هائبرڊ ماڊل ناڪام ٿي ويو، سڄو پاڪستان ڄاڻي ٿو ته حڪومت ڪيئن آئي: شاهد خاقان

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته هائبرڊ ماڊل ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ پورو پاڪستان ڄاڻي ٿو ته حڪومت ڪيئن آئي. ايل اين جي ريفرنس ۾ ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان گفتگو ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب ماڻهن جون زندگيون تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهي، ڇا چيئرمين نيب کي ڪنهن نه ٻڌايو ته فيصلا اچڻا آهن؟ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته 7 بل اسان جي ترميم مطابق پاس ٿيا. ن ليگ جي رهنما جو چوڻ هو ته حڪومت وٽ اختيار آهن ته هوءَ ڪنهن به پاڪستاني جو پيڇو ڪري سگهي، ڪنهن جي به فون کي ٽيپ ڪري سگهي. هن جو چوڻ هو ته نيب جي اندر پهرين ئي اينٽي مني لانڊرنگ موجود آهي، پر حڪومت بدنيتي تي ٻڌل بل پاس ڪرايا جنهن جو فيٽف سان ڪو تعلق نه آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته عدالت جي ڪمري ۾ ڪئمرا لڳائي عوام کي ڏيکاريو وڃي ته ڇا هلي رهيو آهي. هن چيو ته هائبرڊ ماڊل ناڪام ٿي چڪو آهي سڄو پاڪستان ڄاڻي ٿو ته حڪومت ڪيئن آئي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments