ڇا عمران خان فوج بابت بيان ڏئي سندن مورال ڊائون ڪرڻ گهري ٿو؟: چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطھر من الله پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سڌي سنئين تقرير تي پابندي جي پيمرا آرڊر خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ڇا پاڪستاني فوج بابت بيان ڏئي اوھان ان جو مورال ڊائون ڪرڻ چاھيو ٿا؟ عمران خان جي لائيو تقرير تي پابندي جي پيمرا آرڊر خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطھر من الله ڪئي. جڏھن ته عمران خان جي طرفان بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عمران خان جي تقرير تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا، چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو چوڻ ھو ته ذميوار ماڻهو به غير ذميواراڻا بيان ڏيندا آهن، پيمرا کي قانون پٽاندڙ ڪم ڪرڻو آهي، عدالت ڪابه مداخلت نه ڪندي عمران خان جي وڪيل کي چيف جسٽس چيو ته توهان ڪالهه عمران خان جو بيان ٻڌو؟ ڇا سياسي قيادت ائين هوندي آهي؟ ڇا گيم آف ٿرونز لاءِ هر شيءِ کي داءُ تي لڳايو ويندو آهي.

