خاص

نيپرا بجلي في يونٽ اوڻانوي پئسا مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 89 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

جنهن سان بجلي واهپيدارن تي 6 ارب 90 ڪروڙ رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو. جنهن جو نفاذ مارچ جي مهيني جي بلن ۾ ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي ان جو نفاذ نه ٿيندو.