نيب اهلڪارن جا آغا سراج دراني جي گهرن تي ڇاپا، هٿ نه آيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ سراج دراني سميت 9 جوابدارن جي ضمانت جي درخواست رد ڪرڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آغا سراج دراني جي آمدني ۽ اثاثن ۾ فرق دستاويزن مان به ظاهر ٿئي ٿو. سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ آغا سراج دراني جي گرفتاري لاءِ نيب جون ٻه ٽيمون کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس رهائشگاهن تي پهتيون، گهر ٻاهران ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين موجود رهيون، پر ملازمن نيب ٽيمن کي اندر وڃڻ نه ڏنو ۽ ان جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

