نيب ايڏو سٺو ادارو آهي ته سي پيڪ وارن کي ڇوٽ ڇو پئي ملي؟
ڪراچي ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب قانون ايڏو سٺو آهي ته سي پيڪ اٿارٽي کي ڇوٽ ڇو ڏني پئي وڃي؟ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ مبينا طور ضابطن جي ڀڃڪڙي جي ريفرنس ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي فريادي طرفان شاهد بيان رڪارڊ ڪرايو، شاهد طرفان ايندڙ ٻڌڻي تي دستاويز جمع ڪرايا ويندا، جڏهن ته عدالت وڌيڪ ڪارروائي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته 12 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا خبر نه پئي آهي ته آءِ جي سنڌ کي ڪنهن اغوا ڪيو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي اغوا ڪيو ويو، انتظار آهي ته سپريم ڪورٽ اِن معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بل آيو آهي ته نيب ۾ سي پيڪ کي ڇوٽ هوندي، نيب ايڏو سٺو ادارو آهي ته سي پيڪ وارن کي ڇوٽ ڇو پئي ملي؟ سندس چوڻ هو ته کنڊ 300 ۽ ڪڻڪ جي ڪرپشن 400 ارب رپين کان مٿي هلي وئي آهي، هتي عوام جي کيسن مان پئسا ڪڍيا پيا وڃن پر ڪير پڇڻ وارو ناهي.