هم هين بنارس ڪي ڀيا

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

هم هين بنارس ڪي ڀيا

الطاف شيخ

گنگا نديءَ جي ڪناري تي هندستان جو هي شهر بنارس جيڪو ورانسي ۽ ڪاشي به سڏجي ٿو هڪ عجيب شهر آهي، جنهن ۾ ٻارهوئي ميلو متل رَهي ٿو. هن شهر جي زيارت لاءِ، گنگا ۾ ٽٻي ڏئي پنهنجا پاپَ ڌوئڻ لاءِ، مري ويل پنهنجن پيارن کي گنگا جي پاڻي ۾ لوڙهڻ يا چکيا چاڙهڻ لاءِ روزانو هزارن جي تعداد ۾ اچن ٿا. هڪ طرف ياتري ۽ فارين ٽوئرسٽ ته ٻئي طرف شاگردن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي ڇو جو بنارس نه فقط مندرن ۽ گهاٽن جو شهر آهي، پر اسڪولن ۽ اسپتالن جو به شهر آهي ۽ هن شهر جي رونق هن صديءَ کان نه آهي ۽ نه ورهاڱي کانپوءِ جي جيئن اسان وٽ حيدرآباد وارو قاسم آباد يا اسلام آباد آهي. بنارس ته صدين کان آباد شهر آهي. اڄ کان فقط ٻه صديون اڳ جڏهن اڃان ڪوالالمپور يا ڪينيا جي گاديءَ واري سهڻي شهر نئروبي جو پهريون گهر به نه ٺهيو هو تڏهن به بنارس ۾ روزانو پري پري کان ياتري گهوڙن، گڏهن ۽ اٺن تي چڙهي يا پيادل پنڌ پهتا ٿي. بنارس عيسوي سن کان به پراڻو آهي.. ايترو پراڻو جيترا هندو ڌرم جا پاڪ ڪِتاب ويد. منهنجي خيالَ ۾ دنيا جو ٻيو ڪو ورلي شهر هوندو جنهن جو احوال ايترن مختلف تاريخي ۽ جاگرافي ڪِتابن ۾ ۽ ناولن ۽ سفر نامن ۾ آيو هوندو. فلمن ۾ ڏيکاريو ويو هوندو… ها هڪ ٻه اهڙا شهر لنڊن، قاهرا جهڙا ضرور آهن، پر ملاڪا، ممبئي، لاهور، جِدو، حيدرآباد هرگز نه.

ڪيترا اهڙا ناول جيڪي انگريزن انڊِيا جي پسمنظر ۾ لکيا يا اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن انگريزي ۾ لکيا انهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڦيرائي گيرائي بنارس شهر جو ذڪر ضرور آندو آهي. ڪاليج جي ڏينهن ۾ ان قسمَ جا انگريزن جا لکيل ناول باواني جنڪشن ۽ A passage to India پڙهي هندستان جي ڪيترن تاريخي شهرن جا نالا ياد ٿي ويا هئا. بنارس به انهن مان هڪ آهي. بنارس سان به ڪيتريون ئي شيون وابسته آهن جيئن سيام (ٿائلينڊ جي آڳاٽي نالي) سان سيام ٻلي، سيامي جاڙا (Siamese Twins)، سيامي مانگر مڇ جيڪو مٺي پاڻيءَ جو واڳون آهي ۽ ملائيشيا، انڊونيشيا بورنيو، ويٽنام، برما ۽ ڪمبوڊيا پاسي نظر اچي ٿو ۽ جنهن جي سائنسي ناليCrocodiles Siemens’s ۾ به سيام (ٿائلينڊ) جو نالو اچي ٿو. جيئن ايران جي پراڻي نالي پرشيا جي سڃاڻپ سان ڪيتريون ئي شيون لاڳو آهن جيئن: پرشين غاليچا، پرشين ميلن (ايراني گدرو)، پرشن پِڪل (ايراني آچار) ۽ ڪيترن رنگن جا خاص شيڊ پڻ ايران (پرشيا) سان وابسته آهن جهڙوڪ: پرشن بلو، پرشن پنڪ…. وغيره. تيئن ڪجهه شين جي  ناموس ۽ ناماچار بنارس جي ڪري به آهي جيئن ته بنارسي پان، بنارسي ساڙهي، بنارسي بابو.. وغيره.

بنارسي ساڙهيون سڄي انڊيا ۾ سهڻيون ۽ قيمتي سمجھيون وڃن ٿيون جيڪي سون ۽ چاندي جي ڌاڳن واري بروڪيڊ واري ڪپڙي ۽ زري واري ڀرت سان ٺاهيون وڃن ٿيون. هي ساڙهيون گهڻو ڪري نازڪ قسمَ جي سلڪ سان اڻيون وڃن ٿيون. بهرحال هاڻ ته ان قسم جون ساڙهيون ملتان ۽ بنگلاديش جي شهر نواکلي ۾ به ٿيون ٺهن، پر اهي به بنارسي سڏائين ٿيون.

هونئن دهلي جا ٺڳَ ته ٻڌا اٿئون، پر بنارس جا ٺڳ به مشهور آهن. گهٽ ۾ گهٽ ان نالي واري فلم “بنارسي ٺڳ” اسان ڪيترائي دفعا چٽگانگ ۾ ڏٺي هئي جڏهن اسان اتي مئرين انجنيئرنگ پڙهي رهيا هئاسين. ان بعد سگهوئي… 1964ع ڌاري پاڪستان ۾ انڊين فلمن جي نمائش تي بندش لڳي وئي هئي، مٿين فلم 1962ع ۾ ٺهي جنهن جو هيرو “منوج ڪمار”، هو جنهن جي ماءُ لليتا پوار ٿي هئي جيڪا پوءِ به ڪافي فلمن ۾ ايندي رهي. ان فلم جا گانا اڄ به ٻڌڻ سان اسان کي چٽگانگ (جيڪو هاڻ پاڪستان نه پر بنگلاديش جو شهر آهي) جي الماس سئنيما ياد ٿي اچي جنهن ۾ اها فلم ڏٺي هئيسين. هڪ گانو هو.

کلي کلي زلفون ڪو بانڌ ڀي لو

هو جائي نا دنيا ۾ شام ڪهين

يون نه ديکو تم مجهڪو

هو جائي نا هم بدنام ڪهين

هن فلم جي هيروئن وجايا چوڌري ئي هئي، پر پوءِ هوءَ ان بعد ٻين فلمن ۾ نظر نه آئي هڪ ٻيو گانو جيڪو هيرو (منوج) ۽ هيروئن گڏجي ڳايو هو.

ايڪ بات پوڇتا هون

گر تم برا نه مانو

ديکا ڪهين هي تم ني

دل ميرا کوگيا هي

ميرا هي هوڪي مجهه سي

ناراض هوگيا هي. ناراض….

اهي ٻئي گانا مُڪيش ۽ لَتا گڏجي ڳايا آهن.

بنارس شهر جي نالي سان “بنارسي بابو” نالي پڻ فلم آهي جيڪا ايتري پراڻي ناهي، پر تڏهن به 1997ع جي آهي. فلم ۾ شڪتي ڪپور، قادر خان ۽ بندو پڻ آهن. هيروئن رامايا ۽ هيرو گووندا هو. گووندا (فلم ۾ سندس نالو گوپي آهي) بنارس جو هڪ ڄٽ نموني جو نوجوان ٿيو آهي جنهن جي شادي ولايت کان موٽيل مڌو (رامايا) سان ٿئي ٿي. اميتاڀ بچن ۽ راجيش کنا بعد، ڏسان پيو ته هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ پاسي، گووندا ڪافي مشهور آهي. گووندا سياستدان به ٿي رهيو. هو ڪانگريس پارٽي جو ماڻهو هو ۽ 2004ع واري صوبائي اليڪشن ۾ مهاراشٽرا رياست جي پارليامينٽ (لوڪ سڀا) ۾ ممبئي جي سيٽ تي چونڊيو هو. شايد فلمن جي مشهوري ڪري ۽ سٺي طبيعت ڪري هن مخالف همراهه (جيڪو پنج دفعا ان سيٽ تي کٽيندو رهيو) کي اڌ لک ووٽن جي برتري تي شڪست ڏني هئي. اليڪشن دوران گووندا خوب نعرا هڻي ماڻهن کي متاثر ڪيو جن مان هڪ هو ته: پراواس (سواري)، سوا سٿيا (صحت) ۽ گيان (تعليم)… پر ميمبر ٿي ڪو ٻوٽو نه ٻاريائين ۽ عوام طرفان سخت تنقيد جو نشانو رهيو.

هِتي اهو به لکندو هلان ته گووندا (سڄو نالو گووندا ارجن آهوجا) جي وڏن جو ڳوٺ اسان واري صوبي پنجاب جو گجرانوالا آهي جِتي سندس پيءُ ارون آهوجا 1917ع ۾ ڄائو جنهن لاهور جي انجنيئرنگ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. شروع جي ڏينهن جو هڪ پروڊيوسر محبوب خان کيس 1937ع ۾ ممبئي وٺي آيو ۽ پنهنجي فلم “ايڪ هي راسته” ۾ هيرو جو پارٽ ڏنائين. سندس ائڪٽنگ جا جوهر 1940ع ۾ ٺهيل “عورت” فلم ۾ نظر اچن ٿا.

گووندا جي ماءُ نسيم مسلمان هئي جيڪا پوءِ هندو ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي نرملا ديوي سڏائڻ لڳي. ارون (گووندا جو پيءُ) ۽ نسيم (ماءُ) پهريون دفعو سويرا فلم ٺهڻ دوران مليا ۽ 1941ع ۾ شادي ڪيائون. چون ٿا ته ارون کي پوءِ پنهنجيون فلمون ٺاهڻ جو شوق ٿيو، پر پهرين ئي فلم جنهن جو هو پروڊيوسر ٿيو سخت ناڪامياب (فلاپ) وئي، کيس وڏو نقصان ٿيو جنهن جي صدمي ۾ هو کٽ تي ڪريو ته مرڻ تائين بيمار ئي رهيو. سندن گهر ممبئي جي ڪارٽر روڊ تي هو، اهو وڪڻي ممبئي جي اتر ۾ ٻهراڙي واري علائقي ويرار ۾ اچي رهيو جِتي گووندا 1963ع ۾ ڄائو. لاڙڪاڻي جو ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جيڪو ممبئي ۾ گووندا جو پاڙيسري ۽ دوست پڻ آهي تنهن مٿين ڳالهين کان علاوه اهو به ٻڌايو ته گووندا ڇهن ٻارن ۾ ننڍو آهي. ان ڪري هن کي ننڍي هوندي کان وٺي گهر ۾ چي چي سڏين ٿا. چي چي پنجابي ٻولي جو لفظ آهي جيڪا اڄ به گووندا جي گهر ۾ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ان لفظ جي معنيٰ آهي چيچ (هٿ جي ننڍي آڱر) گووندا جو پيءُ جيئن ته فلم نه هلڻ جي غم ۾ بيمار رهيو ان ڪري گووندا جي ماءُ نرملا ديويءَ کين نپائي وڏو ڪيو.

بهرحال هِتي اسين بنارس جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن شهر تي تمام گهڻا ڪِتابَ لکيل آهن. ان کان علاوه بنارس ۽ ان جي ماڻهن ۽ خاص شين جي نالن تي پڻ فلمون ٺهيل آهن ۽ ڪيترن گانن ۾ پڻ هن شهر جو ذڪر اچي ٿو. جيئن اميتاڀ بچن ۽ تبوءَ جي هڪ فلم “قهرام” ۾ هڪ گاني جا ٻولَ هن ريت آهن:

هم هين بنارس کي ڀيا، هو ميري ڀيا

جس ڪو ڀي چاهي نچا دين

اڙي چڙهه ڪي نا اتري گي او ڀيا

هم ايسي مستي پلا دين، او ڀيا…

اهو گانو ڀوڄپوري ٻولي جو مزاحيه گانو آهي جيڪو اميتاڀ بچن ۽ نانا پاٽيڪر ڳائين ٿا. هيءَ فلم 1999ع جي آهي.

شبانا اعظمي جي ڀاڻيجي ۽ فلم ائڪٽريس فرح ناز جي ننڍي ڀيڻ “تبو” تي ٻه سٽون لکڻ ٿو چاهيان جيڪا پنهنجي وقت جي بيحد مشهور فلم  ائڪٽريس رهي آهي ۽ جنهن هندي فلمن کان علاوه ڪيترين تامل، تيلگو، مليالم، مراٺي ۽ بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ان کان علاوه هالي ووڊ جي انگريزي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو جو سهڻي ۽ سٺي ائڪٽنگ سان گڏ، سٺن انگريزي اسڪولن مان پڙهڻ ڪري هن جي انگريزي به سٺي آهي.

تَبو (Tabu) سڄو نالو تبسم هاشمي 1971ع ۾ جمال هاشمي ۽ رضوانه جي گهر حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو. اڃان سال اڌ جي هئي ته سندس والدين جي طلاق ٿي وئي. سندس ماءُ اسڪول ٽيچر هئي ۽ سندس نانو ۽ ناني رٽائرڊ پروفيسر هئا جن حيدرآباد دکن ۾ اسڪول هلايو ٿي. سندس نانو محمد احسن مئٿس جو پروفيسر ۽ ناني انگريزي ادب جي پروفيسر هئي. تبو مئٽرڪ تائين حيدرآباد دکن جي ڪانوينٽ اسڪول سينٽ اينس (St. Anns) هاءِ اسڪول مان تعليم ورتي ان بعد ممبئي هلي آئي جِتان جي مشهور ڪاليج سينٽ زئوير مان وڌيڪَ پڙهي. هن ڪاليج ۽ ممبئي جي ڪجهه ٻين انگريز راڄ جي مشهور جھونن ڪاليجن بابت آئون پنهنجي هندستان جي سفر نامي “ممبئي منهنجي ڀاڪر ۾” تفصيلي احوال لکي چڪو آهيان.

تبوءَ جون ڪجهه ٻيون هندي فلمون جيڪي مشهور آهن هن ريت آهن: بارڊر، سجن چلي سسرال، بيوي نمبر 1، ماچيس، چيني ڪم، چاندي بار وغيره ۽ آمريڪي فلم The Namesake ۽ ائنگ لي جي فلم Life of Pi ۾ کيس ڪيترائي ايوارڊ مِلي چُڪا آهن جن مان هڪ “پدما شري” پڻ آهي جيڪو انڊيا جو چوٿون وڏو ايوارڊ آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments