾ آيل شخصيتن جي زندگيءَ جو درد هڪ سٽ ۾ بيان ڪري ٿو ته اسين پڙهندڙ درد جي هڪ لهر سان مقابل ٿي وڃون ٿا ۽ ڪا دير ڪتاب پڙهڻ رڪجي وڃي ٿو ۽ درد آهي جو پنهنجي تمام تر ڪيفيت سان اسان کي گهيري ۾ وٺي ڇڏي ٿو. مدد علي سنڌي واري خاڪي جي هيءَ سٽ پڙهو: “… پر هو اڄ به هڪ مهيني جي پگهار ليٽ ٿيڻ تي تڪليفن ۽ مشڪلات ۾ اچي ويندو آهي” ۽ زاهده ڏيٿو جي خاڪي جي هيءَ سٽ: “پر مون کي خبر آهي ته زاهده جون خوشيون لڙڪن جي پاڻيءَ سان ڳوهيل آهن” اهو سڀ پڙهي دل اٻاڻڪي ٿي وڃي ٿي. درد ڇو حساس ماڻهن سان ئي مقابل هجي ٿو، اسان جي سماج ۽ ان جي بنياد ۽ انساني روين ۾ اها ڪهڙي ڪمي آهي جو حساس دل ماڻهو انهيءَ درد سان مقابلي ۾ آهي ۽ انهيءَ درد جو ڪو درمان ئي ڪونهي.
ڪتاب جو ٻيو خاڪو تاج جويو تي آهي. تاج هڪ ڪميٽيڊ شخص آهي هو ادب ۽ سياست جو پورهيت آهي ساده مزاج ۽ اعليٰ ذهن. ليکڪ وٽ جو مزاح آهي اهو اهم آهي. هو سنجيده ڳالهه ڪندي ڪندي هو پُر مزاح ڳالهه به آرام سان ڪريو وڃي. جيئن تاج جي بسڪوٽ دشمني تي لکيو اٿائين: “…جيڪڏهن تاج ماني کائي آيو آهي پوءِ به جيڪڏهن چانهه سان گڏ بسڪوٽن جا چار پيڪٽ سندس سامهون رکو ته پاٺي کي ڇڏي باقي سمورن بسڪوٽن کي تاج جيڪو ٻرو ڏيندو ان بابت سوين اديبن کي آئون شاهد طور پيش ڪري سگهان ٿو…”
نصير مرزا تي لکيل خاڪي جو پنهنجو الڳ رنگ آهي ان جو عنوان ئي آهي نصير مرزا جو سلسليوار زائچو. سمورو خاڪو ننڍن ۽ دلچسپ عنوانن سان لکيل آهي جيڪو ٻنهي اديبن جي گهري تعلق کي ظاهر ڪري ٿو. سندن هڪٻئي سان جيڪا حجت آهي اها هن خاڪي مان ظاهر آهي، پر نصير مرزا جهڙي ليکڪ تي هن پروفائل ۾ گهڻي تحقيق جي ضرورت هئي. جيئن مٿي عرض ڪيل آهي ته ليکڪ پنهنجي ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ مزاح کي وسيلو بڻائي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي اهو طنز جي صورت اختيار ڪريو وڃي لکڻ هميشه هر حال ۾ احتياط جو متقاضي هجي ٿو.
عبدالقادر جوڻيجو تي سندس خاڪو هن جي ذاتي ادبي زندگي جو تز بيان آهي. هن جو آخري انٽرويو نياز پنهور ۽ نصير مرزا گڏ ورتو آهي. جنهن ۾ هن جي آخري ايامن جي تصوير ڪشي آهي. هو اسان کي ٻڌائين ٿا ته آخر تائين اهو شخص نا تواني جي حالت ۾ صبح کان شام تائين پنهنجو ادبي تخليقي ڪم ڪندو رهي ٿو. روشن ذهن ۽ روشن مزاج عبدالقادر جوڻيجو جو اهو ادبي ۽ شخصي احوال اهم به آهي ۽ ياد رهجي وڃڻ وارو پڻ آهي.
حميد سنڌيءَ تي خاڪو جيتوڻيڪ مختصر آهي، پر هن جي زندگي ادبي تخلقين ۽ تحريڪن جو بيان ان ۾ سمويل آهي. هن جي ادارت ۾ روح رهاڻ جا مشعل جلائي ان جي سُهائي اڄ سودو قائم آهي. خاڪي ۾ شيخ اياز جهڙي قدآور شاعر ۽ نثر نويس به روح رهاڻ رسالي جي صورت ۾ هن جي پورهئي جي پذيرائي ڪئي آهي.
ڪتاب ۾ هڪ خاڪو محترم خان محمد پنهور تي آهي. ڪي ماڻهو پنهنجي وجود ۾ تحريڪ ٿين ٿا ۽ تاريخ به، تحريڪون پيدا ڪندڙ به ته هلچل هلائيندڙ به. پنهنجي حصي جو ياد رهڻ وارو ڪم ڪري اهي تاريخ کي به ٺاهين ٿا. خاڪي ۾ هن جي زندگيءَ جي ڪمن جا جيڪي تفصيل آهن اهي هڪ ماڻهو جي وس جي ڳالهه ته ناهن، پر خان محمد پنهور هڪ اڻ ورچ شخص هو:
“جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي”
شاهه جي ان سٽ جي حساب سان هن خوشي خوشي بيپناهه ڪم ڪيو. ٻارن جي تنظيم ٻارن جي ٻاري اداره گلشن ادب لاءِ هو جڏهن پاڻ ٻار هو ته انهن لاءِ بيمثال ڪم ڪيو. پوءِ سگا جو قائم ٿيڻ، ڳوٺ سڌار سنگت، انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي نوڪري ۽ انهيءَ دوران وڏن عالمي ليڊرن سان ملاقاتن جا شرف. پي ايڇ ڊي ڪرڻ- نئين روشني پراجيڪٽ تحت سموري سنڌ ۾ اسڪولن جو ڄار وڇائڻ اهي سڀ ڪم هن پنهنجي ڪل عمر اوڻونجاهه سالن ۾ ڪيا. ليکڪ لکي ٿو ته سندس زندگي جي ڪاميابي جي راهه به هن شخص متعين ڪئي. سوين هزارين ماڻهو هوندا جن سان هن ڀلايون ۽ ڀيرا ڪيا هوندا. هن خاڪي پڙهڻ کانپوءِ خان محمد پنهور لاءِ هميشه جيءَ ۾ جايون هونديون.
ڪتاب ۾ هڪ خاڪو ماٺيڻو اوٺو تي آهي. ايڪيهن خاڪن ۾ هي خاڪو هڪ اهڙي شاعر ۽ عاشق شخص جو آهي جنهن خودڪشي ڪري ڇڏي. نياز ان خاڪي کي اهڙي ريت بيان ڪيو آهي جو هن جي شخصيت جي متعلق سموري معلومات سامهون اچي بيهي ٿي. هڪ هنڌ بيان ٿيل آهي ته: “اهو اوپن سيڪريٽ هو ته ماٺيڻي محبت جي ميدان ۾ پير رکي ڇڏيو هو…”
محبت ماڻهو سان ايئن ڇو ٿي ڪري ايترو نادار جو نه مرڪ آهي ۽ نه خوشي آهي سڀ کان اهم ته زندگي زندگي نٿي رهي. عشق ۾ نامراد شخص جي بايولاجيڪل ڪلاڪ جا ڇا پنهنجا الڳ سيڪنڊ، منٽ ۽ ڪلاڪ آهن؟ وقت جي گردش ماٺيڻو اوٺو جهڙن ماڻهن لاءِ ٻي طرح ڇو آهي؟ ڇا چئجي. هڪ ڳالهه ضرور ڪبي ته ماٺيڻو اوٺو اسان کي وسري رهيو هو ته نياز پنهور پنهنجي هن ڪتاب ۾ اسان کي هن جي ياد ڏياري آهي، هڪ معصوم شخص جي- ياد هڪ شاعر ۽ هڪ عاشق جي.
ناز سهتو وارو خاڪو اهم ان ڪري به آهي ته ليکڪ ۽ هن جي زندگيءَ جي جدوجهد جو ميدان هڪ آهي. ٻئي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا هيروز آهن. ليکڪ ناز لاءِ لکي ٿو ته: “مون ناز کي جواني ۾ 24-24 ڪلاڪ ڪم ڪندي ڏٺو…” يقينن ناز پنهنجو مقام محنت ۽ ٽئلنٽ سان ٺاهيو آهي. ناز تي لکيل هي پروفائل اجهو هينئن ختم ٿئي ٿو، اهڙي مڃتا ڪو ذهين پر نياز مند ماڻهو ئي ڏيئي سگهي ٿو نياز ۾ واقعي درياءَ دلي آهي ۽ سامهون واري شخص کي مڃڻ جو حوصلو پڻ: “ناز مون لاءِ هڪ رول ماڊل آهي. مون صحافي هئڻ باوجود هن کي ڏسي صحافت سکي. اسان جي صحافتي اوسر لڳ ڀڳ گڏ ٿي آهي، پر هن جيڪي تڪڙا تڪڙا قدم کنيا، جيڪي همت ڀريا فيصلا ڪيا، جيڪي صحافت جا نوان رنگ ۽ روپ تخليق ڪيا، مون انهن تي قدم رکيو. انهن تي هليس. آئون الائي ڪيترين جاين تي هن جو ڪامپيٽيٽر رهيو آهيان، پر سچ پڇو ته هو مون کان هميشه ٻه قدم اڳتي رهيو آهي. هن جا قدم ڪڏهن به رڪيا ناهن. هو وڌندو رهي ٿو. منهنجي دعا آهي ته هو اڃان به اڳتي وڌي، گهڻو اڳيان، اڃان به گهڻو اڳيان…”
ليکڪ زوار نقوي وارو خاڪو ڪتاب ۾ آيل سڀني خاڪن کان مختلف آهي. جيئن اسين اڳ به ڳالهه ڪري آيا آهيون ته هن ڪتاب ۾ آيل شخصيتن جي درد کي به بيان ڪيو آهي ۽ ڪٿي پنهنجي تخليقيت کي مزاح جي رنگ ۾ رنڱي حيران ڪندڙ نتيجا حاصل ڪيا آهن. زوار نقوي صاحب سان لڳي ٿو نياز صاحب کي گهڻي ويجهڙائي به آهي. هي خاڪو ياد رهجي وڃڻ واري اهڙي تحرير آهي جنهن کي پڙهي توهان جي چپن تي مرڪ اچي وڃي ٿي. هڪ جاءِ تي گهڻي اهم ڳالهه لکيل آهي. جڏهن اسان جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي حاضري بنهه ناهي يا گهٽ آهي. زوار نقوي حيدرآباد جي هڪ ڪاليج جي پرنسپل جي عهدي تي ڪيئن آهي هن جي معامله فهمي، تعليم ۽ ڪاليج سان دلچسپي نياز پنهور هينئن بيان ڪئي آهي: “زوار نقوي هڪ ڪاليج جو پرنسپل آهي، اهو ڪاليج سالن کان ڦٽل حالت ۾ هو. نه استاد ٿي آيا ۽ نه شاگردن ٿي ڀيرو ڀڳو. زوار نقوي ڪجهه وقت ته شاگردن جو انتظار ڪيو، پر پوءِ هڪ ڏينهن ڪاري رنگ جو گائون پائي، مٿي تي ڪيپ رکي ڪاليج جي شاگردن جي داخلا فارم تان ايڊريسون هٿ ڪري هر شاگرد جي در تي پهچي ويو. هرهڪ ٻار جي والد ۽ ٻار سان ذاتي طور ملاقات ڪيائين. تعليم، مستقبل، ملڪ، ذميوارين ۽ سچائين تي هڪ وڏو ليڪچر ڏئي، کين هر حالت ۾ ڪاليج اچڻ جي تلقين ڪيائين. ڪجهه دڙڪا، ڪجهه دهمان ڏيندو واپس ڪاليج موٽي آيو. اها مشق ٻه ٽي ڏينهن جاري رکيائين. اڄ سندس اهو ڪاليج حيدرآباد شهر جي ڪجهه اهڙن ڪاليجن مان هڪ آهي، جنهن ۾ ٻارڙن جي باقاعده رش آهي. هو هاڻي پاڻ به روز ڪلاسن ۾ وڃي ٿو. روزانو پاڻ به ڪلاس وٺي ٿو ۽ ٻين استادن جي به حاضريءَ کي يقيني بڻائي ٿو…”
ٽي پروفائل اهم آهن جيڪي نذير ناز، زاهده ڏيٿو ۽ نزهت پٺاڻ تي آهن. ماڻهو جا ڏک سک، جدوجهد ۽ حاصلات مجموعي هجڻ گهرجن ۽ آهن، پر ڇا ڪجي جو اسان وٽ صنفي امتياز هڪ حقيقت آهي. انهن ٽن عورتن وڏي جدوجهد ڪري ڪاميابي ماڻي آهي. انهن جون خوبيون مشعل راهه هجڻ گهرجن. عورتن لاءِ ۽ اسان سڀني مردن لاءِ به، نياز هتي به تحريري ۽ تخليقي ڪمال تي آهي جو هو انهن ٽنهي شخصيتن ۽ انهن جي زندگين ۾ پيش آيل ننڍين ننڍين ڳالهين مان وڏا نتيجا اخذ ڪري ٿو ته انهن شخصيتن زندگي سان ڪيئن وهنوار ڪيو ۽ ڪاميابي ماڻي.
هڪ خاڪو غلام اڪبر ڪلر تي آهي. نياز پنهور هڪ احسان شناس ماڻهو آهي. پاڻ هن ڪتاب “هنئڙي سڄڻ ساريا” ۾ جي مختلف خاڪن ۾ ڪوشش ڪري انهن شخصن جي احسانن جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙو ئي شخص هُو غلام اڪبر ڪلر کي سمجهي ٿو. “مان اڄ جيڪو ڪجهه آهيان سو پنهنجي هن استاد جي ڪري آهيان” اهو هن ڪتاب جي آخري پروفائل جو عنوان آهي. سائين غلام اڪبر صاحب، نياز پنهور جو پهريون اسڪول ماستر آهي جنهن تعليم جا پهريان چار سال کيس پڙهايو. پنهنجي هن استاد کي تحسين پيش ڪندي نياز پنهور لکي ٿو: “آئون اڄ جيڪو ڪجهه به ٿي سگهيو آهيان، اهو سڀ ڪجهه سائين غلام اڪبر ڪلر جي ڪري آهيان. سائينءَ اسان کي شاعريءَ جي سکيا ڏني، ريڊيو ۽ اخبارن ڏانهن لکڻ سيکاريو ۽ اهو اعتماد ڏنو، جيڪو شايد، هو اسان جو استاد نه ٿئي ها ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ملي ها…”
هنئڙي سڄڻ ساريا ڪتاب ياد رهڻ وارو ڪتاب آهي. ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، حسن مجتبيٰ، اخلاق انصاري، الطاف شيخ ۽ انور ابڙو جون ڪتاب ۽ ليکڪ تي تحريرون شامل آهن ۽ ايڪيهن شخصيتن تي خاڪا آهن جيڪي پڙهي لڳي ٿو ليکڪ انهي ڪتاب تي گهڻي محنت ڪئي آهي، پر سندس تخليقيت، اظهار ۽ تحرير جي انداز ڪتاب کي خوب بڻائي ڇڏيو آهي. سوانحي نثر جو هي ڪتاب سدائين ياد رهندو.
***

