هلندڙ سال جو آخري مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندو
اسلام آباد موسميات کاتي موجب هلندڙ سال جو آخري مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندو، پر اهو پاڪستان ۾ نظر نه ايندو. سج گرهڻ ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا، بحرالڪاهل ۾ نظر ايندو. پاڪستاني وقت موجب سج گرهڻ شام 6 لڳي 34 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ رات جو 11 لڳي 53 منٽن تي ختم ٿيندو. پاڪستان ۾ ان کان اڳ 21 جون 2020 تي سج گرهڻ ڏٺو ويو ۽ سکر ۾ 98 سيڪڙو سج گرهڻ ٿيو هو. هلندڙ سال سج کي ٻه ۽ چنڊ کي 4 ڀيرا گرهڻ لڳو. هلندڙ سال 10 جنوري 5 جون 4 جولاءِ ۽ 30 نومبر تي چنڊ گرهڻ ٿيو هو. سال 2020 ۾ پهريون سج گرهڻ 21 جون تي ٿيو هو ۽ ٻيو اڄ 14 ڊسمبر تي ٿيندو. ايندڙ سال 2021 جو پهريون چنڊ گرهڻ 26 مئي ۽ سج گرهڻ 10 جون 2021 تي ٿيندو.